سنڌ جي سڀني وڏن شهرن ۾ فائرنگ ڪرائي ايم ڪيو ايم پر امن احتجاج جو پئيغام ڏيئي ڇڏيو آهي هاڻ هرڪو پنهنجي جان جي پاڻ حفاظت ڪري ايم ڪيو ايم جي ڪو ضميواري نه آهي.ڪراچي جون ڪاروباري ۽ تعليمي سرگرميون اڻڄاتل مدي تائين بند ايم ڪيو ايم پاران عباس ٽائون سانحي جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ اڻڄاڻايل مدي تائين هڙتال جو اعلان، نه ڪاروبار کلندو نه گاڏيون هلنديون: رضا هارون
گذريل 25 سال حڪومت ۾ رهڻ کان پوءِ به جيڪڏهن هُو پڇن ته ”هي قتل غارت ڪڏهن ختم ٿيندي۔۔۔“ ته سندن سادگي ۽ معصوميت ته کين چئجي۔۔۔ ته آخر ڇا؟
يار ان پر امن هڙتال کي ته هاڻي ڄمندڙ ٻار به سمجهي ويو آهي ۔۔۔۔۔۔۔ پر اها خبر ته هنن هڙتال جو سڏ واپس وٺي ڇڏيو آهي، ڪجهه سک جو ساهه کنيوسين۔