• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

کارڪن جو حلوو

مسيح مگسي

سينيئر رڪن
کارڪن جو حلوو
2294 اٽيچمينٽ ڏسو
گهربل شيون:کارڪون ڏيڍ ڪلو (بنا ککڙيءَ واريون)
ميدو: هڪ ڪوپ
پيسيل کنڊ: هڪ ڪوپ
بادام ۽ پستا: اڌ ڪوپ (ڪٽيل)
گيهه: هڪ پيالي
ننڍا ڦوٽا: 3 عدد
کير: اڌ ڪوپ
ترڪيب:کارڪن ۾ اڌ ڪوپ کير کي ملائي گرائينڊر ۾ وجهو ۽ ان کي گرائينڊ ڪريو. هڪ ديڳڙي ۾ گيهه وجهي گرم ڪريو ان ۾ ميدو وجهي ڀُڃو. ميدي کي لاڳيتو چمچي سان گهمائينديون رهو. متان سڙي وڃي. جڏهن ميدو سونهري رنگ جو ٿي وڃي ته چلهي تان لاهي ٿورو ٿڌو ڪرڻ کان پوءِ ان ۾ پيسيل کنڊ ملائي ان سان گڏ ئي ننڍا ڦوٽا به وجهي ڇڏيو. گرائينڊر واري کير ۾ ملايل کارڪن کي ملائي مڪس ڪري وٺو. هاڻي ٻيهر ديگڙيءَ کي باهه تي رکي ڇڏيو ۽ هلڪي باهه تي حلوي کي ڀُڇينديون رهو. ايستائين جو سڀئي شيون ملي وڃن ۽ گيهه ٻاهر نڪري وڃي هاڻي ان ۾ ڪٽيل بادام ۽ پستا وجهو ۽ حلوي کي ڊش ۾ ڪڍي ٿڌو ڪريو ۽ پنهنجي پسند موجب ٽڪرا ڪري ورهايو.
 
Back
Top