عمران درويش سومرو
سينيئر رڪن
اڄ ڳــــاڙهـــو سنڌوءَ پاڻـــي هو
منهنجي سنڌ جو سينو ڇاڻي هو
بَــمَ بــاهـهِ بڻيـــــو، بـارُود بڻيـــو
هـي شـــهر منهنجو بيروت بڻيــو
ڪنهــن دور ۾ سنــڌ حـويلي هئي
۽ شـــــهر ڪــــراچي راڻـــي هـــو
اڄ ڳـــــاڙهـــو سنــڌوءَ پاڻـــي هو
منهنجي سنڌ تي خونين ڪاهه ڪيو
منهنجي شهر کي مقـتل گاهه ڪيو
دِلِ سـُـــــورَ، اکــيـــن ۾ لُــڙڪَ کڻـــي
هر ماڻهــــو ڪَربَ ڪـــهاڻـــي هـــو
اڄ ڳــــاڙهـــــو سنــڌوءَ پــاڻـــي هـــو
هــي ٺَــڳَ ڪـٿــي کان آيــا هِن
جـــن پنهنجـــا حــق ڄمايا هن
درويـشُ سَوالِـي چهري ســــان
تصــويــر بڻيـــل ويــڳاڻــي هــو
اڄ ڳاڙهو سنـــڌوءَ پــاڻـــي هــو
منهنجي سنڌ جو سِينو ڇِاڻي هو

عمران درويش سومرو
۔