عيسائيت جي ڏاهي تبليغڪار ڊاڪٽر باب مورهيڊ جو هڪ ننڍڙو مضمون جيڪو دنيا ڀر ۾ مشهور ٿيو، جنهن جا لکين نسخا ماڻهن تائين پهتا ...... ” اسانجي زماني جا تضاد“ The paradox of our time آءُ هن مختصر ۽ معنيٰ خيز مضمون کي سنڌي ويس پارائي، سنڌ دوستن آڏو رکانٿو ته جيئن ممڪن اسين پنهنجي وجود جي تورتڪ ڪري پنهنجي قوم، سماج، خاندان ۽ خود لاءِ ڪارآمد انسان ٿي سگهون. ***************** تاريخي طور تي اسانجي زماني جا تضاد ڪجهه اهڙا آهن جو؛ اسان وٽ ڊگهيون عمارتون آهن پر جذبا ننڍڙا؛ وڏا رستا پر نظريا ننڍڙا؛ گهڻو خرچ ڪريونٿا پر حاصل گهٽ؛ گهڻو خريد ڪريونٿا پر لطف اندوز گهٽ؛ وڏا گهر آهن پر خاندان ننڍڙا؛ سهولتون گهڻيون پر وقت گهٽ؛ ڊگريون گهڻيون آهن پر عقل گهٽ؛ گهڻي ڄاڻ آهي پر سمجهه گهٽ؛ گهڻا ماهر آهن پر مسئلا گهڻا؛ گهڻيون دوائون پر صحتمندي گهٽ؛ اسين گهڻو پيئون ٿا، تماڪنوشي گهڻي ڪريونٿا، خرچ بي دريغ ڪريونٿا، گهٽ کلون ٿا، گاڏي تيز هلايونٿا، گهڻو ڪاوڙ ۾ رهونٿا، معاملن حل ڪرڻ ۾ دير ڪريونٿا، ٿڪل اٿون ٿا، گهٽ پڙهونٿا، ٽي وي گهڻي ڏسونٿا، ۽ عبادت ڪا ورلي ڪريونٿا، پنهنجن جذبات کي وڌايو آهي، پر پنهنجي قدر گهٽائي آهي، اسين ڳالهايون گهڻو ٿا، پيار ڪو ورلي ڪريونٿا، ۽ اڪثر نفرت گهڻي ڪريونٿا. اسين اهو ته سکيو آهي ته رهائش ڪيئن وڌائجي پر زنده رهڻ نه، اسين زندگيءَ ۾ سالن جو وڌاءُ ته ڪيو آهي پر سالن کي زندگي نه ڏني آهي، اسين چنڊ ڏانهن ته رستا ٺاهي موٽ ڪريونٿا پر پنهنجي پاڙيسريءَ سان ملڻ لاءِ ننڍڙو رستو پار ڪرڻ ڏکيو لڳي ٿو، اسين ٻاهرين خلائن کي ته تسخير ڪيو آهي پر اندر جي خلائن تائين پهچ ناهي، اسين وڏيون شيون ته ٺاهيون آهن پر سٺائيءَ جي ڪمي آهي. اسان هوائن کي ته صاف ڪرڻ جي فڪر ڪئي آهي پر پنهنجي روح کي آلودو ڪري ڇڏيو آهي، اسين ائٽم ته حاصل ڪري ورتو آهي پر انصاف اڻلڀ آهي، اسين گهڻو لکون ٿا پر سکون گهٽ ٿا، منصوبه وڏا، پر حاصلات گهٽ، اسين جلدبازي ته سکي ورتي آهي پر انتظار ڪرڻ ناهي سکيو، گهڻا ڪمپيوٽر ٺاهي گهڻي ڄاڻ محفوظ ڪرڻ جا جتن ڪري، نقل ته گهڻا مهيا ڪريونٿا، پر پوءِ به هڪٻئي سان رابطو گهٽ کان گهٽ ٿيندو وڃي. زمانو آهي تڪڙي کاڌي کائڻ جو پر حاضمو خراب، وڏا ماڻهون ڪردار ننڍڙا، اتاهون منافعو پست رشتا، هي اهي ڏينهن آهن جن ۾ آمدني ٻيڻي طلاقون وڌيڪ، سجايل رهائشون ڀڳل گهر، هي زمانو آهي تڪڙن چڪرن جو، استعمال ڪيو ۽ اڇلايو، وقتي اصول، رات وئي ڳالهه وئي، جسم ٿلها، دوائون کائي سڪون وٺو، مرڪ ختم، موت گهڻو. هي اهو زمانو آهي جنهن ۾ ڏيکاءَ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي پر ڀانڊا خالي آهن. هي اهو زمانو آهي جنهن ۾ ڪا چٺي اوهان تائين پهچائڻ ۾ ڪا اوير نه ٿي ٿئي، ان چٺيءَ کي اوهان ونڊ ڪريو يا هڪ ئي پل ۾ ڊليٽ تي کڙڪ ڪيو ۽ جان ڇڏايو. ياد