واهه واهه ۔۔۔ زبردست، طالب المولا جي طرح تي سرن ورکا ۾ دوستن پاران موڪليل شاعري ۽ اوهان جي شاعري خوب وڻي۔۔۔۔۔۔ لاجواب ڊزائن
سائين طرحي غزل جي طرح ڪنهن مخصوص پروگرام لاء ڏني ويندي آهي ان ۾ هڪ سٽ ڏنل هوندي آهي۔ جيڪا ڪنهن شاعر جي شاعري جي چونڊ هوندي آهي۔ ان سٽ کي مدِ نظر رکندي ان ساڳئي وزن ۽ بحر ٿوڙي ساڳئي قافيي ۽ رديف تي شاعري ڪئي ويندي آهي۔ باقي عام غزل لاء اسان ڪو به قافيو، رديف، وزن، بحر منتخب ڪري سگهون ٿا۔ وڌيڪ توهان پاڻ شاعر آهيو۔۔۔ توهان بهتر ٿا ڄاڻو مون کي ايتري ئي خبر آهي۔ ٻنهي جي وڇ ۾ فرق جي۔۔۔۔۔۔