آخرڪار هي ڏينهن به اچي ويو، وزير اعلي “غير سنڌي” ڪرڻ جو فيصلو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏3 مارچ 2013۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    پيپلز پارٽي جي قيادت 66 سالن ۾ پهريون ڀيرو نگران وڏي وزير جي لاءِ ٽن غير سنڌين جي نالن تي ويچار شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته چوٿين اميدوار ڊاڪٽر حفيظ شيخ جي پوزيشن ڪمزور ٿي وئي آهي. ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين ٻه ڏينهن اڳ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته نگران وڏي وزير جي لاءِ هو ٻه نالا پيش ٿو ڪري، انهن ۾ رحمان ملڪ ۽ ڊاڪٽر عاصم حسين شامل آهن، جڏهن ته سنڌ جو گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد پرڏيهه مان واپسي کان پوءِ باضابطا طور تي سيد اويس مظفر جو نالو پيش ڪيو آهي. جمعي ۽ ڇنڇر ڏينهن ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ ٿيل ملاقاتن ۽ رابطن کان پوءِ انهن ٽنهي نالن تي ويچار ڪيو ويو. الطاف حسين جي مطالبي کان پوءِ رحمان ملڪ ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو ۽ هو الطاف حسين جو ٿورو مڃڻ ۽ نگران وڏي وزير جي نامزدگي کان هن جي اعتماد تي پورو لهڻ جو يقين ڏيارڻ لاءِ لنڊن پهچي ويو آهي. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به سنڌ جو وڏو وزير هميشه سنڌي ڳالهائيندڙ رهيو آهي. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به سنڌي ڳالهائيندڙ کي وڏو وزير مقرر ڪيو ويو آهي. مارشل لا ۾ به ڪڏهن ڪنهن غير سنڌي کي وڏو وزير مقررنه ڪيو ويو پر پهريون ڀيرو جڏهن پيپلز پارٽي پنهنجا پنج سال پورا ڪري عوام وٽ ووٽ وٺڻ لاءِ وڃي پئي ته هن وٽ نگران وڏي وزير لاءِ ٽاپ جي ٽن نالن ۾ هڪ به سنڌي ڳالهائيندڙ نه ملي سگهيو آهي ۽ چوٿون نالو ڊاڪٽر حفيظ شيخ جو شامل ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ غير سنڌي کي چونڊيل يا وري نگران وڏو وزير مقرر ڪرڻ واري رٿابندي گذريل ٻن سالن کان گورنر هائوس ۾ تيار ڪئي وئي آهي. ٻن ڏينهن جي اجلاس ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين وڌيڪ سرگرم رهيو، جڏهن ته اويس مظفر سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جي تيارين ۾ مصروف رهيو. ڊاڪٽر حفيظ شيخ پاسيرو ٿي ويو آهي ۽ هن خلاف باقاعده مهم هلائي پئي وڃي ته هن کي اسٽيٽ بينڪ جي گورنر سان اختلافن سبب هٽايو ويو آهي. ذريعن موجب جيڪڏهن پيپلز پارٽي غير سنڌي کي نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ته پوءِ 1973ع جي آئين جي اها کليل ڀڃڪڙي هوندي ڇاڪاڻ ته آئين ۾ واضح لکيل آهي ته صوبي جو وڏو وزير سنڌي ڳالهائيندڙ هوندو، ڇاڪاڻ ته سنڌي ڳالهائيندڙن جو انگ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي ۽ ان لحاظ سان گورنر اردو ڳالهائيندڙ رکيو ويندو آهي. هاڻي صرف سنڌ اسيمبلي مخالف ڌر جي اڳواڻ جي مقرري ۾ دير آهي، ان کان فوري پوءِ وڏو وزير ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ پاران نگران وڏو وزير نامزد ڪيو ويندو.

    [​IMG]
    Like · · Share · 36817 · 8 hours ago ·
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    حضڙت علي عه جو فرمانِ اطهر آهي پاڻ فرمائين ٿا بيضمير کان هر برائي جي اميد رکو۔
    سو سائين اوهان سمجهي ته ويا هونؤ۔
    وسلام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پر مونکي جيڪا ڄاڻ ملي آهي ان مطابق وزير اعلى سنڌي ئي هوندو ۽ ٿي سگهي ته سکر ڊويزن جو هجي ۔۔۔۔ وڌيڪ انتظار ڪيو۔
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    الله ڪري ائين هجي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو