هن نئين سال ۾ الله تعالي شال سڀني مسلمانن کي تڪليفن کان محفوظ رکي پنهنجي خصوصي ڪرم سان بيمارن کي صحت نصيب ڪري پنهنجي ۽ پنهنجي محبوب جي محبت عطا فرمائي نيڪين جي توفيق عطا فرمائي براين کان بچائي اهي ڪم ڪرائي جنهن ۾ سندس ۽ سندس پياري حبيب جو رضامندو حاصل ٿئي۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ آمين
مٺڙا ڀاءُ سال گذرڻ جو ڏک ڪجي يا نئين سال اچڻ جي خوشي ڪجي ... ويندڙ سال ڪئي خوشيون، ڪئي غم ۽ ڪئي فڪر ڏئي ويو ۽ زندگيءَ جو هڪ سال گهٽ ڪري ويو ... ايندڙ سال به شايد ائين ئي ڪندو، الائجي هڪ سال گهٽ ڪندو يا زندگي ئي کڻي وٺندو، ڪهڙي خبر !!! ڌڻيءَ در دعا آهي ته هي سال اسان سڀني سنڌ واسين لئه ڪي خوشين جا پيغام کڻي اچي ۽ اسانجي سنڌ سلامت جا دوست پڻ ڪامياب ۽ ڪامران رهن ... آمين اوهانکي به لک لک مبارڪون هجن ...
ادا عبدالغني اوهان کي به نئين اسلامي سال جو لک لک مبارڪون هجن۔۔۔۔ سڄي سنڌ سلامت جي دوستن کي نئون اسلامي سال مبارڪ هجي۔۔۔۔۔
نئون اسلامي سال ۽ امام حسين عليه السلام جو غم ادا عبد الغني صاحب نئين اسلامي سال جي شروعات ضرور ٿي آهي ليڪن اها مبارڪ ڏيڻ جهڙي ناهي ڇو جو اسلامي ڪيليندر جو پهريون مهينو محرم آهي جنهن ۾ اسان جي پياري نبي ڪريم صلي الله عليه واله وسلم جي پياري ڏوهٽي يعني هن امت مسلمه جي امام حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندن خاندان ۽ سندن باوفا ساٿين کي دردناڪ نموني سان ڪربلا جي ميدان ۾ شهيد ڪيو ان ڪري اسان سال جي شروع پرسي ۽ غم سان ڪندا آهيون نه ڪه خوشي ۽ مبارڪ سان هاءِ افسوس اسان جي سوچ ۽ تاريخ تي؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
واقعا ادا افسوس آهي اسان مسلمان آهيون ۽ اهڙين ڏک ۽ درد ڀرين ڏينهن تي مبارڪ باد ٿا ڏيون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