سنڌ حڪومت جي ملڪيت بنڊار ۽ ڏنگي ٻيٽ وفاقي حڪومت بحريا ٽائون کي ڏئي ڇڏيا

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ علي اصغر سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏3 مارچ 2013۔

  1. علي اصغر سومرو

    علي اصغر سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 جنوري 2013
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    قمبر شهر
    ڪراچي (رپورٽ: رشيد ميمڻ) سنڌ حڪومت جي ملڪيت بنڊار ۽ ڏنگي ٻيٽن جو سودو وفاقي حڪومت ڀڳڙن مٺ تي ڏئي ڇڏيو، سنڌ سرڪار کان ملڪ رياض سان ڪيل معاهدي بابت پڇيو به نه ويو، ٻيٽن تي قائم ٿيندڙ کربين رپين واري منصوبي مان سنڌ کي رپيو به نه ملندو، ان حوالي سان گڏ ڪيل تفصيلن موجب سنڌ جي سون جهڙي ملڪيت وارن سمنڊ اندر واقع ابراهيم حيدري ڀرسان ٻيٽن کي بحريا ٽائون جي حوالي ڪيو ويو آهي، جتي بحريا ٽائون پاران کربين رپين جي پرڏيهي سيڙپ سان ڊائمنڊ آئيلينڊ سٽي نالي سان وڏو شهر قائم ڪيو ويندو، اتي دنيا جو سڀ کان وڏو ٽاور ”آءِ ڪون ٽاور“ به تيار ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، مليل ڄاڻ موجب ڏنگي ۽ بنڊار ٻيٽ سنڌ حڪومت جي ملڪيت آهن، اهڙي تصديق سنڌ جي وڏي وزير ۽ لينڊ يوٽيلائيزيشن جي وزارت جي چارج رکندڙ سيد قائم علي شاهه اين پي پي جي ايم پي اي عارف مصطفيٰ جتوئي جي لکت ۾ ڪيل سوال جي لکت واري جواب ۾ ڪئي وئي آهي، پر پورٽس اينڊ شپنگ جي وفاقي وزارت جي اداري پورٽ قاسم ٽرسٽ سنڌ حڪومت کي مڪمل طور تي باءِ پاس ڪري بحريا ٽائون کي اهي ٻيٽ حوالي ڪري ڇڏيا آهن، اهڙو معاهدو ڪجهه ڏينهن اڳ ڳجهي نموني ڪيو ويو آهي، مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي ملڪيت تي وفاقي اداري پورٽ قاسم اٿارٽي پاران ڌاڙو هڻندي سنڌ حڪومت کي ان معاهدي بابت نه آگاهي ڏني وئي آهي، نه ئي معاهدي کان پهرين اعتماد ۾ ورتو ويو، ذريعن موجب سنڌ جا ٻيٽ حوالي ڪيل بحريا ٽائون جو مالڪ ملڪ رياض آهي ۽ سندس واسطا ملڪ جي اهم ترين شخصيتن سان هجڻ ڪري سنڌ حڪومت ان معاملي تي مڪمل خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي ۽ هن مهل تائين ڪو به رد عمل ظاهر ناهي ڪيو، ذريعن موجب بحريا ٽائون کي اهي ٻيٽ ڏيارڻ ۾ سنڌ جي پس پرده اهم حڪومتي معاملا سنڀاليندڙ شخصيت اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ان ڪري به سنڌ حڪومت سنڌ جي ملڪيت وارن ٻيٽن جو وفاقي حڪومت پاران سودو ڪرڻ باوجود ڪو به ايڪشن نه کنيو آهي، نه ئي ڪو بيان ڏنو ويو آهي، ٻئي طرف ملڪ ۾ ڪرپشن تي نظر رکندڙ نجي اداري ”ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان“ بحريا ٽائون کي ٻيٽ ڏيڻ جي سخت مخالفت ڪندي پورٽس اينڊ شپنگ جي وفاقي سيڪريٽري ۽ پورٽ قاسم اٿارٽي جي چيئرمين کي هڪ ليٽر لکيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پورٽ قاسم پاران بنڊار ۽ ڏنگي ٻيٽن تي ڊائمنڊ سٽي بار آئلينڊ سٽي ٺاهڻ لاءِ بحريا ٽائون اداري سان معاهدو ڪيو ويو آهي، پر ان اداري جي ملڪ جي ٽن ريگيوليٽري اٿارٽيز فيڊرل ٽيڪس محتسب، سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان ۽ لاهور ڊولپمينٽ اٿارٽي پاران مختلف منصوبن ۾ ڊفالٽ ڪرڻ سبب فراڊي ادارو قرار ڏنو ويو آهي، ان اداري خلاف سپريم ڪورٽ ۾ به 36 ڪيس هلندڙ آهن، ان ڪري اهو ادارو ڪنهن به منصوبي لاءِ قابل نه آهي ۽ ان کي بنڊار ۽ ڏنگي ٻيٽن تي ڊائمنڊ سٽي جو منصوبو ڏيڻ به غيرقانوني آهي.

