ٻار، ماءُ جي پيٽ اندر ئي اُچار سمجهڻ جي صلاحيت رکن ٿا

'مختلف موضوع' فورم ۾ مسيح مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2013۔

  1. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    ٻار، ماءُ جي پيٽ اندر ئي اُچار سمجهڻ جي صلاحيت رکن ٿا
    هڪ نئين تحقيق ۾ ثابت ٿيو آهي ته ٻار، ماءُ جي پيٽ اندر ئي آوازن جي سطح ۽ لفظن جا اچار سمجهڻ جي صلاحيت رکي ٿو. سائنس دانن جو چوڻ آهي ته ٻار پيدا ٿيڻ کان ٽي مهينا اڳ ئي لفظن جا صوتي اُچار سمجهڻ لڳن ٿا هي ثبوت وقت کان اڳ پيدا ٿيندڙ ٻارنهن ٻارن جي دماغ جي اسڪين مان مليا آهن.
    ڳورهائپ جي اٺاويهين هفتي ۾ ٻار ”گا“ ۽ ”با“ جهڙا اُچار ۽ زنانا ۽ مرداڻا آواز به پرکڻ لڳن ٿا. نيشنل اڪيڊمي آف سائنس ۾ شايع ڪيل هڪ تحقيق ۾ فرانسيسي تحقيق ڪندڙن جي هڪ ٽيم لکيو آهي ته ”هن ڳالهه جو امڪان ناهي ته ٻچي داني کان ٻاهر ٻارن تي ڪيل تجربا مختلف نڪرن ها.“ هي تحقيق هن خيال کي تقويت ڏي ٿي ته ماءُ جي پيٽ ۾ ئي ٻار پنهنجي والدين جا آواز ٻڌي زبان بابت سکن ٿا.
    هن تحقيق جي محققن جو چوڻ آهي ته ماحولي اثر به يقينن اهم آهن پر انهن جي نتيجن جي بنياد تي هنن جو خيال آهي ته لساني عمل قدرتي آهي. ڊاڪٽر فيبريس ويليونس ۽ ان جا دوست چون ٿا ته ”سندن نتيجا ٻڌائن ٿا ته انساني دماغ اڳي ئي لفظن جي اُچارن ۾ فرق ٻڌائي ٿو. پر انهن جو چوڻ آهي ته هن ڳالهه کي چئلينج نه ٿو ڪري ته هي تجربو مقامي ٻولي جي خاص خصوصيت جي سکڻ ۽ ان جي درست ڪرڻ ۾ ڪردار ادا نه ٿو ڪري.“
    دماغ جي اسڪين جو هي اڀياس ٻار جي پيدا ٿيڻ کان ڪجهه ئي ڏينهن بعد ڪيو ويو. تنهن ڪري هي ٿي سگهي ٿو ته ٻار پيٽ کان ٻاهر نئين ماحول ۾ آوازن مان تيزي سان سکيو. تنهن هوندي به محققن کي هن باري ۾ ڪجهه شڪ ۽ شبها آهن.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اها بلڪل نئين خبر آهي ۔۔۔۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اها بلڪل نئين خبر آهي ۔۔۔۔
     
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    هڪ تحقيق جي مطابق اهو به چيو ويو آهي ته حمل دوران ٻار جي ماءُ جن ڪمن ۾ دلچسپي رکي ٿي انجو ٻار تي به اثر ٿئي ٿو ، مسئلن ماءُ اگر فلمون گانا ۽ ڊانس ڏسڻ جي شوقين آهي ۽ حمل دوران شوق سان ڏسي ٿي ته ٻار به انهن شين ڏانهن مائل ٿيندو ۽ جيڪڏهن ماءُ نماز ، روزو ۽ تلاوت جي شوقين آهي ۽ حمل دوران تلاوت ، نماز ۽ روزي ۾ دلچسپي رکي ٿي ته ٻار به انهن شين ڏانهن ضرور مائل ٿيندو!
     
  5. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    تمام سٺي تحقيق آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو