عباس ٽائون سانحي تي ٿيندڙ سياست

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2013۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]

    ڪراچي بدامني ڪيس ۽ عباس ٽائون سانحي بابت سپريم ڪورٽ طرفان ورتل پاڻ مرادي نوٽيس تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ريمارڪس چيو ته رينجرز جا 11هزار اهلڪار شهر جي امن لاءِ مقرر ٿيل آهن، پر انهن اهلڪارن جي هوندي به شهرين کي ڪو به تحفظ ناهي ملي سگهيو، پوليس سان گڏوگڏ رينجرز به ناڪام ٿي چڪي آهي، ۽ شهري پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهيا آهن، سپريم ڪورٽ ٻڌڻي دوران چيو ته هيڏي وڏي سانحي باوجود حڪومت ڪنهن به آفيسر خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي، ۽ نه وري ڪنهن کان پڇاڻو ڪيو ويو آهي، چيف جسٽس جو چوڻ هو ته آڪٽوبر ۾ جيڪڏهن حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪيون ها ته موجوده صورتحال پيدا نه ٿئي ها
    ۽ نه وري ايتريون جانيون ضايع ٿين ها، سپريم ڪورٽ ٻڌڻي دوران ايس ايس پي ملير رائو انوار سميت ايس ايڇ او سچل ٿاڻي تائين جي آفيسرن کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته ٿيڻ هيئن گهربو هو جو آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي ان سانحي تي ناڪام جو اعتراف ڪندي عهدو چڏڻ گهرجي ها، سپريم ڪورٽ جي اهڙي ريمارڪس کان پوءِ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي وڏي وزير سان رابطو ڪيو، جنهن تي سيد قائم علي شاهه کيس هدايتون جاري ڪيون ته جيئن سپريم ڪورٽ چوندي ائين ٿيندو، سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪندي عباس ٽائون سانحي بابت آءِ جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي ۽ اهو چيو ته 8 مارچ تي سانحي بابت سپريم ڪورٽ پنهنجو فيصلو ضرور ٻڌائيندي.
    حڪومت ۽ پوليس آفيسرن اعليٰ عدالت جا ريمارڪس ٻڌڻ کان پوءِ پاڻ کي بچائڻ لاءِ روايتي طريقو اختيار ڪيو، آءِ جي سنڌ فياض لغاري ۽ ڊي آءِ جي عليم جعفري عهدا ڇڏڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ حڪومت هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي ٻنهي آفيسرن جون خدمتون وفاق جي حوالي ڪري ڇڏيون، عباس ٽائون سانحو جتي حڪومت کان پڇاڻي لاءِ عدالت اٽڪيل آهي ته اتي وري ڪراچي جون سياسي ڌريون ان کي سياسي طور استعمال ڪرڻ جو ڪوشش ڪري رهيون آهن، جنهن جو سڀ کان وڏو مثال ايم ڪيو ايم طرفان عباس ٽائون سانحي جا جوابدار گرفتار ڪرڻ تائين ڪراچي کي بند ڪرڻ وارو سڏ ۽ شهر ۾ گذريل ڏينهن پيدا ڪيل بدامني واري صورتحال آهي.
    ڪيڏي نه تعجب ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي جو حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم جو گورنر ويٺل آهي ۽ وري متحده جا اڳواڻ شهر اندر هڙتال جو اپيلون ڪري رهيا آهن، ڪراچي شهر ته اڳ ئي پنهنجون رونقون وڃائي چڪو آهي، شهرين کي هر ايندڙ پل جي ڪا به خبر ناهي ته اهي هن ڌرتي تي موجودو هوندا، الائي نه، يا شهر ۾ صورتحال بهتر رهندي، يا وري ان کي هٿ وٺي خراب ڪيو ويندو، هن وقت جڏهن حڪومت جا ڏينهن پورا ٿي چڪا آهن، ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ نگران سيٽ اپ جڙڻ وارو آهي ته ان کان اڳ ايم ڪيو ايم جو حڪومت کان الڳ ٿيڻ ۽ عباس ٽائون سانحي کي اشو بڻائي ان مان فائدا حاصل ڪرڻ جون ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن، ڪراچي جي سياست تي نظر رکندڙن جو خيال آهي ته ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ ويهي پنج سال مزا ماڻڻ کان پوءِ حڪومت سان هڪ طئي ٿيل اسڪرپٽ ذريعي ڌار ٿي آهي ۽ ان اسڪرپٽ جو سڀ کان وڏو ثبوت سندن سنڌ جو گورنر پنهنجي عهدي تي ويٺل هجڻ آهي،ايم ڪيو ايم سپريم ڪورٽ پاران اليڪشن ڪميشن کي نئين تڪبندين واري ڏنل حڪم ۽ ووٽر فهرستن جي تصديق واري ڪم کان بچڻ لاءِ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان نوان نوان حربا استعمال ڪندي رهي آهي، ۽ ان جون پوريون ڪوششون رهيون آهن ته ڪراچي ۾ نئيون تڪبنديون به نه ٿيڻ ۽ ووٽن جي تصديق وارو ڪم به نه ٿي، ان ئي عمل ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي به ايم ڪيو ايم هن وقت تائين برابر جي ڀاڱي ڀائيوار آهي، ۽ اليڪشن ڪميشن به حڪومت جي مفاهمتي پاليسي تي هلندي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل کان لنوائي رهي آهي، هن وقت ايم ڪيو ايم عباس ٽائون سانحي مان سياسي فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ هر لحاظ کان ڪوششون شروع ڪري ڇڏيو آهن، ۽ ان سان گڏوگڏ ڪراچي شهر کي روايتي طور تي بند ڪرائي پنهنجو اثر هڪ ڀيرو ٻيهر ڏيکارڻ چاهي ٿي.
    ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪاميٽي جي اڳواڻن طرفان نائين زيرو ڪيل پريس ڪانفرنس دوران هڪ اڳواڻ نيٺ اهو چئي ويٺو ته جن ڪراچي ۾ نيئن تڪبندين لاءِ اسلام آباد ڏانهن ٽرين مارچ ڪيو آهي، انهن کي هوڏانهن وڃڻ بدران عباس ٽائون سانحي ۾ شهيد ٿي ويلن جي وارثن سان گڏ هجڻ گهرجي ها،سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر متحده قيادت ڪراچي ۾ نئين تڪبندين کان ايترو ڊنل ڇو آهي، ڇا ايم ڪيو ايم کي اهو ڊڄ آهي ته مشرف کان ويندي موجوده اتحادي سرڪار تائين مسلسل اقتدار ۾ هجڻ ڪري ڪراچي جي عوام کي ڪو به فائدو نه ڏئي سگهيا آهيون ۽ هاڻي وري روايتي سياسي حربا استعمال ڪري پنهنجو ووٽ بينڪ برقرار رکون، هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي جو ڪراچي جي ڪنهن سانحي تي ايم ڪيو ايم سياست نه ڪئي هجي، پر هر سانحي مان ايم ڪيو ايم ڀرپور فائدو وٺندي رهي آهي.
    ڪراچي بدامني ڪيس مان اهو ته صاف ظاهر ٿي چڪو آهي ته حڪومت ناڪام ٿي وئي آهي ۽ هاڻي پ پ سرڪار پنهنجو مستقبل بچائڻ لاءِ استعفيٰ ڏيندڙ آفيسرن لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪري رهي آهي ته جيئن اهو تاثر ڏئي سگهي ته اسان سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪري رهيا آهيون، پر ڇا پيپلز پارٽي جي اقتدار ڌڻين کي اها خبر نه هئي ته ملير جو ايس ايس پي ڪيترن سالن کان مقرر آهي، ۽ ملير ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، اتان جي عوام طرفان بدامني، ڀتا خوري ۽ دهشتگردي لاءِ ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪندو ويندو رهيو، پر پ پ سرڪار عوام جي دانهن ٻڌڻ بدران شولڊر پروموشن حاصل ڪري ايس پي بڻيل ڪاموري جو دفاع ڪندي رهي، حڪومت ۾ ويٺلن کي عوام جي جان ۽ مال کان وڌيڪ ڪامورن جي سٺن عهدن تي رهڻ جي ڳڻتي رهي ايترو ئي نه آءِ جي فياض لغاري کي هن کان اڳ به سپريم ڪورٽ عهدي تان هٽايو هو، وري پ پ سرڪار ان کي ٻيهر مقرر ڪيو، جنهن جو انت وري به ساڳيو ئي ٿيو.۽ هن کي عدالت جي حڪم کان پوءِ ٻيهر هٽايو ويو آهي،
    هن وقت ڪراچي جي رهواسين سان گڏوگڏ ملڪ جي هر باشعور ماڻهو کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته هاڻي ڪنهن به سانحي کي ڪنهن کي به سياست چمڪائڻ نه ڏني ويندي ۽ عوام پنهنجون اکيون کليل رکي فيصلو ڪندو، ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ڪراچي ۾ پر امن احتجاج جو سڏ ته ڏنو آهي پر ان پر امن احتجاج جي شروعات دوڪان بند ڪرائڻ لاءِ فائرنگ سان ڪئي وئي، ۽ ڪيترن ئي شهرين کي گولين جو نشانو بڻايو ويو. سپريم ڪورٽ کي هاڻ عباس ٽائون سان گڏوگڏ بيگناهه ماڻهن کي گولين جو نشانوبڻائيندڙن خلاف به ڪيس هلائڻ گهرجي.۔۔۔۔۔۔۔عباس پٺاڻ بشڪريه عوامي آواز
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو