2281 اٽيچمينٽ ڏسو سُهائي ابڙو : سنڌ جي سُهائي محمد سليمان وساڻ مون ڪٿي سائين جي ايم سيد جون اهي سٽون پڙهيون هيون ته “ اهل تصوف ۽ فيلسوفن رقص کي آرٽ جو وڏو درجو ڏنو آهي، هنن جي چوڻ موجب زندگي خود هڪ وڏو رقص آهي، جنهن کي جيترو خوش اسلوبيءَ سان ادا ڪبو، اوترو سجايو ٿيندو.” موهن جي دڙي مان ملندڙ رقص ڪندڙ مورتي کي ڏسي مونکي اهو لڳندو آهي ته سنڌ سان ڄڻ رقص جو ڪو جنمن جو ناتو آهي. مونکي ڪٿڪ يا ڪلاسيڪل ڊانس گهٽ ڏٺي آهي، ڪجهه وڊيوز انيلا سندر جون ڏٺيون اٿم جنهن ۾ هو رقص ۾ مصروف آهي. ڪراچي جي خوفناڪ ۽ نا خوشگوار حالتن ۾ ماڻهو هر وقت عجيب الجهن ۽ خوف ۾ رهي ٿو، اهڙي حالتن ۾ سنڌ جي بيباڪ ليکڪه امر سنڌو جي شاعريء جي مجموعي جي ڪراچي ۾ ٿيندڙ مهورتي تقريب ۾ 4 مارچ تي شام جو پهتاسين. پروگرام سٺو ۽ وڻندڙ هيو، پروگرام هلندي ڪراچي جي حالتن جو به ذڪر ٿيو. پروگرام جي آخر ۾ اعلان ٿيو ته سُهائي ابڙو شاهه لطيف جي ڪلام تي لوڪ رقص پيش ڪندي. سُهائي سان منهنجي ملاقات سال کن اڳ ٿي هئي جڏهن هندستان مان آيل ميڊم اندرا پوناوالا کي ڇڏڻ عطيه دائود جي گهر ويا هئاسين. ميڊم عطيه ۽ سندس مڙس ڪي بي ابڙو ان وقت گهر ۾ ڪونه هئا ۽ سُهائي ميڊم اندرا کي وٺڻ لاء آئي هئي. هن ٻڌايو هو ته هو ناليواري ڪٿڪ رقاصه شيما ڪرماني کان ڊانس سکي رهي آهي. سُهائي جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته ماڻهن جي جملن سبب ٿورو ڪنفيوز ٿي وئي، پر جڏهن هن لطيف سائين جي سُر ڪلياڻ مان اسڪيچز جي ڳايل ڪلام “منڌ پيئندي مون” تي رقص ڪيو ته هن سان گڏ مونکي سمورو حال ۽ سنڌ رقص ڪندي محسوس ٿي. سموري حال ۾ سانت ڇانئجي وئي. ان کانپوء هن مومل راڻو مان سائين جمن شاهه جي ڪلام تي رقص ڪيو ۽ خوب داد حاصل ڪيو ۽ ماڻهو ڪافي وقت تائين تاڙيون وڄائيندا رهيا. شيما ڪرماني کانپوء اهو لڳو ته صدين کان رائج سنڌ جو رقص اڃان جيئندو رهندو، هڪ اهڙو رقص جيڪو امن ۽ شانتي جو پيغام ٿو ڏئي. اسان جي شاعر دوست مسرور پيرزادي، سُهائيء جي رقص کان متاثر ٿي کيس ڀيٽا طور هڪ نظم لکيو آهي جيڪو سڀني سان ونڊ ڪجي ٿو. سُھائي رقص ۾ آھي۔ مسرور پيرزادو نچي ٿو چنڊ چوڏهينءَ جو، ستارا ڇير پائن ٿا، وڄائي واءُ ٿو وينا، ۽ گُلڙا گُنگُنائن ٿا، لطيفي لات تي ھن جي، بدن جي شاعري ٻُڌندي، خدائي رقص ۾ آھي، سُھائي رقص ۾ آھي۔ ملڻ جون موسمون ناھن، جدائي آ خزان جھڙي، سڀئي ميلاپ جا سپنا، ڇڻن ٿا ھاء! پن پن ٿي، مگر دل پو به پاگل آ، ڏسي ٿي خواب ئي ويٺي، بھارن جا سرءُ ۾ ڀي، جدائي رقص ۾ آھي، سُھائي رقص ۾ آھي۔ مرن ٿا روز پيا ماڻھو، ھلن ٿيون روز ھت گوليون، نشاني تي پکي آھن، جي ٻولن پيار جون ٻوليون، رڳو ھت روج راڙو آ، ويون ٽھڪن سنديون ٽوليون، بچائي حـُسن ئي سگھندو، رڳو بس ھاڻ دنيا کي، بچائي ھيءَ ڪلا سگھندي، رڳو بس ھن زماني کي، اھائي ڳالھ ھن مون کي، ٻُڌائي رقص ۾ آھي، سُھائي رقص ۾ آھي۔ ____ سهائي ابڙو کي ڀيٽا اسڪيچز پاران ڳايل منڌي پيئندي مون تي سهائي جو رقص https://www.facebook.com/video.php?v=134530090057952 جمن شاهه پاران ڳايل مومل راڻو تي سهائي جو رقص https://www.facebook.com/video.php?v=134640440046917
محترم سائين سليمان وساڻ جو هڪ نهايت ئي شاندار ۽ روح کي ريجهائندڙ ونڊ ۔۔۔ لکڻ جي ڏانوَ ۽ رقص جي مختصر تعرف اندر جون تارون ڇيڙي وڌيون ۔۔۔ ادب ۽ ثقافت قومن جو ترجمان هوندو آهي ۔۔۔ فنڪار، ڪلاڪار ۽ رقاص سنڌي ادب کي خوب کان خوب تر پيش ڪندا رهيا آهن ۔۔۔ بلي شاه ته نچي نچي يار کي مڃائڻ جا جتن ڪيا ۔۔۔ ۽ رقاصه کي ديوين جو درجو ڏنو هو، ۔۔۔ سچل سرمست پڻ راڳ ۽ رقص جي معرفت محبت جي اظهار ۽ محبت جي ويجهڙائي پائڻ لاءِ نچندو رهيو ۔۔۔۔ جيتوڻيڪ سنڌي راڳ ۽ رقص ڪافي پوئتي پوندو وڃي ۔۔۔ مختلف وجهن سبب ادب ۽ ثقافت کي ڪافي نقصان رسايو ويو آهي پر پوءِ به مختلف فنڪار ۽ ڪلاڪار پنهنجي شفافيت سان فن جي خدمت ۾ پاڻ ملهائي رهيا آهن ۔۔۔جيتوڻيڪ اٽي ۾ لوڻ آهي پر پوءِ به انتهائي شاندار آهي ۔۔۔ سهائي ابڙو جو رقص پڻ فن جو هڪ شاهڪار آهي ۔۔۔ لک ٿورا سهڻا دوست ۔۔۔ اصل دل خوش ٿي وئي انڪري جو اڃان سنڌي فن ساهه کڻي پيو ۔۔۔ مزو اچي ويو۔
عطيه دائود ۽ خدا بخش ابڙو جي ڪاوشن جو نچوڙ سهائي، سچ پچ سهائي واقعي به سويرو آهي، سوجهرو آهي انقلاب جو، اهو انقلاب جيڪو اچڻو آهي، مون سهائي کي امر سنڌو جي موبائل ڪلپس تي ڏڻوم شيما ڪرماڻي ۽ عائشه سومرو کان پو سهائي جو نرت من موهي وڌو۔هن جي نرت ۾ نياز ۽ نمرتا نظر آئي۔