السلام عليڪم دوستو سڀني کان پهرين ته توهان سڀني دوستن کان معافي جو ايترا ڏينهن مان ڪورل ڊرا جي سبقن جي سلسلي کي منقطع ڪري ڇڏيو هو، هاڻي انشاءَ الله هي سلسلو جاري رهندو هن سبق ۾ اسان ڪورل ڊرا جي ٽولز جي متعلق پڙهنداسين۔۔ Pick Toolڊفالٽ سليڪٽ ٽول، جنهن جي مدد سان هر شئي کي سليڪٽ ڪري ان تي ڪم ڪري سگهجي ٿو. Shape Toolڪورل ڊرا جو طاقتور ٽول جنهن سان اوهان ڊرائنگ جي ڪنهن به حصي ۾ تبديلي ڪري سگهو ٿا Crop Toolاميج جي ڪنهن مخصوص حصي کي الڳ ڪرڻ جي لاءِ ته جيئن ان تي ڪم ڪري سگهجي Freehand & Pen Toolzهي ٽول ۽ هن جا ٻه سب ٽولز لڪير ٺاهڻ، جوڙڻ ۽ ٻين نقطن جي مٿان ڪم ڪرڻ جي لاءِ آهن. Smart Fill Toolڪنهن اميج شيپ (چورس وغيره) جي مٿان ٻيو ڪلر ڀرڻ لاءِ هي ڪم اچي ٿو. زبردست ٽول آهي. Drawing Toolzهنن چار ٽولز ۽ انهن جي سب ٽولز جي مدد سان اوهين مختلف بهترين ڊزائنون ٺاهي سگهو ٿا. هن جي هيٺيئن آئڪان جنهن کي بيسڪ شيپس چئبو آهي تي ڪلڪ ڪرڻ سان توهان مختلف اڳ ۾ تيار ٿيل شيپ کڻي سگهو ٿا وڌيڪ هنن جي مٿان ڪم اسان جلد شروع ڪرڻ وارا آهيون. Table Toolٽيبل ڪورل ڊرا 14 جو مخصوص فنڪشن آهي جيڪو هن کان پهرئين واري ورزنس ۾ نه هو. Blend Toolهن جي اندر مختلف اهڙا ٽولز آهن جيڪي ڪورل ڊرا اندر ڊرائنگ کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪن ٿا. Eye Dropper/Color Pickerڊاڪومنٽ مان يا ڊيسڪٽاپ تان ڪو پسنديده ڪلر سليڪٽ ڪرڻ لاءِ هي ڪم اچي ٿو Outline Toolڪنهن به آبجيڪٽ جي چوڌاري بارڊر يا آئوٽلائن ڪلر ۽ سائز جي سيٽنگ جي لاءِ هي آپشن آهي، هن تي به اسان سٺو ڪم ڪنداسين . Fill Tool & Interactive Fill Toolاميج ۽ ڊرائنگ جي اندر ڪلر فل ڪرڻ لاءِ هي بهترين آپشن آهن، هنن تي الڳ سان ٽاپڪ پوسٽ ڪيا ويندا. اميد ته غريباڻي سمجهاڻي پوري طرح سمجهه ۾ آئي هوندي
ماشاءُالله سائين تمام پيارو سبق ڏنو اٿوَ۔۔۔۔ اسانجو ڪم آهي ته اوهان جي ڏنل سبقن کي پاڻ وٽ محفوظ ڪرڻ۔۔۔۔ مهرباني سائين۔۔۔۔۔
تمام بهترين شيئرنگ آهي سائين اسد صاحب توهان جي انهن سبقن مان اسان جهڙا اٻوجهه ڪافي سکي ويندا ادا ان سلسلي کي لاڳيتو جاري رکجو سدائين گڏ
سائين اسد پيارا اوهان جي پيار ڀري پڙهائي لاء سڀ دوست انتظار ۾ هئا ته الائي سائين جي ڪنهن ٻئي اسڪول ۾ بدلي ٿي وئي آهي الائي ڇا ليڪن پوء خبر پئي ته سائين لانگ لِيوِ تي ويل هئا بهرحال هاڻي سائين ايتري ڊگهي ڇٽي نه ڪندا نه ته ادا زاهد جهڙن کان سبق ئي وسري ويندو پوء نتيجي ۾ استاد سميت اسڪول جي به بدنامي ٿيندي ته فلاڻي اسڪول ۾ پڙهائي سٺي نه آهي جو هڪ به شاگرد اي گريڊ ۾ نه آيو آهي ۔
ادا ڄامشورائي سائين مولوي صاحب صحيح فرمايو آهي۔۔۔۔۔ هونءَ به پاڻ ۾ هاڻي ويسر جي عادت وڌنڌي ٿي پئي وڃي۔۔۔۔ khil sahi