رکو؛ پنهنجن پيارن بزرگن سان ڪي پل گذاريو، ڇاڪاڻ اهي هميشه اوهانجي وچ ۾ رهڻ وارا نه آهن ياد رکو؛ ڪجهه رحمدلانه لفظ ڳالهايو ننڍڙن ٻارن سان جيڪي اوهان ڏانهن ڊپ سان نهارين ٿا، ڇاڪاڻ اهي ننڍا جيوَ اجهو ڪي اجهو وڏا ٿيا ۽ اوهانکان ڏور ٿي ويندا. ياد رکو؛ پنهنجي ويجهڙائيءَ ۾ موجود انسان کي ڀاڪر ۾ ڀري ڳلي لڳايو، ڇاڪاڻ اها ئي ته اهڙي دولت آهي جيڪا اوهان پنهنجي دل سان ڏئي سگهو ٿا جنهن سان اوهانجو هڪ پئسي جو به خرچ نٿو ٿئي. ياد رکو؛ ” مان تونسان پيار ڪريانٿو“ پنهنجي زندگيءَ جي ساٿي يا پيارن کي چوڻ ۾ نه منجهون ۽ اهو پيار حقيقي هجي، اها چمي يا ڀاڪر جيڪو اوهان اندر جي اتساه مان پايو ٿا سو دلين کي موم ڪري ڇڏيندو آهي. ياد رکو؛ ڪنهن هٿ کي پيار ۽ پاٻوهه سان پڪڙيو، ڇاڪاڻ اهو پاٻوهه اوهان جي اندر ۾ خوشي پئدا ڪندو جڏهن اهو شخص اوهانجي وچ ۾ نه هوندو. پنهنجي پيار کي وقت ڏيو، کين ڳالهائڻ ڏيو، ۽ انهن جي سونهري فڪرن ۽ خيالن کي پنهنجي ذهن ۾ سمائڻ ڏيو.
پنهنجي پيار کي وقت ڏيو، کين ڳالهائڻ ڏيو، ۽ انهن جي سونهري فڪرن ۽ خيالن کي پنهنجي ذهن ۾ سمائڻ ڏيو. ڏاهپ ڀريون ڳالهيون، جيڪي دل ۾ لهي ويو ۔۔۔ ڪاش ڪو هنن ڳالهين کي پڙهي ۽ انهن تي عمل به ڪري۔
ياد رکو؛ پنهنجن پيارن بزرگن سان ڪي پل گذاريو، ڇاڪاڻ اهي هميشه اوهانجي وچ ۾ رهڻ وارا نه آهن ياد رکو؛ ڪجهه رحمدلانه لفظ ڳالهايو ننڍڙن ٻارن سان جيڪي اوهان ڏانهن ڊپ سان نهارين ٿا، ڇاڪاڻ اهي ننڍا جيوَ اجهو ڪي اجهو وڏا ٿيا ۽ اوهانکان ڏور ٿي ويندا. ياد رکو؛ پنهنجي ويجهڙائيءَ ۾ موجود انسان کي ڀاڪر ۾ ڀري ڳلي لڳايو، ڇاڪاڻ اها ئي ته اهڙي دولت آهي جيڪا اوهان پنهنجي دل سان ڏئي سگهو ٿا جنهن سان اوهانجو هڪ پئسي جو به خرچ نٿو ٿئي. ياد رکو؛ ” مان تونسان پيار ڪريانٿو“ پنهنجي زندگيءَ جي ساٿي يا پيارن کي چوڻ ۾ نه منجهون ۽ اهو پيار حقيقي هجي، اها چمي يا ڀاڪر جيڪو اوهان اندر جي اتساه مان پايو ٿا سو دلين کي موم ڪري ڇڏيندو آهي. ياد رکو؛ ڪنهن هٿ کي پيار ۽ پاٻوهه سان پڪڙيو، ڇاڪاڻ اهو پاٻوهه اوهان جي اندر ۾ خوشي پئدا ڪندو جڏهن اهو شخص اوهانجي وچ ۾ نه هوندو. _____ ________ ______________ ____________________ _______ ادا نثار ابڙو صاحب السلام عليڪم۔ انهن سڀني چڱين ڳالهين کي ڪرڻ لاءِ اسان جي پياري مذهب اسلام ۾ به متعدد بار تاڪيد ڪئي ويئي آهي۔ ان ڳالهه تي ڪامل يقين رکو ته جيڪڏهن توهان ۽ اسان زندگي ،خوشي، ڪاميابي ؤ عزت سان گذارڻ چاهيون ٿا ته اسان کي ٻين جي تمام گهڻي عزت ڪرڻي پوندي ۽ انهن جي خوشين کي پنهنجي خوشين تي فوقيت ڏيڻي پوندي، بدلي ۾ الله پاڪ اسان ؤ اوهان کي ايتريون ته راحتون عطا فرمائيندو جو اسان جا روح ۽ جسم لافاني خوشين سان ڀرجي ويندا۔ ( ابو بن آدم ۽ اينجل جو قصو ته اوهان جي ياداشت ۾ محفوظ ٿيل هوندو)