ڪجهه عرصي کان ڪوشش ۾ آهيان ته سنڌ سلامت جي ڊائونلوڊ سيڪشن کي وڌيڪ بهتر بڻائجي۔۔۔ انشاء الله سنڌ سلامت جي سالگره تائين ان ۾ ڪجهه بهتر تبديليون آنديون وينديون جنهن کان پوءِ سنڌ سلامت جو هي اهم سيڪشن پٺتي نه رهندو۔۔۔ ۽ اڳ جي موضوعن کي منتقل ڪرڻ کان سواءِ نون موضوعن جو اضافو پڻ آندو ويندو۔۔۔
هن کي استعمال ڪرڻ به بلڪل آسان آهي۔۔ بس هن ۾ وڊيو هلايو ۽ اهو حصو چونڊيو جيڪو ختم ڪرڻو هجي۔۔ حصو چونڊڻ کان پوءِ رڳو ڪيبورڊ تان ڊيليٽ بٽڻ دٻايو ۔۔۔ هي سافٽويئر ان حساب سان به ڀلو آهي ته هن جي مدد سان توهان آساني سان ڪنهن فلم جو ڪو نامناسب سين ختم ڪري سگهو ٿا۔۔۔
ڪجهه ٻاراڙيون ڪارٽون موويز مان اهڙي سين کي ڊيليٽ ڪرڻ ته بلڪل آسان آهي۔۔۔
هوئن ته هن سافٽويئر جو ليٽيسٽ ورجن 20 ڊالرس جو آهي پر مختصر ڪم ڪندڙن لاءِ هن سافٽويئر جو لائيٽ ورجن بلڪل مفت آهي۔۔۔ هتي پهچي ڪري ٻئي ورجن ڊائونلوڊ ڪري سگهجن ٿا۔۔۔
********
اڄ ڪنهن آفيشل ڪم تحت هڪ وڊيو جا ڪجهه غير ضروري حصا ختم ڪرڻ جي الجهن پيش آئي ۔۔ سوچيم ڪو اهڙو سافٽويئر هٿ ڪجي جيڪو سائيز ۾ گهٽ ۽ استعمال ۾ سولو هجي ته جيئن ڪم تڪڙو اڪلائي وٺجي۔۔ ان سلسلي ۾ معمولي ڳولا کان پوءِ Machete Lite نالي هڪ ننڍو سافٽويئر نظر آيو ۔۔۔
هي نسبتن آسان وڊيو ايڊيٽر آهي جنهن جي سائيز به رڳو 5۔1 ميگا بائيٽ آهي۔۔ هن جي مدد سان توهان ڪنهن به وڊيو مان جيڪو حصو چاهيو، وڊيو جي ڪوالٽي کي متاثر ڪرڻ بنا ئي ڊيليٽ ڪري سگهو ٿا۔۔۔ مثال طور ڪنهن وڊيو جي ابتدا ۾ موجود ڊگهو انٽرويو ختم ڪري توهان وڊيو کي مختصر ڪرڻ چاهيو ٿا ته هي سافٽويئر ان وڊيو جي ڪوالٽي کي متاثر ڪرڻ بنا ئي ڊيليٽ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو۔۔۔ ان طرح توهان وڊيو جي ٻيهر ان ڪوڊنگ ڪرڻ کان به بچي ويندو۔۔هن کي استعمال ڪرڻ به بلڪل آسان آهي۔۔ بس هن ۾ وڊيو هلايو ۽ اهو حصو چونڊيو جيڪو ختم ڪرڻو هجي۔۔ حصو چونڊڻ کان پوءِ رڳو ڪيبورڊ تان ڊيليٽ بٽڻ دٻايو ۔۔۔ هي سافٽويئر ان حساب سان به ڀلو آهي ته هن جي مدد سان توهان آساني سان ڪنهن فلم جو ڪو نامناسب سين ختم ڪري سگهو ٿا۔۔۔
ڪجهه ٻاراڙيون ڪارٽون موويز مان اهڙي سين کي ڊيليٽ ڪرڻ ته بلڪل آسان آهي۔۔۔
هوئن ته هن سافٽويئر جو ليٽيسٽ ورجن 20 ڊالرس جو آهي پر مختصر ڪم ڪندڙن لاءِ هن سافٽويئر جو لائيٽ ورجن بلڪل مفت آهي۔۔۔ هتي پهچي ڪري ٻئي ورجن ڊائونلوڊ ڪري سگهجن ٿا۔۔۔