السلام عليڪم: سنڌ سلامت ساٿيو ، آئون ڪوبه ڪتاب پي۔ڊي۔ايف ۾ محفوظ (سيو) ڪندو آهيان ته اهو پنهنجي اصلي سيٽنگ ڇڏيو وڃي ، ايم۔ايس آفس ۾ جسٽِفاءِ ٿيل هوندو آهي ۽ پي۔ڊي۔ايف ۾ رائٽ ٽُو ليفٽ سيٽ ٿيو وڃي مهرباني ڪري ٻڌايو ته ان کي اصل حقيقت ۾ پي۔ڊي۔ايف ڪيئن سيو ڪجي ؟ ڪنهن به دوست کي ان مطعلق ڪا ڄاڻ هجي ته مونکي ٻڌائي ۔ نمونو هيٺ ڏيان ٿو جيڪو پي۔ڊي۔ايف فارميٽ جو آهي ۔ 2282 اٽيچمينٽ ڏسو
ها ها ها ها۔۔ادا شاهين۔۔تڪڙ ۾ ڪم رهجي ويندي ڏٺو آهي۔۔۔ پرهتي ته ڳالهه ئي ٻي لڳي پئي آ۔۔۔ ادا عبيد دل ۾ نه ڪجو۔۔جيستائين توهان جو مسئلو حل ٿئي۔۔تيستائين دل پيا وندرايون۔۔۔
ادا لڳي ٿو اوهان به هي موضوع نه پڙهيو آهي هن طرف اچو مسعلو حل ٿي ويندو۔۔۔۔۔ http://www.sindhsalamat.com/threads...ڪرڻ-لاء-ڪنهن-سٺي-سافٽويئر-جي-ضرورت-آهي.22267/
ادا @عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم اميد ته سجاد صاحب جي ليک ڏسڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ کان پوءِ اوهان جو مسئلو حل ٿي ويو هوندو۔ ۔ ۔ پوءِ به جيڪڏهن ڪو مسئلو هُجي ته ٻُڌائجو۔ ۔ ۔ اوهان کي تحرير موڪلڻ مهل نيٽ جي سلو اسپيڊ (جنهن جي ڪري اڪثر لڳندو آهي ته ڪم نه ٿيو پر اصل ۾ ٿي چُڪو هوندو آهي) جي ڪري هڪ تصوير الاهي دفعا اپلوڊ ٿي آهي ته تميم ۾ وڃي ٺيڪ به ڪري سگهو ٿا
ادا سجاد سومرو مهربانيو ن ، مون اهو سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪري ڇڏيو آهي ۔ اميد ته صحيح ڪم ڪندو ، فلحال ته مان مڪمل هارڊسڪ کي فارميٽ ٿو ڪريان ۽ اهي سافٽوئر يو۔ايس۔بي ۾ وجھان ٿو۔۔۔ مدد ڪرڻ جون مهربانيون ۔ سنڌ سلامت ، ساٿ سلامتعبيدالله ”عبيد“ ٿهيم ، ٽنڊوآدم