آمريڪي عدالت پاران ريمنڊ ڊيوس کي تشدد ڪيس ۾ 2 سال قيد جي سزا ڊينور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سي آءِ اي اهلڪار ريمنڊ ڊيوس کي آمريڪا جي هڪ ڊسٽرڪٽ ڪورٽ تشدد ڪيس ۾ 2 سال قيد جي سزا ڏئي ڇڏي آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب ڪولراڊو جي ڊگلس ڪائونٽي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ ريمنڊ ڊيوس خلاف ٿرڊ ڊگري جي حملي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ڊيوس هڪ همراهه سان تلخ ڪلامي ڪئي ۽ بعد ۾ تشدد جو نشانو بڻايو، عدالت ريمنڊ ڊيوس کي تشدد ڪيس ۾ 2 سال قيد جي سزا ٻڌائي، ذريعن موجب ڊيوس کي ڪاوڙ تي قابو پائڻ جا تربيتي ڪلاس وٺڻا پوندا ۽ هو تشدد جو نشانو بڻجندڙ همراهه کي معافي وارو خط به لکندو.بشڪريه ڪاوش ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان جي ملڪ ۾ ٻه قتل ڪندڙ قاتل کي ته سزا نه ملي سگهي، مگر آمريڪا جي ملڪ ۾ انهيء قاتل کي ڪنهن تي تشدد ڪرڻ تي ٻه سال سزا ٻڌائي وئي آهي، ڇا هي اسان جي ملڪ لاء شرم جي ڳالهه نه آهي۔
او سائين ممتاز شرم ڪنهن غيرتمند ڪون آندي هي تساڪون ياد هو سي اڳي جي ڪنهن دي چوري ٿيندي هئي ته ماڻهون آکيندي هئي اسان ڪو چوري نه پر چور کپي ۔ جيڪو اسان ڏا در ٽپ آيا ئي ۔ جڏهن ماڻهون وان دي غيرت گهٽيندي ڳئي ته ول ڌاڙيل پيدا ٿي پئي ۔ اهي به رات دا نڪرندي هئي ۔ پر اٿي اسان دي ملڪ چ ته اسان آپ ڌاڙي هڻويندي وتي اوون ٻڌاؤ انهن قوم چ ڪا غِيرت دي زري به هي ڀلا۔ ايھ اسان ڏي ملڪ دي اداريان دي ڳالھ اوين ئي هي جيوين اڏيان تي ( تُسان سمجھ ڳئي هو سو) رکوالي هوندي هن اهي صرف اُٿان دي مذدوران لاءِ ( تُسان ول سمجھ ڳئي هوسو) مُڙس ماڻهون هوندي هن سو سُهڻا ايھ اداري به اسان لاءِ ئي مُڙس ماڻهون هن۔ بس ٻيا ڪيا آکان ۔ وسلام
ڏاڏل شينو يار واهه جي سرائڪي لکي هِوي۔ ۔ ۔ ۔پر خيال ڪريئي ڪٿئين مٺڙي سرائڪي ٻولي تي انتظاميه نه ڪاوڙيج پووي۔ ۔ ۔ڪيون ته اي سنڌ سلامت هي۔ ۔ ۔انهي چ ٻروچين دي سلامتي به شامل هي۔ ۔