تو ڏٺو آهي ته هن ڌرتي جي وجود جي زري زري تي ڇا گذري رهيو آهي ؟ ڌرتي ڌڻين جي نه عزت محفوظ آهي نه جان نه مال اسان پنهنجيي ديس ۾ به ويڳاڻا پيا ڦرون ۔ پنهنجي ئي گهر ۾ ويڳاڻا۔ ڪڏهن تو باضمير ماڻهن جي ضمير کي ڏٺو آهي جڏهن هنن جي ڀرپاسي ۾ ڪنهن تي ظلم ٿيندو آهي ته انهن جو وجود موسم جي پرواه ڪئي بغير بهار ۾ به پگهر سان شرابور ٿي ويندو آهي ۔ تو ڏٺو آهي هن ڌرتي جي مزدور کي ها مان مزدور لفظ کي غلطي طور تي استعمال ناهي ڪيو ۔ جڏهن هن ڌرتي تي هاري هوندا ها تڏهن هتي خوشحالي هوندي هئي ۔ ڪيڏيون نه ڪچهريون متل هونديون هيون ۔ موسم جي پرواه بنان هتان جي سرءُ جي شام به رنگين هوندي هئي ۔ اڄ ته اهڙو واءُ گهلي آيو آهي هن ڌرتي مٿان جو هن جي بهار به سرُءُ پئي لڳي ۔ هن ڌرتي جو اڳيون هاري هاڻُڪو مذدور ايترو بيوس ٿي ويو آهي جو هن جي گهران دانا بي مُلها نڪري ٿا وڃن ۽ وري جڏهن هن کي انهن جي ضرورٿ پوي ٿي ته هن جي خريداري جي وس کان ٻاهر نڪري ٿا وڃن ۔ تو ديشي ڪڏهن سوچيو آهي ته ائين ڇو آهي ؟ تون جيڪو هاڻي نعرا ٿو هڻي ته اسان جا اثاثا غيرن جي هٿ ۾ هليا ويا آهن ڪڏهن تو اهو سوچيو به آهي ته ائين ڇو ٿيو آهي ؟ ڪڏهن تو سوچيو آهي ته اسان جو دراصل مسئلو آهي ڇا ؟ تو پنهنجي قوم جي مرض جي تشخيص ڪئي آهي؟ ڇا تو پهريان پنهنجو جرم تسليم ڪيو آهي؟ توکان ڪٿان غلطيون ٿيون ،؟ ڇا تون انهن غلطين کي تسليم ڪرڻ لاءِ راضي آهين؟۔ نه تو ته هميشه ٻين کي ڏوهي ڏٺو آهي ۔ ڏس هڪڙي ڳالھ ياد رک هن ڌرتي جو وجودي هيسيت وڃائيندڙ اسان جو ئي ڪو نادان ڀاءُ هيو مان نالا نه ٿو کڻان ته ڦلان ڦلان هيا جيڪي به هيا ۔ پر اها به هڪ حقيقت آهي ته هيا اسان جا ۔ اهو تسليم ڪرڻو پوندو۔ اسان سان ائين ان لاءِ ٿيو، تو ناهي پڙهيو حضرت علي عه جو قول ته نادان دوست کان دانا دُشمن بهتر هوندو آهي ۔ اسان کي هي نقصان ڏيندڙ اسان جا ڪٍجھ بيوقوف آءُ بيوقوف ڪو جذبات جي پيش نظر نه ٿو چوان پيو پر منهنجي نظر ۾ جنهن قومي مفاد کي هيٺاؤڻ رکي ذاتي مقصد کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي بدلي ۾ اسان هي اڄ عذاب ڀوڳي رهيا آهيون، ان شايد اهو نه ڏٺو ته هن پنهنجي قيمت ڪيتري ٿوري هنئي آهي جي هن کي پنهنجي قدرن جي خبر هجي ها ته هي پنهنجي جسم جيڪو فنا ٿيڻُو آهي ۽ هن جسم جي اندر هڪ جسم جنهن کي باقي رهڻو آهي ان کي هميشه جي بيچيني ڏئي ڪو عقلمندي جو ڪم ناهي ڪيو۔ هن جيڪو سودو ڪيو آهي ۽ ان جي بدلي ۾ هن جيڪا تاريخ ۾ زندگي ورتي آهي ان تي جي هن جو ڌيان هجي ها ته هي ايڏي بيوقوفي جو سودو نه ڪري ها ۔ اڄ تون غور ڪر اسان جي ديش مان ماڻهون ڪمائي پنهنجي ملڪ پيسو موڪلي رهيا آهن ڇو؟اهو ان لاءِ جو اسان هڏ حرام آهيون اسان جي منڊين کان ويندي اسان جي ڳوٺن تائين اهو حال آهي ۔ اسان جي مذدور هارين جي شين جو اگھ منڊي ۾ ان لاءِ ناهي جي مال تي واپار ڪندڙ ان جو پنهنجو ناهي پر ان جو غير آهي۔ هن جي گهران جڏهن ان داڻا هن جي مجبوري ڪري نڪري وڃن ٿا ته انهن داڻن جي هن جي ضرورت وقت قيمت چؤڻي ان لاءِ ٿيو وڃي جو هو وياجي اسان جي قوم جو دشمن آهي ۔ هي جا بيچيني ۽ اٻاڻڪائي آهي هي ڪنهن هڪ ڏينهن جي ڪري ناهي هي اسان جي تباهي سالن جو سفر آهي ۽ ان لاءِ اسان مسلسل تباهي طرف وڃي رهيا آهيون جوا سان پنهنجي مرضن جي تشخيص ناهيون ڪري سگهيا ۔ هتي پنهنجائپ جي نالي تي ايتريون ته ويساھ گهاتيون ٿيون آهن جو هاڻي پنهنجائپ لفظ کان خوف ٿو اچي پيو ۔ توکي خبر آهي ان جي وجھ ڇا آهي ۔؟ ان جي وجھ آهي تن آساني ۔ هنن پنهنجي خواهشن جي غلامي جي ڪارڻ قوم جي مفادن جو سودو ڪيو آهي ۔ جا شي عزيز هوندي آهي تنهن تان ٻيون شيون قربان ٿي وينديون آهن ۔ پهريان ته تو کي هن تن آزادي کان نڪرڻو پوندو۔ ها ديشي اها ڄاڻ تو کي رکڻ گهرجي سڀاڻي هن ويڙھ جو وزن تو کي پنهنجي ڪُلهن تي کڻڻُو آهي ۔جا جنگ اسان اڄ جوٽڻ وڃون پيا ان ۾ سڀ کان پهريان غيرن جا غلام اسان جا پنهنجا مخالف ٿيندا۔ پر اتي ياد رکجان غلامن جي دل ۾ به ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ هن ديش جو درد ضرورو هوندو ڪوشش ڪجان هنن جو آخري پساھ کڻندڙ ضمير وري طاقتور ٿي پوي۔ ۽ هو به تنهنجو ساٿي ٿي پوي ۔ ۽ ندامت ڀريو ساٿي جڏهن توسان گڏجي وڙهندو ته هن جو وار انتهائي خطرناڪ هوندو آهي ۔ان دوست کي نه وڃائجان ۔ ڊُشمن کان ان وقت تائين نفرت ڪجان جيسيتائين هو دُشمن هجي جڏهن هو دُشني ڇڏي ڏئي ته ان کي پنهنجي ساٿي طور استعمال ڪجان پر ياد رکجان ته دُشمن بذات خود ڪيترائي لباس پهري تو کي فريب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو ته تون اڪيلو ڇا ٿو ڪري سگهين ؟ ياد رکجان مؤرخ جڏهن به تاريخ لکندو ته تنهنجو نالو هن جُهد جي سپاهي طور لکندو نه ڪي خاموش تماشائي طور ۔ رهبرپٿر بيٺل تلاءُِ ۾ اڇلائيندي پنهنجي پُٽ کي چيو جنهن شايد اچانڪ هن جي زخمي روح کي هٿ هڻي عذاب ۾ اضافو ڪيوهو ته بابا هي موسم بهار جي به ڪيڏي نه عجيب هوندي آهي ۔ هي ڏس هي ننڍڙي ڪنڪري پاڻي ۾ ڪيئن ٿي تحرڪ پيدا پئي ڪري جڏهن هن پٿر بيٺل پاڻي ۾ اڇلايو ته بيٺل پاڻي جون لهرن جو دائرو مسلسل وڌندو ويو ۽ اهو دائرو تا حدِ نگاه وڌندو ويو۔ ڏس ديشي تنهنجو وجود پهاڙ ته ناهي پر تون هن پهاڙ جي ڪنڪري ته ضرور آهين جي هي قوم هن بيٺل پاڻي جيان آهي ته تون هن بيٺل پاڻي ۾ ايترو ته تحرڪ پيدا ڪري سگهين ٿو۔
ڏس ديشي تنهنجو وجود پهاڙ ته ناهي پر تون هن پهاڙ جي ڪنڪري ته ضرور آهين جي هي قوم هن بيٺل پاڻي جيان آهي ته تون هن بيٺل پاڻي ۾ ايترو ته تحرڪ پيدا ڪري سگهين ٿو۔ ۽ جڏهن ان جهڙيون ڪيئي ڪنڪريون ملي پون ته جيڪر طلاطم مچي وڃي ۽ زلزلو اچي وڃي ۔۔۔۔ لاجواب لکيو اٿو ۔۔۔۔ اسان کي پنهنجي ضميرن کي جهنجهوڙنڻو آهي ۔۔۔۔ شال سدا خوش هجو ۽ اوهان جو قلم اهڙيون لکڻيون ارپيندو رهي جيڪي اسان لاء رهنمائي جو سبب بڻجن۔
سائين وساڻ صاحب واهان جون مهربانون جو اوهان هميشه اسان جي همت افزائي ڪندا رهندا آهيو۔ يقينن اسان کي پنهنجي ذميدارين کي ڏسڻو پوندو جي اسان ائين ئي ستل رهندا سين ته تاريخ اسان کي ڪڏهن به نه بخشيندي۔ وسلام
سائين وساڻ صاحب واهان جون مهربانون جو اوهان هميشه اسان جي همت افزائي ڪندا رهندا آهيو۔ يقينن اسان کي پنهنجي ذميدارين کي ڏسڻو پوندو جي اسان ائين ئي ستل رهندا سين ته تاريخ اسان کي ڪڏهن به نه بخشيندي۔ وسلام