دوستو سلام ۔۔۔ اسان جي فورم جي سرگرم دوست ۽ سنڌ پرست ساٿي محترم معصوم سنڌيءَ جي امڙ جي طبيعت گهڻو خراب آهي۔ سڀني دوستن کي عرض آهي ته سندس صحتيابيء لاء رب پاڪ جي حضور دعا گهرن ۔۔۔۔ سائين نثارابڙو کي عرض ته حرم پاڪ ۾ خاص دعا گهرن۔
ڌڻي در دعا آهي ته الله تعالى اسانجي هن اوطاق جي پياري دوست جي والده ماجده کي جلد کان جلد صحتياب ڪري آمين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
محترم دوست معصوم سنڌي جي امڙ لا الله پاڪ جي بارگاهه ۾ دعا ٿا ڪيون ته شل جيجل امڙ کي پنهنجي شان رحيمي جي صدقي، سهڻي محبوب مُحمد مصطفي ا صلي الله عليه وسلم جي صدقي صحت ۽ تندرستي ۽ کيس وڏي ڄمار عطا ڪري، ۽ امڙ جيجل جي محبتن جو ڇانورو پنهنجي ٻچڙن مٿان هميشه قائم رهي۔۔ آمين۔۔۔ثم آمين
ما جو سايو جيستائين سلامت رهي ٿو اسان جي مٿان غيب کان رحمتون ۽ برڪتون وسنديون رهن ٿيون۔امڙ جي موجودگي سان، سندس دعائن اسان گُنهگارن تي ايندڙ مصيبتون، تڪليفون پري ٿيو وڃن۔۔ بيشڪ الله پاڪ امڙ جي دعائن جي صدقي اسان جا گناهه به بخش ڪري ٿو ۽ جنت ۾داخل ڪري ٿو۔ الله پاڪ جي در دعا آهي ته پنهجي مٺي محبوب محمد مصطفى صلي الله عليه وآله وسلم جي صدقي معصوم سنڌي جي بيمار امڙ کي جلد صحتياب ڪري۔۔سندس سايو هميشه سلامت رکي ۽ کيس وڏي ڄمار ڏئي۔۔آمين