• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 4 مارچ تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 4 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

4 مارچ 1904ع مذهبي اسڪالر مولوي حافظ فضل احمد جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1905ع سماجي ورڪر گنگا رام عاليداس (سنڌ / اجمير) جي پيدائش ٿي.
4 مارچ 1929ع شاعر چينراء انتر (لاڙڪاڻو / ڄامنگر) جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1937ع صحافي نعمت الله ڀٽو (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1938ع اسڪالر ڊاڪٽر قمر واحد (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1940ع شاعر ۽ صحافي ڊاڪٽر داد محمد خادم بروهي (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1949ع ليکڪ پرڪاش ديپ جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1951ع شاعر علي بخش اصغر (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1956ع ليکڪ آزاد جتوئي جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1960ع ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ سفرناما نگار ڊاڪٽر اسحاق انصاري جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1961ع اديب ۽ ڪهاڻيڪار نثار ابڙو (لاڙڪاڻو / مڪو شريف ) جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1970ع ليکڪا نجمه وفا (شهداد ڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1971ع سگهڙ غلام محمد ڪنرائي جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1975ع شاعر تبسم شر جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1980ع شاعر زخمي رشيد مهر جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1982ع ليکڪ اياز دانش جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1989ع شاعر درد هوش محمد (ڪولاب جيئل) جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

4 مارچ 1960ع شاعر احمد خان ابڙو شيدا (هالا) جي وفات ٿي.
4 مارچ 1964ع شاعر اسلم مهيسر رفيقوي جو انتقال ٿيو.
4 مارچ 1975ع مذهبي اسڪالر مولانا عبيد الله لاشاري جي وفات ٿي.
4 مارچ 1985ع ناصر بلوچ کي الذوالفقار سان لاڳاپن سبب جهاز اغوا ڪيس ۾ سينٽرل جيل ڪراچي ۾ ڦاهي ڏني وئي.​
 
Back
Top