جڏهن ٽائيپنگ ايجاد ٿي ته موجد سوچيو ته اکرن کي اهڙي ترتيب سان رکجي جو بار بار استعمال ٿيندڙ اکر هڪ ئي هٿ تي نه اچن ان ڪري اکر تي ڪلڪ ڪرڻ جي رفتار بنائڻ لاءِ هڪ خاص ترتيب سان ٽائپ رائيٽر تي اکرن کي رکيو ويو۔۔۔ جنهن کان پوءِ هٿن کي اکرن تي رکڻ جو هڪ اصول پڻ ڏنو ويو اهو ئي سبب آهي جو توهان کي برق رفتار ٽائيپ رائيٽر پڻ ڏسڻ ۾ ايندا هوندا۔۔۔
ان سلسلي ۾ جيڪو اصول ڏنو ويو آهي ان جي تصويري جهلڪ ڪجهه هن طرح آهي۔۔۔
ڪمپيوٽر جي اچڻ کان پوءِ هوئن ته اکرن جي ترتيب کي ساڳيو رکيو ويو پر ٽائيپ رائيٽر وارو اصول ڪمپيوٽر تي لاڳو نه ٿي سگهيو۔۔۔ منهنجا ڪافي اهڙا دوست آهن جن ٽائيپرائيٽر تي بلڪل به ڪم نه ڪيو آهي پر ڪمپيوٽر تي انهن جي رفتار حيران ڪن طور تي انتهائي تيز آهي ۔۔۔ انهن مان سنڌ سلامت جو ٻانهن ٻيلي ادا عامر ضياء چارڻ به هڪ آهي۔۔۔۔
پر جيڪڏهن توهان ڪمپيوٽر تي لکڻ ۾ ڪمزور يا سست رفتار آهيو ته تياري ڪيو مان توهان لاءِ ٽي ويب سائيٽس کڻي آيو آهيان۔۔۔۔ انهن تي ڦيرو ڀريو ۽ بغير ساهي پٽي اکر لکڻ جي ڊوڙ لڳايو۔۔۔ چاهيو ته گيم ڪيو ۔۔۔۔ چاهيو ته سبقن تي عمل ڪندي ماهر بڻجو ۽ پنهنجي رفتار جي چڪاس ڪريو۔۔۔
ته پوءِ بنا دير جي وزٽ ڪيو۔۔۔۔ ها!