ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران مرحوم شاعر تاجل بيوس جي پونئيرن جي لاءِ 5 لک. ڪراچي ۾ ڪنهن به هڪ روڊ جو نالو تاجل بيوس رکڻ ۽ مرحوم جو اڻ ڇپيل مواد شايع ڪرائڻ جو اعلان، ڪالهه مقامي هوٽل ۾ ثقافت کاتي جي سيڪريٽري شمس جعفراڻي تاجل بيوس جي پهرئين ورسي جي تقريب ۾ اعلان ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري شمس جعفراڻي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته تاجل بيوس هند ۽ سنڌ جو وڏو شاعر هو، خاص ڪري وائي ۽ بيت ۾ اسان وٽ هن جو ڪوبه مٽ نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن هندستان جي اديبن کي سنڌ جي اديبن سان ملائڻ ۾ تاجل پل وارو ڪردار ادا ڪيو. ان موقعي تي شاعر ۽ اديب شمشيرالحيدري چيو ته اڄ مان جيڪڏهن جيئرو آهيان ته تاجل جي ڪري ئي آهيان. تاجل سان شنائي 40 سالن تائين رهي. اسان جي اهڙي دوستي پڪي ٿي وئي جو اها سڱابندي تائين پهچي وئي. اسان ٻنهي جي شخصيت هڪڙئي هئي، ماڻهو مون کي تاجل ۽ تاجل کي شمشير سمجهندا هئا. ان موقعي تي ناول نگار آغا سليم چيو ته ثقافت کاتي وارا پهريان به هن هوٽل ۾ مرحوم شاعر قمر شهباز جي اڻ ڇپيل ڪتابن جي ڇپرائڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ اڄ وري تاجل جي ڪتابن جي ڇپرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي پر ثقافت کاتي وارا ڇو شاعرن ۽ اديبن جي مرڻ جو انتظار ڪن ٿا. شمشيرالحيدري، سراج ۽ ٻين زنده اديبن جا ڪتاب ڇونه ٿا شايع ڪرايا وڃن، ڊاڪٽر فهميده حسين چيو ته تاجل کي انڊيا ۾ ”سنڌ منهنجي امان“ جي شاعري جي ڪري گهڻي شهرت ملي. ڪڏهن ڪڏهن شاعر هڪ شعبي جي ڪري به مشهور ۽ مقبول ٿي ويندا آهن. تاجل عوامي شاعر هو، ڊاڪٽر سليمان شيخ چيو ته تاجل اها شخصيت هئي جنهن کي سگا 2 ڀيرا گولڊ ميڊل ڏنو. شاعر هدايت بلوچ چيو ته تاجل بيوس جي شاعري ۾ ڌرتي کي ڀيٽا ڏنل آهي، مان تاجل کي شهيد ڪتاب جو لقب ڏيان ٿو. عبدالغفار تبسم چيو ته تاجل جڏهن هن دنيا مان وڃي رهيو هو ته ان وقت هر ماڻهو اهو سمجهي رهيو هو ته ڪو سندس مائٽ وڇڙيو آهي، تقريب کي آڪاش انصاري، رکيل مورائي ۽ ڊاڪٽر ڪمل ڄامڙو به خطاب ڪيو، آخر ۾ راڳي حنيف لاشاري، صادق فقير ۽ ٻين تاجل جي شاعري ڳائي ماڻهن تي وجدتاري ڪيو، آخر ۾ سنڌ جي مختلف ادبي تنظيمن ۽ سرڪاري ادارن پاران مرحوم شاعر تاجل بيوس جي خدمتن جي عيوض شيلڊون ڏنيون ويون، جيڪي سندس خاندان جي فردن لڙڪ لاڙيندي وصول ڪيون، هوڏانهن تقريب جي خاص مهمان صوبائي وزير سسئي پليجو آخر تائين تقريب ۾ نه پهتي ۽ ڪرسي خالي پيل رهي.
روزاني ڪاوش جي حوالي سان