ڪجهه ڏينهن پهريان منهنجي موڪل جي دوران ڪنهن ڪال ڪري پنهنجو نالو جابر ٻڌايو ۽ چيائين ته ادا مون سنڌ سلامت تي رجسٽريشن ڪرائي هڪ سوال موڪليو آهي پر ڪنهن جواب نه آهي ڏنو۔۔۔
دوست جو سوال هيو ته ۔۔۔”منهنجي ڪمپيوٽر ۾ وائرس جي ڪري منهنجي ڊيٽا جيڪا ورڊ فائيلز ۾ لکيل هئي سا ڪرپٽ ٿي چڪي آهي ۽ اهو فائيل ڪجهه عجيب غريب ٻولي يا وري مختلف ڊٻن جي صورت ۾ کُلي ٿي۔۔۔ ان جو ڪو حل ٻڌايو۔۔۔“
دوستو مٿئين دوست سان پيش ايندڙ مسئلو تقريبن گهڻ ساٿين سان پيش اچي چڪو آهي جنهنجو سبب پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ ڪو طاقتور اينٽي وائرس انسٽال نه ڪرڻ آهي ۽ جي وري ڪو اينٽي وائرس انسٽال آهي ته اهو اپڊيٽ ٿيل نه آهي۔۔۔ جنهن ڪري عام طور آفيس 95، آفيس 97، آفيس 2000، آفيس ايڪس پي ۽ آفيس 2003 جا ورڊ فارميٽ ۾ تيار ڪيل فائيل ڪرپٽ ٿيو وڃن جنهن سان خاص ڪري آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ دوست يا وري ڪمپوزيشن ڪندڙ دوست ڪافي پريشان رهندا آهن۔۔۔
اڄ هتي مان ڪجهه حل پيش ڪري رهيو آهيان مونکي يقين آهي ته ساٿي هن تحرير مان لاڀائتا ٿيندا۔۔۔
1۔ ڪجهه دوست ڪرپٽ ٿيل ڊيٽا تان هٿ کڻي ويندا آهن پر مزيد پريشاني کان بچڻ لاءِ ٻين ورڊ فائيلز کي زپ فولڊر ۾ محفوظ رکندا آهن ۽ اڪثر انهن زپ فولڊرس کي پاسورڊ لڳائيندا آهن۔۔۔
2۔ ڪجهه دوست وڌيڪ پريشاني کان بچڻ لاءِ Tools مينو تي ڪلڪ ڪري Option ۽ پوءِ وري Save ٽيب کي سليڪٽ ڪري اتي موجود اختيار Always creat a backup copy تي چيڪ لڳائيندا آهن جنهن سان ان فائيل جي هڪ بيڪ اپ ڪاپي پڻ تيار ٿي پوندي آهي ۽ پوءِ جڏهن اصل فائيل ڪرپٽ ٿي ويندي آهي ته بيڪ اپ فائيل کي کولي ڪارآمد بڻايو ويندو آهي۔۔۔
3۔ هڪ ٻيو حل آهي ته Help مينو ۾ وڃي About MS Word تي ڪلڪ ڪريو ۔۔۔ هاڻي کُلندڙ ونڊوز مان Disabled Items.. بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو ۔۔۔ جتي نئين کلندڙ ونڊوز ۾ غير فعال ٿيل آئيٽمز کي سليڪٽ ڪري Enable بٽڻ ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔۔
4۔ eRepair Word هڪ طاقتور ٽول آهي ۔۔۔ جنهن جي ذريعي توهان ڪنهن به ڪرپٽ ٿيل ورڊ فائيل مان ڊيٽا کي ايڪسٽريڪٽ ڪري حاصل ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔ هن بهترين ٽول کي ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
5۔ Kernel Word Recovery هڪ لاجواب سافٽويئر آهي جنهن جي ذريعي توهان ورڊ فائيل مان ڪرپٽ ٿيل مڪمل ٽيڪسٽ، فارميٽنگ، فونٽ سٽائيل، OLE آبجيڪٽ، هائپرلنڪ، هيڊر، فوٽر، فوٽ نوٽ، ٽيبل، بليٽ ۽ ايتري تائين جو انسرٽ ٿيل تصويرون پڻ آساني ۽ دوستاڻي طريقي سان ريڪور ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔۔ وڌيڪ تفصيل، سافٽويئر جي استعمال جو طريقي ڪار ۽ سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔
هن سافٽويئرجون ڪجهه سڪرين شاٽس حاضر آهن۔۔۔
مون کي يقين آهي ته توهان لاءِ هي ٽيوٽريل انتهائي ڪار آمد هوندو ۽ پسند آيو هوندو۔۔۔ توهان جي مثبت ردِعمل جو انتظار رهندو۔۔۔۔