ننڍي کنڊ جي عظيم بزرگ صوفي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه 1689ع ۾ سنڌ جي شهر هالا حويلي ۾ سيد حبيب الله شاهه جي گهر پيدا ٿيو، سندس تعليم اڄ به اسان لاءِ مشعل راهه آهي، سندس صوفياڻو ڪلام سنڌ ڌرتيءَ جي ثقافت ۽ تهذيب کي اجاگر ڪندو آهي. سندس تعليم ۾ محبت، اخوت، امن ۽ ڀائيچاري جو درس ملي ٿو، جيڪو هميشه قائم ۽ دائم رهندو. هُن زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو سماجي ۽ معاشي جائزو ورتو، پنهنجي شاعري ۾ ان جو احوال ان انداز ۾ پيش ڪيو ته قومن کي پنهنجي سڌاري لاءِ صحيح رستو ڳولڻ ۾ گهڻي مدد ملي، سندس ڪلام جي آفاقيت جو سڀ کان اهم سبب سندس انداز بيان آهي، جيڪو اڄ به سڄي دُنيا ۾ سندس ڪلام پنهنجي ڀِنل خوشبوءَ سان معطر ڪري رهيو آهي. هن پنهنجي روحانيت کي شاعري ذريعي عوام ڏانهن منتقل ڪيو. ان مقصد لاءِ هو روزانو عشاءِ جي نماز کانپوءِ محفل سماع منعقد ڪندو هو جيڪا فجر جي اذان کان اڳ تائين جاري رهندي هئي، ان دوران هو پنهنجو ڪلام پيش ڪندو هو ۽ شرڪت ڪندڙن سان تنبوري سان گڏ پنهنجو ڪلام ٻڌندو هو، پريشانين ۾ مبتلا ماڻهو سڄي رات سندس صوفياڻن ڪلامن مان سڪون قلب حاصل ڪندا هئا. اڄ به اهو سلسلو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار ڀٽ شاهه ۾ جاري آهي ۽ لکين ماڻهو اڄ به شاهه صاحب جو فيض حاصل ڪري رهيا آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي ڪلام ۾ بيان ڪيو آهي ته پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ ان جي عظيم ڪلام جي حڪمت کي بغير ڪنهن رڪاوٽ ۽ حجت جي خوشي خوشي قبول ڪندا آهن ۽ جنهن تي عمل ڪري اُهو شخص پنهنجي زندگي جي اصولن کي ڳولي وٺندو آهي ۽ ان تي هلي ڪاميابي به حاصل ڪندو آهي. سندس ڪلام ۾ اهڙي گهرائي، سوچ، فڪر ۽ علم آهي جيڪو پڙهندڙ يا ٻڌندڙ کي وڏي خوبصورتي سان پنهنجي رفت ۾ آڻيندو آهي، سندس ڪلام جو فڪري روح پنهنجي مفهوم سان گڏ اوتري ئي مضبوطيءَ سان جڙيل آهي جو انهن ٻنهي کي ڌار ڌار نظرن سان ڏسڻ ممڪن نه آهي. انڪري ئي شاهه صاحب جي بي مثال ڪلام ماڻهن جي دلين تي اڻ مِٽجندڙ اثر ڇڏيا. سندس شاعري ۾ عربي، سنڌي، هندي، فارسي، بلوچي، براهوي سان گڏوگڏ اردو ۽ پنجابي جا لفظ ڪثرت سان ملن ٿا، درجنين ٻولين جي لفظن جو هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ انفراديت کي جنم ڏئي ٿو، سندس ڪلام کي ساز ۽ آواز جي آهنگي سان پڙهڻ سان عجب ڪيفيت پيدا ٿيندي آهي. وٽس قرآن ڪريم، مثنوي مولانا رومي ۽ رساله شاهه ڪريم هر وقت موجود رهندا هئا، انهن ٽنهي ڪتابن جي فلسفي ۽ فڪر، حديث، فقه تصوف و هدايت ۽ وقت جي سمورن رواجي ڪلام سندس شاعري جو حصو هئا. هو پنهنجي زماني جي سماجي معاشي، سياسي، مذهبي تاريخي، تهذيب ۽ ثقافت جي علم تي مڪمل عبور رکندو هو، هو نه رُڳو سنڌ پر پاڪ ۽ هنڌ ننڍي کنڊ جي تاريخ ۽ تمدن تي به گهري نظر رکندو هو،. موسيقي جو علم به ڄاڻندو هو، سندس ڪلام جو وڏو حصو موسيقي جي سرن تي ٻڌل آهي. شاهه عبداللطيف جو هتي اعليٰ خيال آهي، جذبه ۽ احساس آهي مشاهدو ۽ مطالعو آهي، هو لفظن جو بادشاهه به آهي، گڏ ئي هو ڪلام ۾ سر ۽ سنگيت يا موسيقي سان هم آهنگ ڪرڻ جو خوبصورت فن به رکندو هو، اهو ئي سبب آهي جو سندس شاعري دل ۽ دماغ تي پنهنجو اثر ڏيکاريندي آهي ته ٻڌندڙ سندس عاشق ٿي ويندو آهي، سندس شاعري ۾ خالص عوامي ٻولي موجود آهي، ان ۾ تشبيهون ۽ هڪ لفظ ۾ ڪيتريون ئي معنائون هجڻ جي خصوصيت موجود آهي جنهن سنڌي ٻولي کي مالا مال ڪري تمام خوبصورت روپ ڏنو آهي. سندس موضوعن جي اهميت کي به تمام گهڻو ساراهيو ويو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي 63 ورهين جي ڄمار ۾ 1753 ۾ مراقبي جي حالت ۾ رحلت فرمائي۔ ليکڪ :شرميلا فاروقي۔۔۔۔۔بشڪريه شيع دوست فورم
دنيا جو سڀ کان وڏو شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمتُه الله عليه آهي۔۔۔اهڙا شاعر دنيا ۾ تمام گهٽ آهن۔جن جي شاعري پڙهڻ سان قلبي سُڪون ملي، جيڪا ڳوٺ جو هڪ عام اڻ پڙهيل ماڻهو به ياد ڪري وڃي ، ان کي سمجهي سگهي ، سمجهائي سگهي يا ان کي ڳائي سگهي۔۔۔۔ڀٽائي جي اها خوبي آهي ته هو معاشري جي هر انسان جي دل ۾ رهي ٿو۔۔هر مڪتبه فڪر سندس شاعري کي پڙهي ٿو، ساراهي ٿو ۽ پنهنجي پنهنجي سمجهه مطابق معنى ڪڍي ٿو۔اسان سنڌي ڀٽائي تي جيترو فخر ڪريون گهٽ آهي۔
شاهه لطيف جي شاعري سموري طبقن، سموري ماڻهن ۽ سموري دنيا جي سلامتي جي شاعري آهي، سندس شاعري ۾ جدوجهد جو پيغام به آهي ته اتي انسانيت جي بهتري جو درس به ملي ٿو ۔۔۔ بيشڪ هو هڪ عظيم شاعر آهي۔