(عورت هميشه اڌوري) اڌوري خوشي اڌوري خواهش اڌوري ملڪيت اڌورو پيار اڌوري زندگي اڌورا خواب ۽ اڌوري جنت جي لاحاصلاتن ۾ ڀٽڪيل رهي ٿي. نور
اڌورو پيار اڌوري زندگي اڌورا خواب اڌوريون رسمون، اڌوريون ريتون، اڌورا رشتا، اڌورا انسان۔۔۔مڪمل ته ڪير به ڪونهي۔۔۔
هن دنيا ۾ ته مرد به ائين چون ٿا ته اسان جي زندگي اڌوري آهي بهرحال ائين به ناهي اسلام ۾ عورت کي وڏي عزت ۽ احترام وارو مقام عطا ڪيو ويو آهي حديث شريف ۾ آهي ته جنت ماء جي قدمن هيٺان آهي ٻي حديث شريف ۾ آهي ماء پيء جي رضامندي ۾ رب جو راضپو آهي انهن جي ناراضگي ۾ رب به ناراض آهي الله تعالي قرآن ۾ فرمايو آهي ته ماء پيء کي اف به نه چئو۔ فَلا تَقُلْ لَهُمَا أُفٍّ وَلا تَنْهَرْهُمَا وَقُلْ لَهُمَا قَوْلاً كَرِيما حديث شريف ۾ آهي من عال جاريتين حتى تبلغا جاء يوم القيامة أنا وهو كهاتين وضم أصابعه]]. [رواه مسلم جنهن ٻن نياڻين کي سٺي پرورش ڪري جوان ڪيو محبوبن پنهنجي ٻن آڱرين کي ملائي فرمايو ته اهو شخص ۽ مان جنت ۾ هيئن گڏ هونداسين قُلْ لِلْمُؤْمِنِينَ يَغُضُّوا مِنْ أَبْصَارِهِمْ الله تعالي فرمائي ته اي محبوب مومنن کي فرمايو ته عورتن کي ڏسن ته پنهنجون اکيون هيٺ ڪن عورت کي ته الله تعالي بلند مرتبو عطا فرمايو آهي جيئن چئبو آهي ته ڪير جو مون ڏي اک کڻي نهاري سگهي اها حيثيت ته الله تعالي عورت کي عطا فرمائي آهي۔ ائين به معاشري ۾ سخت محنت وارا ڪم گرميءَ سرديء ۾ هر ڪاهڻ محنت مزدوري ڪرڻ مرد جو ڪم آهي عورت نياڻي هجي يا گهر واري يا ڀيڻ يا ماء ان لاء گهر ۾ ئي عزت سان کاڌ خوارڪ پوشاڪ وغيره جو انتظام ڪيو ويندو آهي۔ جنهن رب ڪريم ايترا حق ڏنا آهن ان پالڻهار ڪجهه احڪام به نازل فرمايا آهن ڪجهه مردن لاء ڪجهه عورتن لاءَ
بابل سائين، حق ته آهن، پر کاڌا وڃن ٿا عورت ڌيء هوندي گھٽ ملڪيت جي وارث ڇو؟ اگر عورت بي اولاد آهي ته مڙس جي ملڪيت جو وارث ڀاء يا ڪو ٻيو ڇو؟ سماج جي ڳالھ ڪجي ته اتي به عورت جي تعليم مرد جي تعليم کان گھٽ ڇو؟ پٽ جي تعليم جو ته گھڻو خيال رکنداسين پر نياڻي لاء نه ائين ئي هزارين نا انصافيون آهن ڪهڙيون ڳڻائيان بابل۔
ڀيڻ جيڪڏهن توهان الله کي خالق مڃو ٿا ته رب جي تقسيم تي اعتراض ڇو؟ عورت کي گهٽ ملڪيت ان ڪري جو ٻاهريون سڄو ڪارو بار مرد سنڀالي ٿو گهر ۾ خرچ هلائڻ به مرد جي ذمه آهي عورت ڀيڻ هجي يا ڌيء ان جي شادي وغيره جو خرچ به مرد ڪري ٿو اهي سڀ ذميداريون الله تعالي مرد تي رکيون آهن جيئن قرآن ۾ آهي الرِّجَالُ قَوَّامُونَ عَلَى النِّسَاءِ يعني مرد عورتن کي قائم رکندڙ آهن اگر عورت بي اولاد آهي ته مڙس جي ملڪيت جو وارث ڀاء يا ڪو ٻيو ڇو؟ عورت جو تعلق نڪاح کان بعد مڙس سان ٿئي ٿو ليڪن ڀاء جو تعلق ته خون جو رشتو آهي جيڪو پيء ماء جي ذريعي زال کان اڳ ۾ ئي قائم آهي زال نڪاح ذريعه رشته دار آهي ته ڀاء ته پهريائين کان رشته دار آهي پوء اعتراض ڇو؟ سماج جي ڳالهه تي پاڻ نه ٿا ڳالهايون جو اسان وٽ اسلامي معاشرو قائم نه آهي ورنه محبوب عليه الصلوت والسلام جن جي حديث مٿي به پيش ٿي چڪي آهي ته نياڻين جي پرورش ڀلي ڪرڻ لاء محبوبن پنهنجي معيت جو اعلان فرمايو آهي رهيو تعليم جو سوال سو به محبوب عليه الصلوت والسلام جن مرد عورت ٻنهي لاء فرمايو آهي ته طلب العلم فريضة على کل مسلم و مسلمة علم حاصل ڪرڻ هر مرد توڙي عورت تي فرض آهي باقي معاشري ۾ ان تي عمل توهان اسان نه ٿا ڪيون ته قصور وار ته اسان آهيون ائين ته معاشري ۾ الله جي احڪام جي ڪيتري بجا آوري آهي سا به سڀ کي خبر آهي پٽ جي تعليم جو گهڻو خيال سو به معاشري جي فردن جو قصور آهي اسلام جو حڪم مٿي ذڪر ٿي چڪو اسلام ته اسان کي اهو به سيکاري ٿو ته گهر ۾ ڪا شيء آڻيو ته ورهائڻ وقت شروعات اول نياڻين کان ڪيو۔ اگر توهان رب کي پنهنجو خالق سمجهو ٿا رب جي هر حڪم ۾ هزارين حڪمتون آهن اعتراض نه ڪرڻ گهرجي باقي معاشرو سماج اسان جهڙن فردن مان ٺهي ٿو اگر توهان کي سماج کان شڪايت آهي ته اسان توهان سڀ سماج جا فرد آهيون اسان سڀني کي پنهنجي پنهنجي اصلاح ڪرڻ گهرجي ته سماج بهترين ٿي ويندو۔ مقصد بحث نه آهي فقط اصلاح جي ڪوشش آهي۔
مڙس جي ملڪيت مان حصو اولاد جي ملڪيت مان حصو ڀائرن جي ملڪيت مان حصو اڌ وري ڪيئن سائين ۔ دينِ الاهي دينِ فطرت آهي اسلام جي ورثات ۾ نقص ناهي اسان جي سمجھ ۾ ڪو نُقص آهي ۔ وسلام
عورت کي ڀل مذهب ڪيترا به حق ڏنا هجن پر هن سماج جي مردن هميشه پنهنجن عورتن کي غلام بڻائي هر شيء ۾ اڌورو حق ڏنو آهي۔
مرد کي وراست صرف پي جي حصي مان ملندي آهي جڏهن ته عورت کي پي جي حصي مان ، خاوند جي حصي کان علاواه اولاد تي به حق آهي باقي پورو پورو حق ڏيئڻ سِکون هان ته اڄ هي ڏينهن نه ڏِسون ها مان ته چوندو هان پهريان پنهنجي پنهنجي نياڻين کي پورا حق ڏيو پو انهن کان پنهنجا حق گهرو
ادا عورت وري اڌوري ڪيئن ٿي هن ته گهرن جا گهر اڌو اڌ ڪري ڇڏيا ۔ ڏسو ڏاڏي وارا چار ڀائر ها جڏهن هنن جون شاديون ٿيون ته سڀ جو سڀ اڌو اڌ ٿيندا ويا۔ وري بابا وارا ٽي ڀائر ها شادي کان پهريان گڏ شادي کان پوءِ جنهن شادي ڪئي سو جدا ٿيندو ويو تان جو ٽئي ڀائر ڌار ڌار ٿي ويا ۔ وري اسان ٽي ڀائر اسان سان به اهو حشر ٿيو جيئن جيئن اهي حضرت حورون اسان جي گهرن ۾ اينديون ويون تيئن تيئن اسان ڀائر به جدا جدا ٿيندا ويا سين ۔ هي هيترا اڌ ڪري به عورت اڌوري سبحان الله هاءِ ۔ وسلام
توهان سڀني عورتن کي الزام نٿا ڏئي سگھو عورت توهان جي ماء به آھي توهان جي ڀيڻ به، شايد توھانجي گھر واري به. ھي تعليم جو فقدان ھوندو آھي ادا. يا ڪجھ ناسمجهه والدين جي تربيت جيڪي پنھنجي ڌيئرن کي سمجھا ئي نه سگھندا آھن ته جئين تون پھنجي ماء، پئ، ڀيڻ ۽ ڀائرن کي ڇڏي پئ ونڄين آيئن ھو به ساڳيا رشتا آھن ان کان پوئي ذميداري مرد تي ھوندي آھي ته ھو زال کي ھن مقام ڏياري گھر وارن کي ھنن جو مقام ائين عزت ڏياري اگر ھو پھرين ڏيھن کان رشتن ۾ توازن نه رکندو ته گھر ائين برباد ٿيندا رھندا رشتا ائين ٽٽندا رھندا
بي ادل معاشرو آهي، هتي يصرف عورت جا حق نه ٿا کاڌا وڃن هر ڏاڍو هيڻي جا حق کانيون ويٺو آهي جي عورت اقتدار ۾ آهي ته مرد جا حق غضب جي مرد اقتدار ۾ آهي ته عورت جا حق غضب. هتي ڪا هڪ مخلوق ان ناانصافي جو شڪار ناهي.بلڪه هر هيڻو ڏاڌڍي جي غضب جو شڪار اهي. وسلام
طاقت جو توازن ئي معاشرتي حقن کي بگاڙي ٿو . معاشرتي گهرجون يا ضرورتون وقت سان گڏ هلڻ گهرجن . ڪي ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن ،جن تي سخت ٿي بيهڻ نه گهرجي . پر علما ڪرام بس ڳنڍ ڏيئي بيهي ٿا رهن .بس چون ٿا ته اسلامي حڪم آهي . پر اسلام ته نالو ئي آهي سلامتي سان زندگي گزارڻ جو . هن وقت يا ان وقت طاقت مردن جي هٿن ۾ قيد هئي يا آهي .تنهن ڪري عورت کي ملڪيت ۾ يا شاهدي ڏيڻ ۾ گهٽ حصو مليو . اسلام کان اڳ عورتن تي وڌيڪ ظلم ٿيندو هو ان ظلم ۾ گهٽتائي اسلام آندي ته ان وقت جي عورتن به ان کي غنيمت سمجهي قبول ڪيو . علمي ڄاڻ ۽ طاقت جي زور تي شهري عورتون ،ٻهراڙي وارين عورتن جي ڀيٽ ۾ مردن کي سوگهو ڪيون ويٺيون آهن .پر ڪي قانوني حق مولوي انهن کي ڏين جي لا تيار ئي ناهن ،پر بهانو اسلام جو ٿا بنائين .
دنيا ۾ الله پاڪ آدم کانپوءِ سڀ ڪجهه پيدا ڪيو...هن ڪائنات ۾ خوبصورت رنگ تخليق ڪيا...پر انهن سڀني کان خوبصورت تخليق عورت هئي..تڏهن ته دنيا جي تاريخ ۾ عورت جي عظمت اهميت ۽ سندس سونهن تي اڄ به سنڌ جي موهن جو دڙو پنهنجي هزارين وريهن قديم تاريخ ۾ به ناچڻي جي مجسمي ۾ عورت جي عزت، مان ۽ مرياده کي هڪ ڊانسنگ گرل جي روپ ۾ دنيا آڏو ظاهر ڪري، اهو واضح ڪري ڇڏيو آهي، ته آدم جي تخليق کان وٺي قيامت تائين عورت سونهن جي سوڀيه ۽ انساني تخليق ۽ وجود جو اٽوٽ حصو رهندي....
ڏاڏل شينو بلڪل صحيح چيو (مڙس جي ملڪيت مان حصو اولاد جي ملڪيت مان حصو ڀائرن جي ملڪيت مان حصو اڌ وري ڪيئن سائين ۔ دينِ الاهي دينِ فطرت آهي اسلام جي ورثات ۾ نقص ناهي اسان جي سمجھ ۾ ڪو نُقص آهي ۔) ما جي حيثيت ۾ ، نياڻي جي حيثيت ۾ ،زال آهي ته زال جا حق هر مقام تي عورت مقدس ۽ مقدم آهي عورت کي اسلام جيڪو مان ڏنو آهي ، ان ۾ ڪنهن کي شڪ آهي ته قرآني تعليمات مان ڪجھ کوجنا ڪري ڏسي ، رهيو سوال ته ...اسلام ته حق ڏنا آهن پر عورت کي اهو مقام ملي نه ٿو . ان جو اصل سبب ته اسان تعليمات کان پري آهيون شهرن جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙين ۾ وڌيڪ ظلم به جهالت جي ڪري آهي . شهر ۾ تعليم ڪجھ نه ڪجھ شعور بخشيو آهي . عورت جي حق تلفي جو ذميوار مرد آهي جنهن ان کي محروم رکيو آهي . هينئر آزادي جو لولي پاپ ڏيئي وڏيڪ ان کي بي وقعت ڪيو پيو وڃي . مرد تي عورت جا ڪيترائي حق آهن . هاڻي آزادي جي آڙ ۾ انهن جي تحفظ ۽ ذميواري مان دستبردار ٿو ٿيڻ چاهي ۽ مزي جي ڳالھ ته ان ۾ آزادي جي نالي ۾ استعمال به عورت کي ئي ڪيو پيو وڃي .