• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آزاد امام جهنجهي

مصور عالم

سينيئر رڪن
غزل
امام علي جنجهي

مان ۽ منهنجي ڏات جيئون پيا،
جاڳي ساري رات جيئون پيا،

تون ڇا ڄاڻين احمق ماڻهو.
ڇا ٿو گذري ڇاته جيئون پيا،

پاڻ ٿياسون پتيون ڀاڱا.
پنهنجي پنهنجي ذات جيئون پيا،

ڪير ڳڻيندو ڳوڙها پنهنجا.
طويل تنهائيون تات جيئون پيا،

پاڻ ته آهيون آثار قديمي.
ماٺ کي ڏئي مات جيئون پيا،

جلاد کي چئو مقتل ڏي اچ.
آئون اڏي ۽ ڪات جيئون پيا،

 
Back
Top