    ارباب دور ۾ به ڏنگي ۽ بنڊار ٻيٽ وڪڻڻ جي ڪوشش ٿي هئي
    ڪراچي: ارباب رحيم جي وڏ وزارت جي دور ۾ به ڏنگي ۽ بنڊار ٻيٽ وڪڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر سنڌ جي قومپرستن ۽ لکين مهاڻن تحريڪ هلائي ان ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويو هو، ٻئي طرف پاڪستان فشر فوڪ فورم ٻيٽن تي شهر اڏڻ جي معاهدي خلاف مزاحمتي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڪاوش سان ڳالهائيندي فشر فوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه چيو ته اڳوڻي آمر پرويز مشرف به ارباب دور ۾ ڏنگي ۽ بنڊار ٻيٽن کي وڪڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر اسان ان خلاف تحريڪ هلائي ان ڪوشش کي ناڪام بڻايو هو، هن چيو ته سنڌ جا ٻيٽ صرف مهاڻن جا آهن، اتي شهر اڏڻ سان لکين مهاڻن جو روزگار، بندرگاهون ۽ تمر جا ٻيلا تباهه ٿي ويندا، ان ڪري اسان اتي ڪنهن به اڏاوت جي اجازت نه ڏينداسين ۽ ان خلاف مزاحمتي تحريڪ هلائينداسين، هن چيو ته ٻيٽ سنڌ حڪومت جي ملڪيت آهن، پر پهريان به وفاقي اداري پورٽ قاسم ٽرسٽ ان کي وڪڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ هاڻ به ان ئي ٻيٽن کي بحريا ٽائون حوالي ڪيو آهي پر اسان اهڙو عمل ڪنهن به صورت ۾ ٿيڻ نه ڏينداسين.
    وفاقي اداري کي سنڌ جي ٻيٽن بابت معاهدو ڪرڻ جو اختيار ناهي: عارف مصطفيٰ
    ڪراچي: سنڌ حڪومت کان ٻيٽ ڪنهن جي ملڪيت آهي بابت لکت ۾ سوال ڪندڙ اين پي پي جي ايم پي اي عارف مصطفيٰ جتوئي رابطو ڪرڻ تي ڪاوش سان ڳالهائيندي چيوته سنڌ حڪومت جواب ڏنو آهي ته ٻيٽ سنڌ سرڪار جي ملڪيت آهن، ان ڪري وفاقي اداري پورٽ قاسم اٿارٽي کي ٻيٽن بابت معاهدو ڪرڻ جو ڪو به حق ناهي، بحريا ٽائون سان ڪيل مهاهدي واري منصوبي جي سموري رقم وفاقي حڪومت کي ملندي، سنڌ حڪومت کي هڪ رپيو به نه ملندو، سنڌ جا قيمتي ٻيٽ ڏيڻ جو معاهدو غير قانوني آهي، ان ڪري ان خلاف سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ آواز اٿارينداسين.

    ٻيٽ بحريا ٽائون کي ڏيڻ لاءِ سمورا قانون لتاڙيا ويا، اوپن ٽينڊر ئي نه ٿيو
    ڪراچي: سنڌ جا ٻيٽ من پسند ڪمپني بحريا ٽائون کي ڏيڻ لاءِ منصوبن لاءِ موجود سمورا قانون لتاڙيا ويا، مليل ڄاڻ موجب قانون موجب حڪومت پاران ڪو به منصوبو ڪنهن ڪمپني يا اداري سان ڪرڻ لاءِ پهرين اوپن ٽينڊر ڪرڻو پوندو آهي، تجربي جا ڪاغذ ۽ ٻيا ڪاغذ به اميدوار ڪمپني کان وٺڻا آهن پر ٻيٽن وارو منصوبو بغير اوپن ٽينڊر ڪرائڻ جي سڌي ريت هڪ ئي من پسند ڪمپني کي ڏنو ويو آهي.
    ڏنگي ۽ بنڊار ٻيٽ بحريا ٽائون کي ڏيڻ بابت ڄاڻ ناهي: سنڌ حڪومت
    ڪراچي: سنڌ جي ملڪيت وارا ٻيٽ وفاقي حڪومت پاران بحريا ٽائون کي ڏيڻ جي حوالي سان ڪاوش پاران رابطو ڪرڻ تي سنڌ سرڪار جي ترجمان ۽ اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو ته مون کي ڏنگي ۽ بنڊار ٻيٽن بابت بحريا ٽائون سان وفاقي حڪومت پاران ڪو معاهدو ڪرڻ جي ڄاڻ نه آهي، معلومات وٺان ٿو.

    Source By Kawish Newspaper
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اهڙن عملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اها گهر ٿا ڪيون ته سنڌ جا اثاثا ايئن هٿن مان نه وڃائڻ گهرجن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو