سخت گرميءَ جا ڏينهن هئا. حيدرآباد شهر جي داخلي علائقي يعني سينٽرل جيل ويجھو پهتاسين. گاڏين جي غير معمولي پيهه هئي. سوين هزارين ماڻهو سموري سنڌ مان اچي پهتا هئا. هر هڪ جي هٿ ۾ ننڍي بوتل هئي. پڇڻ تي معلوم ٿيو ته حيدرآباد جي سريگھاٽ واري علائقي ۾ ڪنهن پير سائين اچي پنهنجو آستانو قائم ڪيو آهي. کيس کنڊ وارو پير جي نالي سان سڃاتو وڃڻ لڳو. پيسا گھري ڪو نه وٺندو هو. هُو مِٺي پيشاب جي بيماري ۽ رت جي وڌيل کنڊ جو علاج ”پڙهيل کنڊ“ سان ڪندو هو. ماڻهن جون قطارون لڳي ويون. ڀلا ان ۾ حيرت جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ وڌيل کنڊ جي مريض کي کنڊ ڏئي ٺيڪ ڪرڻ ۾ انوکي ڳالهه ڪهڙي آهي؟ اها ڳالهه انوکي ته سائنس لاءِ آهي. پر پير صاحب جي ”پڙهائي“ ڪنهن سائنسي نظريي جي محتاج ٿورئي هئي؟ ڪيترا ئي ماڻهو سندس پڙهيل کنڊ مان صحتياب ٿيا. مگر اها ڳالهه خبر ناهي ته کيس پوليس فراڊ جي ڪيس ۾ ڇو گرفتار ڪري وئي هئي.۔۔ڪي ماڻهو سمجھندا آهن ته اڄوڪي هن دور ۾، جڏهن سائنس ۽ ٽيڪنيڀياس (ٽيڪنالاجي) هيتري ترقي ماڻي چڪا آهن، ۽ ذريعات (ميڊيا) وسيلي ماڻهو هيترو باخبر رهڻ لڳا آهن، تڏهن ماڻهن کي بيوقوف ٺاهڻ ۽ ٺڳيون ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. پر جيڪڏهن پنهنجي اڄوڪي سماج تي غور ڪريو ته توهان کي خبر پوندي ته جتي جديد برقياتي ذريعات وسيلي ماڻهن کي دنيا ۾ رونما ٿيندڙ واقعن کان اثرائتي نموني باخبر ڪيو پيو وڃي اتي ساڳيا ئي برقياتي ذريعات ماڻهن کي انهن واقعات کي ڏسڻ لاءِ پنهنجو نظريو ڏين ٿا ۽ ڪيترن معاملن ۾ گمراهه ڪرڻ ۾ دير ئي نه ٿا لڳائين. توهان اسان جي برقياتي ذريعات تي روز ڪيترا ئي اشتهار ڏسندا آهيون، جن ۾ قد وڏو ڪرڻ، پيٽ اندر ڪرڻ، وزن گھٽائڻ، رنگ ڳورو ڪرڻ، چم کي خوبصورت بنائڻ، سنڌن جو سور ختم ڪرڻ ۽ ويندي چشم بد کي دور ڪرڻ لاءِ مختلف مصنوعات جا ڊگھا اشتهار هلندا رهندا آهن. ٺڳ هر دور ۾ ڪنهن نئين صورت ۾ اسان جي سامهون اچي اسان کي ٺڳي ويندو آهي، ۽ اسين ڏسندا رهجي ويندا آهيون. اسان کي يا ته ٺڳيءَ جي خبر تمام دير سان پوندي آهي يا ته ڪڏهن به نه.ڀلي طبي (ميڊيڪل) سائنس چوي ته رات و رات توهان پنهنجي جسم جي چرٻي ختم ڪري نه ٿا سگھو، پر پوءِ به توهان کي ٽي ويءَ تي اهڙا اشتهارَ نظر ايندا، جيڪي پنهنجا ئي سائنسي تجربا، نظريا يا جڙي ٻوٽيءَ جا ڪمال بيان ڪري رهيا هوندا ۽ ڪنهن مقبول شخصيت کان پنهنجي مصنوعات جي تشهير ڪرائي اسان کي اعتبار ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا. سائنسي نظريا واقعي ڪڏهن به حتمي نه هوندا آهن. اهي وقت به وقت ترميم ٿيندا رهندا آهن. انهن ۾ هلندڙ وقت سان بهتري ايندي رهندي آهي. جديد طبعيات (فزڪس) ۾ سائنسي قاعدو ان نظريي کي تصور ڪيو ويندو آهي، جيڪو مختلف تجرباتي آزمائشن مان گذري چڪو هجي. جڏهن اهو نظريو مختلف آزمائشن مان ڪامياب ٿي نڪرندو آهي ته سائنس جو اڀياس ڪندڙن جو ان نظريي تي اعتبار پختو ٿي پوندو آهي. وقت ساڻ انهن سائنسي قاعدن تي آڌاريل ايجادون ۽ مصنوعات به جنم وٺنديون آهن. اهي سائنسي نظريا يا قاعدا، جن تي آڌاريل سوين ايجادون ۽ مصنوعات هاڻي اسان جي زندگيءَ جو عام حصو بڻجي چڪيون آهن، تن کي غلط نه ٿو چئي سگھجي. اهو به درست ناهي ته نئون سائنسي نظريو پراڻي سائنسي نظريي کي بلڪل رد ڪندو آهي. سائنس پنهنجو پاڻ کي ڪڏهن به رد ناهي ڪندي، بلڪه سنواريندي (رفائين) ۽ اڃا تُز ڪندي آهي. مثال طور، آئين اسٽائين جي نسبتيت (رليٽِوِٽِي) واري نظريي، نيوٽن جي قاعدن کي رد نه ڪيو هو، بلڪه انهن کي وڌيڪ سنواري اڃا وڌيڪ مڪمل ڪيو، جيڪو يقيناً اڃا به مڪمل ناهي. ڊاڪٽر عبدالسلام پڻ سائنسي نظريو پيش ڪيو ۽ طبعيات جو نوبل انعام ماڻيو. پر هن به آئين اسٽائين جي نظريي کي رد نه ڪيو هو، بلڪه ان ۾ واڌارو ۽ سڌارو آندو هو. اسان جي عام زندگيءَ ۾ آئين اسٽائين جي نظرين جو عمل دخل ضرور آهي، پر ايترو نه جيترو سڌو سنئون نيوٽن جي سادن طبعياتي قاعدن جو. نيوٽن جا قاعدا ۽ گرموحرڪيات (ٿرموڊائنامڪس) جا قاعدا اڄ به سمورين ايجادن جو بنياد بڻيل آهن. ان ڪري جيڪڏهن ڪو ماڻهو اڄوڪي دور ۾ به بيوقوف ٺاهي وڃي ته ان ۾ سائنسي قاعدن جي ڪا به ڪمزوري ناهي، جيڪي پنهنجي جاءِ تي هميشه موجود، درست، ۽ قابل ڪار رهندا. سائنسي نظرين ۾ نوان اضافا به هڪ باضابطه تحقيقي طريقيڪار سان وجود وٺندا آهن ۽ تحقيقي رسالن ۾ سامهون ايندا آهن. اهڙا تحقيقي مضمون ڇپائيندڙ کي سائنسدان چئبو آهي، جنهن ۾ موجوده سائنسي قاعدن ۾ بهتري آندي وئي هجي يا ته ڪو نئون سائنسي اصول دريافت ڪيو ويو هجي. يقيناً نئون سائنسي قاعدو به اڳ ۾ موجود سائنسي قاعدن جي انحرافي نه ٿو ڪري سگھي. ساڳين ئي سائنسي بنيادن تي آڌاريل نيون مصنوعات يا طريقا پيٽنٽ Patent ذريعي دنيا ۾ عام ڪبا آهن. عالمي برادريءَ ۾ سمورا ملڪ پيٽنٽ جي قانون کي مڃڻ جا پابند آهن ۽ ڪا به ڪوٺي (ڪمپني) ڪنهن پيٽنٽ جي بنياد تي ڪا مصنوعات ٺاهي وڪرو ڪرڻ کان اڳ پيٽنٽ ڇپائيندڙ موجد سان مالي معاهدو ڪرڻ جي پابند آهي. البت يونيورسٽي يا ڪنهن ٻي تحقيقي اداري ۾ ڪم ڪندڙ شخص پيٽنٽ ڪرائڻ لاءِ پنهنجي اداري ذريعي درخواست داخل ڪندو آهي ۽ تحقيقي ادارو ان درخواست جي في ڀريندو آهي. پر اهڙو ڪو به امڪان موجود ناهي ته ڪو به شخص ڪا اهڙي ايجاد ڪري وٺي، جيڪا سائنس جي بنيادي قاعدن کان هٽي ڪري ڪم ڪندي هجي. تاريخ جو وڏي ۾ وڏو ۽ مقبول ترين موجد ٿامس ايڊيسن آهي، جنهن سوين ايجادون ڪيون. سندس ايجادن ۾ تصوير (فوٽوگراف)، مُووي ڪيميرا، فونوگراف، ۽ بلب شامل آهن. ٿامس ايڊيسن کي دنيا سائنسدان نه ٿي ليکي، نه ئي هو سائنسدان هو. ڇاڪاڻ ته هن ڪڏهن به سائنسي نظريو نه ڏنو ۽ نه ئي ڪنهن موجوده سائنسي نظريي ۾ واڌارو آندو. هُو سائنسي قاعدن جو سٺو ڄاڻو هو، جن جي آڌار تي هن باڪمال ايجادون ڪيون. ٿامس ايڊيسن پنهنجي سوين ايجادُن جا پيٽنٽ حاصل ڪيا ۽ ايڊيسن جنرل اليڪٽرڪ نالي ڪوٺيءَ (ڪمپنيءَ) جو بنياد وڌو، جنهن کي اڄ ”جنرل اليڪٽرڪ“ جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي ۽ اها دنيا جي چند وڏين ڪوٺين مان هڪ آهي. معدني ٻارڻ ۾ موجود توانائي اسان تمام ڊگھي عرصي کان استعمال ڪري رهيا آهيون. موٽر ڪار، هوائي جهاز توڙي بجلي پيدا ڪرڻ جا روايتي طريقا، سڀ ان ئي معدني ٻارڻ جو استعمال ڪن ٿا. اهي سموريون ايجادون سائنسي نظرين جي آڌار تي وجود ۾ آيون ۽ اڄ به انهن ئي قاعدن تي هلي رهيون آهن. البت اهي سمورا معدني وسيلا محدود آهن. ٻيو اهو ته انهن جو استعمال ڌرتيءَ جي ماحول تي تمام گھڻا منفي اثر وجھي رهيو آهي. ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي دنيا جا انجنيئر ٻين قدرتي وسلين تي ڌيان ڏئي رهيا آهن. انسان جي سڀ کان وڏي اميد سج آهي، جيڪو اسان کي بيپناهه توانائي ڏئي رهيو آهي. اڄ انجنيئرن جي سامهون جيڪا للڪار (چيلينج) موجود آهي، سا آهي توانائيءَ کي ميسر صورت مان ڦيرائي گھربل صورت ۾ آڻڻ جا اثرائتا طريقا ڳولڻ ۽ توانائيءَ کي سانڍي سگھڻ، ته جيئن ان کي گھربل وقت ۽ هنڌ تي استعمال ڪري سگھجي. هڪ صورت کان ٻي صورت ۾ توانائيءَ جي تبدل کي وڌ کان وڌ ڪارگر ڪرڻ لاءِ سائنسي توڙي ٽيڪنيڀياسي جاکوڙ جاري آهي، جنهن ۾ دنيا ڀر جا سوين نه پر هزارين سائنسدان ڏينهن رات ڪوششون وٺي رهيا آهن. توانائيءَ جي اهڙي تبدل جا سڀ مقبول مثال ٿامس ايڊيسن جون ايجادون آهي. سڀ کان عام ترين مثال بلب آهي. بلب ايجاد ڪرڻ جو مقصد برقي توانائيءَ کي روشنيءَ جي توانائيءَ ۾ تبديل ڪرڻ هو. يقيناً ٿامس ايڊيسن تمام وڏو ڪمال ڪيو هو، پر سائنسي اصولن تي آڌاريل هو ۽ اڄوڪا انجنيئرس نه اڄ ڏينهن تائين ان بلب جي ڪارڪدگي وڌائڻ لاءِ ڪوشان آهن. ان بلب جي ڪارڪردگي سَو سيڪڙو ناهي. مطلب اهو ته ان کي ملندڙ سموري برقي توانائي روشنيءَ ۾ تبديل نه ٿي ٿي. برقي توانائيءَ جو چڱو خاصو حصو گرميءَ ۾ به تبديل ٿي وڃي ٿو. ڪو سرشتو فرض ڪريو. ان سرشتي کي x صورت ۾ توانائي ڏجي ٿي ۽ اسان کي y صورت ۾ توانائي درڪار آهي. جيڪڏهن سرشتي جي ڪارڪردگي سَو سيڪڙو هوندي ته سموري x توانائي، y توانائيءَ طور حاصل ٿي ويندي. اهڙو سرشتو ڪامل يعني پرفيڪٽ ۽ خيالي آهي. حقيقي دنيا ۾ اهڙو سرشتو اڄ ڏينهن تائين جُڙي نه سگھيو آهي. البت اها ڳالهه درست آهي ته اسان جو ٽيڪنيڀياس (ٽيڪنالاجي) پيش رفت ڪري رهيو آهي ۽ اسان جا سرشتا بهتر کان بهتر ٿيندا وڃن ۽ نتيجتاً اسان جي سرشتن جي سيڪڙو ڪارڪردگي يعني وڌ کان وڌ ٿيندي وڃي. ٻارڻ تي هلندڙ اسان جي گاڏين جي انجڻ، يعني انٽرنل ڪمبسشن انجڻ پڻ هڪ سرشتو آهي، جنهن کي اسين ٻارڻ ۾ موجود ڪيميائي توانائي ميسر ڪري ڏيندا آهيون. انجڻ جو ڪم ان ڪيميائي توانائيءَ کي حرڪي توانائيءَ (ڪائنيٽڪ اينرجي) ۾ تبديل ڪرڻ آهي. پر ان جي ڪارڪردگي به ايتري سٺي ناهي. توانائيءَ جو تمام وڏو حصو حرڪت بدران گرميءَ ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. اهڙيءَ ريت ڪنهن به سرشتي جي ڪارڪردگي 100 سيڪڙو نه ٿي ٿي سگھي. پر جيڪڏهن اسان ٽيڪنيڀياسي ڪمال تي رسي وياسين ته سرشتن جي ڪارڪردگي 100 سيڪڙو ٿي ويندي ۽ y برابر ٿيندو x جي. پر اهو ڪڏهن به ممڪن ناهي ته اسين ڪنهن سرشتي کي 1 ايڪو توانائي ڏيون ته ان کان 2 ايڪا توانائي وٺون. طبعيات ۾ ان کي توانائيءَ جي بقا وارو قاعدو (لا آف ڪنزرويشن آف اينرجي) سڏيو ويندو آهي. اسان هيستائين توانائيءَ کي هڪ صورت مان بدلائي ٻي صورت ۾ آڻڻ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين. توانائي نه پيدا ٿي سگھي ٿي، ۽ نه ئي ختم ٿي سگھي ٿي. هڪ ايڪو توانائيءَ مان ٻه ايڪا توانائي پيدا ڪري وٺڻ کي سائنس نه پر جادُو يا معجزو سڏبو. اڄ کان لڳ ڀڳ 200 سال اڳ، سن 1800ع ۾ سر اينٿوني ڪارليسل پاڻيءَ کي برقي توانائيءَ ذريعي ٽوڙڻ جو طريقو ايجاد ڪيو، جنهن کي برقي ڇيد (اليڪٽروليسس) سڏيو ويندو آهي. پاڻي، جيڪو اسان جي ڌرتيءَ تي وافر مقدار ۾ موجود آهي، سو هائيڊروجن ۽ آڪسيجن جو مرڪب آهي. پاڻيءَ مان برقي وهڪ گذاريندي آڪسيجن ۽ هائڊروجن جي پرماڻن يعمي ماليڪيولس کي ڌار ڪرڻ جو نالو برقي ڇيد آهي. هائيڊروجن جو اڻو (ايٽم) اڪيلو نه ٿو رهي سگھي، تنهنڪري اهو ٻن اڻن جو پرماڻو يعني ماليڪيول (ايڇ 2) ٺاهي گيسي صورت ۾ موجود هوندو آهي. جيئن ته اها گيس تمام هلڪي آهي، تنهنڪري ڌرتيءَ جي ماحول جي مٿاهين سطح تي موجود رهندي آهي. ڌرتيءَ جي مٿاڇري يا ڌرتيءَ جي اندر هائيڊروجن ٻين عنصرن سان مرڪب ٺاهي رهندي آهي. هائيڊروجن جو سڀ کان عام جام موجود مرڪب پاڻي آهي. جيتوڻيڪ پاڻي پاڻ ته باهه کي وسائڻ لاءِ ڪم ايندو آهي ۽ باهه جو دشمن آهي، پر هائيڊروجن هڪ ٻرندڙ گيس آهي. اها پاڻ سڙي، اسان کي گرمل (ٿرمل) توانائي ڏيندي هوا ۾ موجود آڪسيجن سان ملي پاڻي ٺاهي وٺندي آهي. برقي ڇيد ڪرڻ لاءِ تيار ڪيل سامان پڻ هڪ سرشتو آهي، جيڪو هائڊروجن ۽ آڪسيجن جي اڻن کي ڌار ڪرڻ لاءِ برقي توانائيءَ جو استعمال ڪري ٿو. پر اهڙن سرشتن جي ڪارڪردگي به 100 سيڪڙو ناهي. برقي ڇيد جي ڪارڪردگيءَ کي فيراڊيائي ڪارڪردگي (فيراڊيڪ ايفيشنسي) سڏبو آهي. مطلب ته سموري برقي توانائي هائڊروجن ۽ آڪسيجن جي اڻن کي ڌار ڪرڻ ۾ استعمال نه ٿي سگھندي آهي ۽ ٻين صورتن ۾ تبديل ٿي ويندي آهي. نتيجتي طور، برقي ڇيد مان حاصل ٿيندڙ هائيڊروجن جي پرماڻن (ماليڪيولز) ۾ ايتري ڪيميائي توانائي موجود نه هوندي آهي جيتري توانائي اسان برقي صورت ۾ خرچ ڪندا آهيون. برقي ڇيد جي ڪارڪردگي وڌائڻ لاءِ سائنسدان ۽ انجنيئر اهڙو سازوسامان تيار ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات تحقيق ڪري رهيا آهن جنهن ۾ گھڻي کان گھڻي برقي توانائي برقي ڇيد ڪرڻ ۾ استعمال ٿي ۽ گھٽ ۾ گھٽ برقي توانائي ٻين صورتن ۾ زيان ٿي. ٻين لفظن ۾، اسان جي ڪوشش آهي ته برقي ڇيد جي ڪارڪردگي وڌ کان وڌ ڪري سگھون ۽ برقي ڇيد جي عمل کي اڃا تڪڙو ڪري سگھون. پر جيڪڏهن اسين برقي ڇيد جي ڪارڪردگي 100 سيڪڙو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي به وياسين ته اسان کي اوتري توانائي ئي ملندي، جيڪا اسان برقي ڇيد ڪرڻ لاءِ پنهنجي بيٽريءَ ۾ سانڍي هئي. پر اهو ممڪن ناهي ته اسين بيٽريءَ ۾ توانائيءَ جو هڪ ايڪو سانڍيون ۽ اسان کي برقي ڇيد جي نتيجي ۾ 2 ايڪا ڪيميائي توانائي ملي. اهو توانائيءَ جي بقا واري نظريي جي خلاف آهي. برقي ڇيد جي عمل کي تڪڙو ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ کي لُوڻاٺيو ويندو آهي. جڏهن سائنس کان ناواقف شخص ڪنهن ايجاد جي دعويٰ ڪري ته ان تي ڌيان ڏيڻ جي بنهه ڪا به ضرورت ناهي. سائنس جي بنيادي اصولن کان ناواقف ماڻهو جڏهن تمام وڏي ايجاد ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ويهندا آهن ته پوءِ هُو پنهنجو پاڻ کي درست ثابت ڪرڻ لاءِ بنيادي سائنسي اصولن جي ابتڙ ڳالهيون ڪندا نظر ايندا آهن. برقي ڇيد ٻه صديون پراڻو اهڙو عمل آهي، جيڪو اسڪول جي سائنس ۾ پاڙهيو ويندو آهي. جنهن کي به بنيادي سائنس جي ڄاڻ هوندي، اهو اهڙي احمقانه ڳالهه هرگز به نه ڪندو ته چڪايل (ڊسٽلڊ) پاڻيءَ جو برقي ڇيد ڪري رهيا آهيون. ڇاڪاڻ ته چڪايل پاڻي خالص پاڻي هوندو آهي، جنهن مان بجليءَ جو گذر تمام گھڻو مشڪل هوندو آهي. نتيجي ۾، چڪايل پاڻيءَ جي برقي ڇيد جي شرح يا ته ٻڙي هوندي آهي يا ته بنهه سست. ٻي اهم ڳالهه ته جيڪڏهن اسان پنهنجي گاڏين جي انجڻين کي هلائڻ لاءِ چڪايل پاڻيءَ جو برقي ڇيد ڪنداسين ته اهو اسان کي تمام گھڻو مهانگو پوندو. ڇاڪاڻ ته آبي چڪاءُ (واٽر ڊسٽيليشن) جي عمل لاءِ تمام گھڻي توانائي درڪار ٿيندي آهي. عام پيئڻ جو منرل پاڻي ئي 20 رپئي جو لٽر ملي ٿو. پر پاڻيءَ کي چڪائڻ لاءِ تمام گھڻي توانائي درڪار ٿيندي آهي. دراصل پاڻيءَ کي چڪائڻ اوترو ئي مهانگو آهي جيترو هڪ بجلي گھر هلائڻ.پر هاڻي ان سموري بحث کي ڇڏيون ٿا ته چڪايل پاڻيءَ جو ملهه ڪيترو ٿيندو، چڪايل پاڻيءَ جو برقي ڇيد ممڪن آهي يا نه، يا چڪايل پاڻيءَ جي برقي ڇيد تي ڪيتري برقي توانائي خرچ ٿيندي. پاڻ سنڌي ماڻهن جو دلپسند کاڌو يعني خيالي پلاهه ٿا رڌيون، جنهن جي ريسيپي هيءَ آهي: چڪايل پاڻي مفت ملندو، چڪايل پاڻيءَ جو تمام تڪڙو برقي ڇيد ممڪن آهي، ۽ ان لاءِ درڪار برقي توانائي بنهه معمولي آهي. اچو ته اهو پلاهه نوش ڪريون. مطلب ته هڪ ليٽر پاڻيءَ کي جيڪڏهن مفت ۾ چڪايو وڃي ته ان مان ڪيتري توانائي ملندي، ۽ ان مان گاڏي ڪيترو فاصلو طَي ڪري سگھندي. هڪ ليٽر پاڻيءَ جو وزن اٽڪل هڪ ڪلوگرام آهي. پاڻيءَ جو ڪيميائي فارمولو (ايڇ 2 او) آهي. مطلب ته پاڻيءَ جي 18 گرامن ۾ 2 گرام هائيڊروجن آهي. يعني ته هڪ ليٽر يا هڪ ڪلوگرام پاڻيءَ ۾ فقط 111 گرام هائيڊروجن آهي. هڪ ليٽر گيسولين جو وزن 760 گرام آهي. جڏهن ته گيسولين جو فارمولو (سِي 8 ايڇ 18) آهي. مطلب ته گيسولين جي 114 گرامن ۾ 18 گرام هائڊروجن موجود آهي. يعني ته 760 گرام گيسولين اندر 120 گرام هائيڊروجن موجود آهي. ٻين لفظن ۾ هڪ ليٽر گيسولِين جي مقابلي ۾ هڪ ليٽر پاڻيءَ اندر هائيڊروجن جو مقدار ساڍا 7 سيڪڙو گھٽ آهي. هڪ ليٽر گيسولين تي 800 سِي سِي جي ننڍڙي گاڏي به هاءِ وي تي رڳو 16 ڪلوميٽر هلندي آهي. جيئن ته گيسولين جي ڀيٽ ۾ پاڻيءَ اندر هائڊروجن جو مقدار ساڍا 7 سيڪڙو گھٽ آهي، تنهنڪري پاڻيءَ مان هائڊروجن حاصل ڪندڙ گاڏي مفاصلو به ساڍا 7 سيڪڙو گھٽ طي ڪندي. ٻين لفظن ۾ ته اهڙي گاڏي هلي به ته به هڪ ليٽر ۾ وڌ کان وڌ به 15 ڪلوميٽر هلندي. ان سائنسي ليکي مان ئي ڪنهن گاڏيءَ کي رڳو هڪ ليٽر پاڻيءَ تي 40 کان 50 ڪلوميٽر هلائڻ واري ڳالهه غلط ثابت ٿي ٿِي. آٽوموبائيل جي کيتر جي ماهرن جي اها دعويٰ پڻ آهي ته عام انٽرنل ڪمبسشن انجڻ خالص هائيڊرون تي هلڻ لاءِ نه جُڙي آهي. وڪيپيڊيا تي (واٽر فيولڊ ڪار) جي عنوان سان هڪ دلچسپ مضمون رکيل آهي، جنهن ۾ دنيا ڀر ۾ پاڻيءَ تي گاڏي هلائڻ وارين دعوائن جو تفصيل ڏنل آهي. پاڻيءَ تي گاڏي هلائڻ واريون ڊاڙون ٻٽاڪون پڙهڻ جو شوق رکڻ وارا فرد هيءَ ويب سرزمين گھمي ڏسن:http://waterpoweredcar.co/ ڏسجي اهو پيو ته سنڌي ماڻهو اهڙين دعوائن کي سائنسي بنيادن تي نه پر قوم پرستيءَ جي بنياد تي پرکي رهيا آهن. ڪنهن سائنسدان جي سائنسي دليلن جي جواب ۾ ذاتي حملا ڪرڻ نه دانش آهي ۽ نه ئي دانشمنديءَ جو مظاهرو. بلڪه اهو اسان جي قومي ڏاهپ جي زوال جو مظهر آهي. جيڪڏهن ڪا خانگي ڪوٺي ڪا خانگي ڪوٺي (پرائيويٽ ڪمپني) آبي ڪِٽ ٺاهڻ واري رٿا ۾ سيڙپڪاري ڪري ٿي ته اها ان جي مرضي آهي، پر پاڪستان سرڪار کي ان ۾ ٽڪو به سيڙائڻ نه گھرجي. جيڪڏهن سرڪار ان ۾ پيسو سيڙايو ته تمام وڏي غلطي ٿيندي، فراڊ ثابت ٿيندو ۽ پوءِ سنڌ بدنام ٿيندي ليکڪ جامعه مهراڻ جي جياطب شعبي جو پروفيسر ۽ نشستمان آهي(نوٽ احسان احمد انصاري جي فيس بڪ تان کنيو ويو آهي )
يار اهي ڪوششون منهنجي سمهون منهنجي ڪوليگس پي سي ايس آءِ آر ۾ ڪيون هيون۔ ۔ ۔رڳو اها ڪوشش هُين ته پاڻي مان هائڊروجن حاصل ڪري 40 سيڪڙو پئٽرول جي بچت ڪجي پر پاڻي مان هائڊروجن حاصل ڪرڻ ”لوٽي کان ٻنڌڻو ڳرو“ واري مثل آهي۔ پر ماٺ چُپ ڀلي آهي۔ ۔ ۔ ۔
الائي ڇو اسان اهڙن تجربن جي چڪر ۾ اچي بدنام ٿي رهيا آهيون، جڏهن ته اسان وٽ ونڊ انرجي، سولر انرجي ذريعي ڪم هلي سگهي ٿو، پر ان پاسي ڪو جوڳو ڌيان نه ڏنو ويو آهي۔