ماڻهن کي گم ڪرڻ جون ماسٽر مائينڊ آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ آهن: گڏيل قومون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ علي اصغر سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2013۔

  1. علي اصغر سومرو

    علي اصغر سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 جنوري 2013
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    قمبر شهر


    2284 اٽيچمينٽ ڏسو
    گڏيل قومن پاڪستان ۾ گم ڪيل ماڻهن وارن واقعن ۾ آءِ ايس آءِ ۽ ملٽري انٽيليجنس کي ملوث قرار ڏيندي ايجنسين تي ڪنٽرول لاءِ واضح قانون ۽ ادارا قائم ڪيا وڃن ته جيئن انهن جي نگراني ٿي سگهي ۽ احتساب به ڪري سگهجي. پاڪستان ۾ گم ڪيل ماڻهن جي جاچ لاءِ قائم ڪيل ورڪنگ گروپ پنهنجي رپورٽ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل ۾ پيش ڪئي آهي. ڪائونسل جي 22 هين اجلاس ۾ هي رپورٽ ايجنڊا آئٽم نمبر 3 هئي. عوامي آواز وٽ موجود ان رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ورڪنگ گروپ پاڪستان حڪومت جي دعوت تي 10 کان 20 سيپٽمبر 2012ع تائين پاڪستان جو دورو ڪيو. گروپ ۾ ان جي سربراهه اوليورڊي فرو وائيل ۽ عثمان الحاجي شامل هئا. دعوت تي گروپ حڪومت جو ٿورائتو آهي ۽ اميد ٿو ڪري ته ويجهي مستقبل ۾ ٻين خاص اختيار رکندڙن کي به دعوت ڏني ويندي ۽ گم ڪيل ماڻهن جو مسئلو عام ٿيڻ جي آجيان ڪريون ٿا ۽ اها به تصديق ڪئي وڃي ٿي ته ماڻهن کي جبري طور گم ڪيو ويو آهي ۽ اهو سلسلو اڃا به جاري آهي. گروپ کي وڌيڪ شڪايتون مليون ته ماڻهن کي قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسين انٽيلي جنس ايجنسين جي مدد سان گم ڪيو آهي. گروپ گم ڪيل ماڻهن جي معاملي تي خاص ڪميشن قائم ڪرڻ ۽ عدليه طرفان ان معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ ادا ڪيل ڪردار جي آجيان ڪري ٿو پر گڏوگڏ اهو به چوي ٿو ته ڪميشن وٽ محدود اختيار آهن، جڏهن ته عدليه ۽ ڪميشن جي حڪمن تي عمل به نه پيو ڪيو وڃي. ورڪنگ گروپ سرڪاري ايجنٽن جو موقف حاصل ڪري نه سگهيو ۽ انهن عملن بابت غير شفافيت وارو عام تاثر موجود آهي. ان سلسلي ۾ جبري گم شدگي جي ڏوهه کي ظاهر ڪرڻ لاءِ آزاد اداري جي غير موجودگي تي ڳڻتي آهي ۽ ان کي ختم ڪرڻ گهرجي. گروپ زور ڀريو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انٽيليجنس ايجنسين جي نگراني ۽ احتساب يقيني بڻايو وڃي. گم ٿيل ماڻهن جي مائٽن خاص طور عورتن جي مدد ڪرڻ لاءِ خاص قدم کنيا وڃن ۽ جبري گم شدگي جو شڪار ماڻهن جو معاملو حل ڪيو وڃي. رپورٽ موجب ايم ڪيو ايم 90ع واري ڏهاڪي ۾ پنهنجي 28 ڪارڪنن جي اغوا بابت ٻڌايو پر ماڻهن کي گم ڪرڻ جو سلسلو 11 سيپٽمبر 2001ع جي واقعن بعد شروع ٿيو، گروپ جي دوري دوران به ماڻهن کي گم ڪرڻ جو سلسلو جاري هو ۽ بلوچستان ۾ صورتحال وڌيڪ خراب آهي. جتان 14 هزار کان وڌيڪ ماڻهو گم ٿيڻ جا اطلاع آهن، پر صوبائي حڪومت انهن جو انگ 100 کان به گهٽ ٻڌايو، جيتوڻيڪ سرڪار جا ظاهر ڪيل انگ اکر صورتحال جي درست عڪاسي نه ٿا ڪن پر اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اهو مسئلو موجود آهي. ڪيترائي ماڻهو ايف سي، يا رينجرز يا ٻنهي ادارن گڏجي شاهدن جي موجود گي ۾ کنيا ويا، انهن آپريشن جو حڪم آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ ڏنو. پوليس وارثن جا ڪيس به داخل نه ڪيا ۽ هنن سپريم يا هاءِ ڪورٽن مان اچي ڪيس داخل ڪرائڻ جا حڪم حاصل ڪيا. ڪجهه خاندانن کي عدالت ۾ وڃڻ تي ڌمڪيون مليون ۽ ڪجهه کي چيو ويو ته عدالتن ۾ نه وڃو ته توهان جا پيارا آزاد ٿي ويندا، پر ان واعدي تي عمل نه ڪيو ويو. گروپ آخر ۾ نتيجا ڪڍندي ڪجهه سفارشون ڪيون آهن. گروپ پنهنجي نقطي نمبر 97ع ۾ چيو آهي ته ان ڳالهه تي سخت ڳڻتي آهي ته انٽيليجنس ادارن جي درست نموني نگراني نه پئي ڪئي وڃي ۽ اهي عوامي حڪومت وٽ جوابده نه آهن، اهو به الزام هنيو ويو آهي ته انٽرسورسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) ۽ ملٽري انٽيليجنس (ايم آءِ) جبري گم شدگي وارن آپريشن جي منصوبابندي ڪنديون آهن، ان لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ۽ انٽيليجنس ادارن جي نگراني ۽ احتساب لاءِ واضح قانون ۽ مختص ادارو قائم ڪيو وڃي ۽ اهلڪارن کي انساني حقن جي احترام جي سکيا ڏني وڃي. پاڪستاني رياست عوام کي سچ، انصاف ۽ بحالي جو حق فراهم ڪري گروپ جي رپورٽ 21 صفحن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ 100 نقطا شامل آهن.

    علي اصغر سومرو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪاش انهن رپورٽن تي ڪا عملي ڪاروائي ٿي ۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو