سدائين وڏڙن کي انگريزن جي نفسيات يا عادتن جي حوالي سان ڪا تحقيق ٻڌائبي هئي ته سندن هميشه اها ئي ڳالهه هوندي هئي ته ابا انگريز ته آهن واندا انهن جي ڳالهين تي غور ئي نه ڪريو، اهي ته رڳو ڪتابي ڳالهيون ٿا ڪن کين خبر ئي ناهي ته “گهڻي ويهان سئو ٿيندو آهي”. بهرحال انهن “واندن انگريزن” مان ئي ڪنهن “واندي” نئين تحقيق ڪئي آهي ته خرچن جو تعلق انسان جي ڳالهائڻ سان به آهي، جيڪو انسان جهڙو ڳالهائي ٿو اهڙو ئي خرچ به ڪندو آهي. ڳالهه ته اچرج جهڙي آهي پر همراهه ان کي ثابت ڪرڻ جو به بار کنيو آهي. اڳ ۾ به اهڙا بحث ٿيندا رهيا آهن ته ٻولي جو انسان جي معاشي زندگي تي اثر ٿيندو آهي ۽ اهو به چيو ويندو آهي ته جنهن ٻولي ۾ گرائمر جي اصولن جي لتاڙ سان به ڳالهائڻ واري جي موقف ۾ تبديلي نه اچي ته ان ٻولي جي ڳالهائڻ وارن ۾ بچت جي عادت گهڻي هوندي آهن ۽ چائنا وارا خاص طرح سان ان دعوا جي حمايت ۾ پيش ڪيا ويندا آهن چون ٿا ته انگريزي ڳالهائڻ وارن کان چيني ڳالهائيندڙ وڌيڪ بچت وارا هوندا آهن!!! بهرحال اهو هڪ اختلافي نظريو آهي پر تازو ان نظريي کي آمريڪا جي ييل يونيورسٽي جي نفسياتي معاشي ماهر ڪيٿ چين جي دريافتن جي مدد سان ڪجهه طاقت ملي آهي. پروفيسر ڪيٿ چين چواڻي ته سندن تحقيق سان ثابت ٿئي ٿو ته اسا جيڪا ٻولي ڳالهائيندا آهيون ان جي گرائمر اسان جي مالي حالت ۽ صحت تي اثر وجهي ٿي. پروفيسر ڪيٿ چين دنيا جي ٻولين کي ٻن ٽولين ۾ ورهائين ٿا جنهن جي هي آهي ته اهي وقت جي تصور سان ڪئين پيش اچن ٿيون. اهي ٻوليون جن اندر مستقبل جي وقت کي ظاهر ڪرڻ لاءِ پڪا اصول موجود آهن (انهن ٻوليون کي مضبوط ايف ٽي آر چيو ويندو آهي) انهن جا ڳالهائيندڙ ايندڙ وقت لاءِ هڪ الڳ جملو ڳالهائيندا آهن جيڪو ايندڙ وقت جي نشاندهي ڪندو آهي ان جي ابتڙ ڪمزور يا گهٽ ايف ٽي آر ٻولين ۾ ايندڙ وقت لاءِ الڳ اصول ناهن اهي حال ۾ ٿيندڙ واقعن وانگر ئي ڳالهائيندا آهن پر ٻڌندڙ انهن جو مفهوم ۽ مطلب سمجهي ويندو آهي. انهي ڳالهه کي هن مثال سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو: جيڪڏهن ڪو چوي ته شام جو کيس هڪ گڏجاڻي ۾ وڃڻو آهي ته کيس چوڻو پوندو ته “ آئون گڏجاڻي ۾ ويندس” پر اهو هي نٿو چئي سگهي ته “آئون گڏجاڻي ۾ ويندو آهيان”. ان عام رواجي جملي ۾ ظاهر آهي ته مستقبل جي لاءِ ڪو واضع اشارو ڏيڻو پوندو آهي پر چيني زبان ۾ جيڪر ايندڙ وقت لاءِ مقرر مخصوص لفظ نه چيا وڃن ته به ڪو فرق ناهي پوندو. ان لاءِ چيني ٻولي ۾ چئي سگهجي ٿو ته “آئون گڏجاڻي ۾ ويندو آهيان” ۽ ٻڌندڙ سولائي سان سمجهي ويندو ته ان مان مراد ايندڙ وقت آهي. پروفيسر چين چواڻي ته يورپين ٻولين ۾ پڻ مستقبل کي اختيار ڪر ڻ جي حوالي سان اختلاف موجود آهن. انگريزي ۾ چيو ويندو آهي ته “سڀاڻي مينهن وسندو” جڏهن ته جرمن ٻولي ۾ چيو ويندو آهي ته “سڀاڻي مينهن وسندو آهي”. پروفيسر جو چوڻ آهي ته اهي ٻوليون ڳالهائڻ وارا جن ۾ ايندڙ وقت جي باري ۾ حال وانگر ئي ڳالهايو ويندو آهي، انهن ۾ ممڪن طور تي بچت ڪرڻ جي عادت وڌيڪ آهي. جڏهن ته جن ٻولين ۾ ايندڙ وقت لاءِ الڳ جملو ۽ انداز هجي ٿو ته انهن جي ڳالهائيندڙن ۾ بچت جو رجحان گهٽ هوندو آهي. سندس چوڻ آهي ته بچت جو عمل جو ڳانڍاپو ان ڳالهه سان آهي ته اوهان مستقبل کي ڪيئين ٿا وٺو. جيڪر اوهان جي ٻولي حال ۽ مستقبل کي الڳ ڪري ٿي ته ان سان اوهان جي حال ۽ مستقبل ۾ پڻ مفاصلو پيدا ٿي ويندو آهي جنهن سان بچت ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو آهي. ان جي ابتڙ جن ٻولين ۾ حال ۽ مستقبل جي لاءِ ڳالهائڻ لاءِ الڳ اصول ناهن انهن جا ڳالهائيندڙ پنهنجي مستقبل کي حال جو ئي حصو سمجهندا آهن. پروفيسر چين پنهنجي تحقيقي مقالي ۾ لکيو آهي ته مستقبل جي الڳ اصول کان بچيل ٻولي ڳالهائڻ وارا مستقبل جو خيال رکندڙ ٻوليون ڳالهائيندڙن جي مقابلي ۾ ذري گهٽ: ريٽائرمينٽ جي وقت 39 سيڪڙو وڌيڪ بچت ڪن ٿا پوري سال ۾ 31 سيڪڙو وڌيڪ بچت ڪن ٿا سگريٽ پيئڻ جو 24 سيڪڙو گهٽ امڪان هوندو آهي جسماني ورزش ڪرڻ جو رجحان 29 سيڪڙو وڌيڪ هوندو آهي ٿولهه جو امڪان 13 سيڪڙو گهٽ هوندو آهي توڻي جو پروفيسر جي هن تحقيق کي ٻولين جي ماهرن ۽ سائنسدانن ٻنهي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي انهن جو خيال آهي ته ماڻهن جي روين ۾ فرق جي پويان ثقافتي، سماجي يا معاشي سبب هوندا آهن. پروفيسر چين به ان ڳالهه کي مڃي ٿو ان جو چوڻ آهي ته جڏهن مون تحقيق شروع ڪئي تن مون کي پاڻ اهي ڳالهيون بيڪار ۽ قبل از وقت محسوس ٿيون پر سندن اهو به چوڻ آهي ته هُن پنهنجي تحقيق ۾ انهن سڀني ڳالهين جو خيال رکيو آهي. پروفيسر پنهنجي تحقيق ۾ 9 ملڪن جي ٻولين کي شامل ڪيو جن ۾ بيلجيئم، برڪينا ڦاسو، ايٿوپيا، ايسٽونيا، ڊي آر ڪانگو، نائيجيريا، مليشيا، سنگاپور ۽ سوئٽزرلينڊ شامل آهن. پروفيسر چين جو اهو به چوڻ آهي ته اهڙا ڪٽنب موجود آهن جيڪي هڪ ٻي جي پاڙي ۾ رهندا آهن انهن جو تعليمي معيار، آمدني ايستائين جو مذهب به ساڳيو آهي پر ان جي باوجود مستقبل جو فرق نه رکندڙ ٻولي ڳالهائڻ وارن ۾ بچت جو رجحان گهڻو آهي. جيئين نائيجريا ۾ هوسا ٻولي ۾ مستقبل لاءِ ڪيترائي اصول آهن ان جي ابتڙ يوروبا ٻولي ۾ ڪوبه خاص اصول ناهي، اوهان ڏسندا ته هوسا ۽ يوروبا ٻوليون ڳالهائيندڙن ۾ بچت ڪرڻ جي روين ۾ گهڻو فرق موجود آهي. بهرحال برطانيه جي ڊريم يونيورسٽي جي پروفيسر مورٽن لو جو چوڻ آهي ته ماڻهن ۾ بچت جي روين جو ٻولي سان ڪوبه واسطو ناهي ان جو چوڻ آهي ته منهنجي پنهنجي تحقيق موجب بچت جو واسطو وياج جي شرح سان آهي. پر پروفيسر چين جو چوڻ آهي ته سندس تحقيق جون پاڙون مضبوط آهن جنهن جا نتيجا نيٺ ايندا. جيڪڏهن پروفيسر ڪيٿ چين جي تحقيق جي روشني ۾ ڏسجي ته اسان جي پرڳڻي ۾ ڳالهايون ويندڙ ٻوليون مضبوط ايف ٽي آر جي ڳڻپ ۾ اچن ٿيون. سنڌي، هندي، اردو، پشتو، پنجابي وغيره ۾ مستقبل جي حوالي سان ٻولي جا اهم اصول موجود آهن سو پروفيسر چين جي ڳالهه سچ آهي ته اسان بهرحال خرچائو ثابت ٿينداسين.