کارڪن جو حلوو 2294 اٽيچمينٽ ڏسو گهربل شيون:کارڪون ڏيڍ ڪلو (بنا ککڙيءَ واريون) ميدو: هڪ ڪوپ پيسيل کنڊ: هڪ ڪوپ بادام ۽ پستا: اڌ ڪوپ (ڪٽيل) گيهه: هڪ پيالي ننڍا ڦوٽا: 3 عدد کير: اڌ ڪوپ ترڪيب:کارڪن ۾ اڌ ڪوپ کير کي ملائي گرائينڊر ۾ وجهو ۽ ان کي گرائينڊ ڪريو. هڪ ديڳڙي ۾ گيهه وجهي گرم ڪريو ان ۾ ميدو وجهي ڀُڃو. ميدي کي لاڳيتو چمچي سان گهمائينديون رهو. متان سڙي وڃي. جڏهن ميدو سونهري رنگ جو ٿي وڃي ته چلهي تان لاهي ٿورو ٿڌو ڪرڻ کان پوءِ ان ۾ پيسيل کنڊ ملائي ان سان گڏ ئي ننڍا ڦوٽا به وجهي ڇڏيو. گرائينڊر واري کير ۾ ملايل کارڪن کي ملائي مڪس ڪري وٺو. هاڻي ٻيهر ديگڙيءَ کي باهه تي رکي ڇڏيو ۽ هلڪي باهه تي حلوي کي ڀُڇينديون رهو. ايستائين جو سڀئي شيون ملي وڃن ۽ گيهه ٻاهر نڪري وڃي هاڻي ان ۾ ڪٽيل بادام ۽ پستا وجهو ۽ حلوي کي ڊش ۾ ڪڍي ٿڌو ڪريو ۽ پنهنجي پسند موجب ٽڪرا ڪري ورهايو.