هڪ رات ڪاليج جي چئين شاگردن کي راند ڪندي ڪافي رات چڙهي وئي۔۔۔ ايتري قدر جو هُو ٻئي ڏينهن تي پنهنجي استاد طرفان رکيل ٽيسٽ جي پڻ تياري نه ڪري سگهيا۔۔۔۔۔
صبح جو هنن هڪ منصوبو ٺاهيو ۽ منصوبي مطابق پنهنجن ڪپڙن کي هلڪو ميرو ۽ پاڻ کي ٿڪل ٿڪل ظاهر ڪيو۔۔۔ جنهن کان پوءِ هوُ ڪاليج جي پرنسيپال وٽ آيا ۽ عرض ڪيائون ته رات اسان هڪ دوست جي شادي ۾ شريڪ ٿيڻ وياسين۔۔۔ پروگرام جلدي واپس اچڻ جو هو پر ڇا ڪجي جو ڪاڄ واري بس جو ٽائر پنڪچر ٿي پيو ۽ بس ڊرائيور وٽ سپيئر ٽائر نه هئڻ ڪري هو بس کي ڌڪيندا واپس موٽيا آهن۔۔۔ جنهن ڪري هوُ پيپر جي تياري نه ڪري سگهيا آهن۔۔۔۔
پرنسيپال سندن سان همدردي ڏيکاريندي کين چيو ته ”ڪا ڳالهه نه آهي توهان چئن جي ٽيسٽ ٽن ڏينهن کان پوءِ ورتي ويندي۔۔۔۔“
انهن پرنسيپال جو شڪريو ادا ڪيو ۽ آفيس کان ٻاهر نڪري آيا۔۔۔۔ پنهنجي عقلمندي تي هنن ٻاهر اچي ڪافي ٽهڪ ڏنا۔۔۔
جيئن ته هنن کي ٽي ڏينهن وڌيڪ جو وقت ملي چڪو هو ان ڪري هنن ٻين شاگردن کان ٽيسٽ ۾ آيل سوال پڇيا ۽ زور شور سان ٽيسٽ جي تياري شروع ڪري ڏني ۔۔۔۔
ٽئين ڏينهن چارئي دوست پرنسپال وٽ پهتا ۔۔۔۔ پرنسيپال کين چيو ۔۔”جيئن ته هي ٽيسٽ توهان سان خراب صورتحال پيش اچڻ ڪري مخصوص طور رکي وئي آهي ان ڪري توهان چئيني کي الڳ الڳ مختلف ڪلاس رومز ۾ ويهي ٽيسٽ ڏيڻي پوندي۔۔۔“
جيئن ته هنن لڳاتار ٽي ڏينهن ٽيسٽ جي تياري ڪئي هئي ۽ ان ڪري بي فڪر ٿي الڳ الڳ ڪلاس رومز ۾ ويهڻ تي راضي ٿيا۔۔۔
ٽيسٽ جو پيپر ٻن سوالن تي مشتمل هو ۔۔۔۔ جنهن تي 100 مارڪس رکيل هيون۔۔۔ ۽ سوال ڪجهه هن طرح هئا۔۔۔۔
سوال نمبر 1: پنهنجو نالو لکو۔۔۔۔؟ (2 مارڪون)
سوال نمبر2: ان رات بس جو ڪهڙو ٽائر پنڪچر ٿيو۔۔؟ (98 مارڪون)
(الف): اڳيون کاٻو
(ب): اڳيون ساڄو
(د): پويون کاٻو
(ج): پويون ساڄو