• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اچو واڳن کي هت ونگ وجهون

اچو واڳن کي هت ونگ وجهون
ماري تن جا انگ وجهون
ٿو ڏهڪائي هت ڏيهن کي
ديس جي دودي دليرن کي
اچو ڪات وجهي تنهن کي ته ڪهون
پو سوڀارا هت يار ٿيون
هن کي مات ڪيون مردار ڪيون
ديس جا پاڻ ڌنار ٿيون
هي پاڻ چريو هت آهي ٿيو
تنهنکي ونگ وجهي هت يار دسيون
هي پنهنجو پاڻ ٿيو ويري آ
پاڻ سڙي ٿيو ڪيري آ
هن جي اک ته ميري آ
هاڻي ٿيو هي ڍيري آ
 
Back
Top