ٻڌو اٿم جنگل ۾ به ڪو دستور هوندو آ...بشيراحمد عسڪريآئي اين پي جي رپورٽ مطابق 2012 ۾ 39 خود ڪش حملا ٿيا جنهن ۾ 365 ڄڻا قتل ٿيا ۽ 602 زخمي ٿيا 47 ڊرون حملن ۾ 337 ڄڻا شهيد ٿيا ، افغاني سرحد تان پاڪستان تي 745 حملا ڪيا ويا . ڪائونٽر ٽيرا رزم جي ڊيپارٽمينٽ پنجاب جي رپورٽ جي مطابق 2012 جي آخر ۾ 337 دهشتگردي جا واقعا ٿيا، انهن ۾ 57 فرقيواريت وارا هئا ، سنڌ ۾ 126 بلوچستان ۾ 58 ، خيبرپختونخواهه ۾ 73 فاٽا ۾ 68 پنجاب ۽ گلگت ۾ 5 واقعا پيش آيا جنهن ۾ هلاڪتن جو ڳاڻيٽو 803 هو 2012 جي شروعاتي 9 مهينن ۾ ڪراچي ۾ 60 واپاري قتل ۽ 200 اغوا ڪيا ويا . ڪراچي ٽارگٽ ڪلنگ ۾ 31 ڊسمبر کان 24 جنوري تائين 193 ڄڻا مارجي ويا . ڊسمبر ۾ پشاور مان اغوا ٿيل 21 سيڪيورٽي اهلڪارن کي قتل ڪيو ويو ، انهي ڏينهن ڪراچي ۾ بم ڌماڪن ۾ 7 ڄڻا هلاڪ ۽ 50 زخمي ٿيا ٽارگٽ ڪلنگ ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا 30 ڊسمبر بلوچستان مستونگ ۾ بس تي بم ڌماڪي ۾ 20 هلاڪ ۽ 25 ڄڻا زخمي ٿيا ............ قارئين ! انهي رپورٽ کي اڄ 25 مارچ 2013 تائين تحرير ڪيو وڃي ته ، نه ڄاڻ ڪيترا اهڙا هانو ڏاريندڙ واقعا نظر ايندا نه ڄاڻ پاڪستان ۾ هر لهندڙ سج جي ڳاڙهاڻ ۾ ڪيترن مظلومن جو رت شامل هوندو آهي. انهي سموري دل ڏهڪائيندڙ صورتحال جي باوجود به حڪمرانن ۽ سياستدانن جا اهي ساڳيا رسمي بيان آهن ۽ عوام جي اها ساڳي بي حسي آهي.سمجهه ۾ نٿو اچي سياسي پارٽين جي کوکلن نعرن ۽ ڪوڙن منشورن جي دلفريب ڄار ۾ ڦاٿل عوام جو ضمير ڪڏهن بيدار ٿيندو ، اهي ڪڏهن سمجهي سگهندا ته جن کي اهي پنهنجا اڳواڻ ، سرواڻ ، رهبر ۽ رهنما سمجهن ٿا اهي ته انساني روپ ۾ اهي راڪاس آهن جيڪي دولت ، اقتدار ۽ پنهنجي سياسي مقصدن جي لاءِ ڪنهن جي به عزت ، جان ۽ مال به نيلام ڪري سگهن ٿا ، انهن سياسي پارٽين پنهنجي حڪومتي دور ۾ جن ڪامورن کي ڀرتي ڪيو انهن پڙهيل لکيل ڪامورن سمورن محڪمن ۾ ٻنهي هٿن سان لٽيو ، انهي سياسي پارٽين جي ڇاڙتن اسان تعليمي ادارن سياسي تنظيمون بڻائي تعليمي ادارن کي تباهي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو ، اهي سياسي پارٽيون ئي آهن جن پنهنجي ذاتي مقصد جي خاطر پاڪستاني مسلمان کي قومي تعصب جي رنگ ۾ رنگيو ، اهي سياسي پارٽيون ئي آهن جن پنهنجي ذاتي مقصد جي خاطر خوني هڙتالون ڪرائي پاڪستان جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو. ها اهي ڀيانڪ سياسي مقصد ئي آهن جن روشني جي شهر ڪراچي کي بد امني جي اماس اونڌائي ۾ ڌڪي ڇڏيو بي گناهن جو وهندڙ رت ، يتيم ٿيندڙ معصومن جا ڳوڙها ، ڪٺل ڪونڌرن جي جيجل مائرن جون آهون ، ور ڇنيل ونين جون اوڇگارون گواهي ڏيئي رهيون آهن هن ساڻيهه جي شهرن ۽ وستين ۾ انسانيت بي ڪفن لاش جيئان انسان نما راڪاسن جي لتن ۾ لتاڙجي رهي آهي ، ولر ۾اڏامندڙ پکين ۽ جنگل ۾ رهندڙ جيتن ۽ جانورن ۾ ماڻهن کان وڌيڪ ميٺ نظر ايندو ؛ ولر ڪيو وتن ، پرت نه ڇنن پاڻ ۾پسو پکيئڙن ماڻهان ميٺ گهڻوزهره نگاهه اسان جي ديس جي صورتحال کي جنگل سان ڀيٽا ڏيندي ڪيتري نه حقيقي ترجماني ڪئي آهي : ٻڌو اٿم ته جنگل ۾ ڪو دستور هوندو آ.............. ٻڌو اٿم ته شينهن جو جڏهن پيٽ ڀربو آهي ته هو حملو ناهي ڪندو وڻن جي گهاٽي ڇانو ۾ ليٽي پوندو آ هوا جا تيز جهونڪا جڏهن وڻن کي لوڏيندا آهن ته مينا پنهنجا ٻچڙا ڇڏي ڪانو جي ٻچن کي پنهنجي پرن ۾ لڪائيندي آهي ٻڌو اٿم ته آکيري مان ڪو پکي ڪري پوي ته پورو جنگل جاڳي پوندو آهي ٻڌو اٿم ته جڏهن شڪاري پکي جي آکيري جو پاڇو پاڻي ۾ ڏسبو آهي ته نديون جون مڇيون ان کي پاڙيسري سمجهنديون آهن ڪو طوفان اچي يا ڪو پل ٽٽي ... ڪاٺ جي هڪ تخت تي کيلوڙي ، نانگ ، ٻڪري ۽ چيتو گڏ هوندا آهن ٻڌو اٿم ته جنگل ۾ ڪو دستور هوندو آ........... اي خدا جليل ومعتبر دانا ۽ بينا منصف و اڪبر ! منهنجي هن شهر ۾ جنگهل جو ڪو قانون نافذ ڪر ٻڌو اٿم ته جنگل ۾ ڪو دستور هوندو آ................ ( زهره نگاهه جي نظمسُنا ہے جنگلوں کا بھی کوئی دستور ہوتا ہےجو سنڌي ترجمو ) ماضي ۽ حال جا خوني منظر جڏهن ذهن جي پيچرن تي بي چيني جي ڪيفيت پيدا ڪندا آهن ته مستقبل جا سمورا رستا ڌنڌلا نظر ايندا آهن ايئن لڳندو آهي ته ديس واسين جي بي حسي ۽ حڪمرانن ۽ سياستدانن جا وڪاميل ضمير آخرڪار هر پارکو ۽ درد دل رکندڙ انسان کي ايئن چوڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا ته : اے چاند یہاں نہ نکلا کربے نام سے سپنے دیکھا کریہاں اُلٹی گنگا بہتی ہےاس دیس میں اندھے حاکم ہیںنہ ڈرتے ہیں نہ نادم ہیں نہ لوگوں کے وہ خادم ہیںہے یہاں پہ کاروبار بہتاس دیس میں گردے بکتے ہیںکچھ لوگ ہیں عالی شان بہت اور کچھ کا مقصد روٹی ہےوہ کہتے ہیں سب اچھا ہےمغرب کا راج ہی سچا ہےیہ دیس ہے اندھے لوگوں کااے چاند یہاں نہ نکلا کر(سنڌاسلام ڊاٽ ڪام جي ٿورن سان )
ادا ڀلي ڪري آيا . جيڪر تعارف سيڪشن ۾ پنهنجو تعارف ڪرائيندا ته سٺو رهندو ، ۽ اها اميد پڻ ڪجي ٿي ته پنهنجن خوبصورت لکڻين سان فورم کي مزين ڪندا رهندا ، والسلام
ڀليڪار سائين ۔۔۔۔ انگ اکر پڙهي حيرت ٿئي ٿي ۔۔۔ پر هن ملڪ جي ٻين ماڻهن وانگر اسان به الائي ڇو انهن حالتن جا عادي ٿي ويا آهيون۔ خبر ناهي هن ملڪ جو امن ڪڏهن ورندو ۽ ڪير انسانيت کي مان ڏيندي هن قتل عام تي ڪا ڪاروائي ڪندو ۔۔۔۔
ڪڏهن ڪنهن وقت ۾ اهو ٻڌندا هئا سين ته ”يار هتي ته صفا ڪو جهنگ جو قانون آهي“ پر اڄ اهو بڌي ڪري اهو احساس جاڳي پيو ته ٻيلي اهو جهنگ جو قانون ئي بهتر آهي۔۔اسان انسانن وارو قانون ته اشرف المخلوقات واري لقب کي ئي لڄائي وڌو آهي۔۔۔ اي خدا جليل ومعتبر دانا ۽ بينا منصف و اڪبر ! منهنجي هن شهر ۾ جنگهل جو ڪو قانون نافذ ڪر ٻڌو اٿم ته جنگل ۾ ڪو دستور هوندو آ...........