منظور ڪلهوڙو
سينيئر رڪن
رني ڪوٽ جي باري هر ساڃاهه وند باشعور سنڌي توڙي هر عام ۽ خاص ڀلي ڀت ڄاڻي ٿو۔ ڪيترائي تاريخي ليک هن سنڌ جي عظيم شاهڪار بابت انٽرنيٽ توڙي ڪتابن ۾ پڻ موجود آهي۔ سنڌ جي هن عظيم ماڳ کي پسڻ لا ڪجهه سڄڻن هڪ پروگرام رکيو۔ جنهن پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ لا اسان کي به دعوت نامو ڏنو ويو نهايت خوشي ٿي رهي هئي جو مان پهريون ڀيرو هن ماڳ کي ڏسڻ وڃي رهيو هئس بتاريخ 3 مارچ بروز آچر تي صبح جو 8 وڳي ڪراچي سچل ڳوٺ کان دوستن سان گڏ روانا ٿيا سين، جن دوستن مونکي دعوت ڏني انهن کان علاوه مان ڪنهن به دوست سان پهريون ڀيرو ملي رهيو هئس ان ڪري ڪيترائي سهڻا دوست پڻ ان ساٿ م ملي ويا جن سان سفر دوران پنهنجي مٺي ٻولي ۾ ڪچهرين جو سلسلو هلندو رهيو، ڄامشورو کان ٿورو ٻاهر هڪ هوٽل تي ناشتي جو بدوبست ٿيل هو ان کان پو رني ڪوٽ لا روانا ٿيا سين، رهبر سنڌ جي شهر سن جي لڳو لڳ ڪراچي کان ويندي کاٻي پاسي 32 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي رني ڪوٽ جو شاندار قلعو اونچن پهاڙن جي سلسلي جي مهاڙي ۾ ڪنهن سنڌ جي جوڌي جيان اوڇو ڳاٽ کنيون پري پوري کان نظر ايندڙ اهو قلعو پنهنجي سنهري سنهري پٿرن سان اهڙا ته تجلا ڏيندي ڏيکارجي رهيو هو جو ائين ٿي لڳو ڪنهن نفاست سان سموري جي سموري قلعي تي سوني پاڻي سان راڳو ڪيو هجي اوڀر کان اڀرندڙ سج جا ڪرڻا چمڪاٽ ڪري قلعي جي ديوارن سان ٽڪرائجي هڪ هڪ وڻندڙ منظر پيش ڪري رهيا هئا۔ جئين جئين قلعي طرف ڌوڪيندا ٿي ويا سين تئين قلعي جي سونهن من کي موهيندي ٿي وئي، هيڏي وڏي اوچائي تي اڏيل سنڌ ڌرتي جي لڳ ڀڳ ٻه هزار پنج سئو پورهيتن جي پگهر سان جُڙي راس ٿيل هي شاندار قلعو سنڌ جي ئي مالي خزاني مان جڙيل هي شاندار قلعو سنڌ جي ان وقت جي خوشحالي جو جيئندو جاڳندو مثال آهي۔ هن قلعي بابت ڪيتريون ئي ڏند ڪٿائون پڻ آهن۔ پر مان سمجهان ٿو ڪجهه به هجي ڪير ڇا به چوي ته ڪنهن ايران جي بادشاهه، يا رومانيه سلطنت وارن ، يا ڪنهن ٻئي طاقتن جوڙايو پر مان هڪ ئي ڳالهه ڪندس ته سنڌ جي پورهيتن ، سنڌ جي رازن، سنڌ جي خزاني سان جڙيل هي دنيا جو وڏي وڏي ۾ وڏو قلعو سنڌ جي ئي ميراث آهي جنهن تي اسان جيترو به ناز ڪيون اهو گهٽ آهي۔
هي مک دروازي جي ڏيک آهي جنهن کي سن گيٽ چيو وڃي ٿو۔
رني ڪوٽ قلعي تي پهچي هر ڪو دوست قلعي جي سونهن بابت ويڇار ڪندي ٽهڪڙا ڏيندي ۽ هن دور ۾ هن ماضي جي شاندار قلعي جي حالت کي اجڙيندي ڏسي پڻ ساڃاهه وندن جو اکيون ڏکاري هئڻ جو ڏيک ڏئي رهيو هيون، يقينن ساڃاهه وند جيڪي ڌرتي جي ذري ذري سان چاهه رکن ٿا انهن جا سينه ڌرتي جي قومي ماڳن کي اجڙندي ڏسي رت جا ڳوڙها پڻ ڳاڙيندا رهن ٿا ته اسان ڪهڙو پيغام دنيا تائين پهچائي رهيا آهيون ته اسان هيڏو شاندار ماضي رکندڙ تهذيب يافته قوم اڄ پنهنجن ئي انهن ماڳن کي محفوظ نٿا ڪري سگهن جيڪي مجبوري ۽ محڪومي جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهن ته اهي ڪهڙي ريت هنن ماڳن کي محفوظ ڪن۔۔۔ڪيترائي سوال پيدا ٿين ٿا؟؟؟؟هي ميري ڪوٽ جو اندريون منظر آهي جيڪو کنڊرات جي شڪل ٿي ويو آهي
اهڙي ريت اسان اندر داخل ٿي ميري ڪوٽ کي به گهمي ڏٺو سين ۽ اتي پهچندي مانجهاندو ڪرايو ويو جيڪو اتان جي ويجهڙائي ۾ اسان سان گڏ هڪ دوست جو ڳوٺ هو اتان ان جي مائٽن مانجهاندي جو بندوبست ڪيو، جنهن ۾ نج روايتي کاڌا کارايا ويا جنهن ۾، مکڻ، لسي، جوئر جي ماني ۽ ڀينڊين جي ٻوڙ سان گڏ مرغي به شامل هئي، رني ڪوٽ جي قلعي اندر اهڙي مهمان نوازي مرڻ گهڙي تائين وسارڻ جهڙي ڪونهي۔۔
مانجهاندي جو ڏيک جنهن ۾ ڀينڊين جو ٻوڙ، مکڻ، لسي ۽ جوئر جون مانيون