داستان ٻيو 1 جيڪِي منجِھ جَهانَ، سو تارِيءَ تَڳي تُنهِنجي؛ لُطفَ جِي، لَطِيفُ چَئي، تو وٽ ڪَمِي ڪانَ؛ عَدُلَ ڇُٽان آئُون نه، ڪو ڦيرو ڪَج فَضُلَ جو! 2 سارِي راتِ سُبحانُ، جاڳِي جن ياد ڪيو؛ اُنِ جِيَ، عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، مِٽِيءَ لڌو مانُ؛ ڪوڙين ڪَن سَلامُ، آڳَہِ اَچيو اُنِ جي. 3 سيوا ڪَر سمنڊَ جِي، جِت جَرُ وهي ٿو جالَ؛ سَئين وَهَن سِيرَ ۾، ماڻِڪَ، موتِي، لالَ؛ جي ماسو جُڙيئِي مالَ، ته پُوڄارا! پُرِ ٿِئين. 4 سي پُوڄارا پُرِ ٿِيا، سمنڊ سيويو جِنِ؛ آندائُون عَمِيقَ مان، جُوتِي جُواهرنِ؛ لَڌائُون لَطِيفُ چئي، لائُون مان لَهرنِ؛ ڪانهي قِيمتَ تِنِ، مُلھ مَهانگو اُنِ جو. 5 سيوِيو جن سُبحانُ، وِيرِ نه وِڙهي تن سين؛ توبَہَ جي تاثِيرَ سين، تَرِي ويا طوفانُ؛ ڏيئِي تَوَڪَّلَ تَڪِيو، آرُ لَنگِھيا آسانُ؛ ڪامِلُ ڪِشتِيبانُ، وِچَ ۾ گَڏِيُن واهَرُو. 6 سارِي رات سُجانَ، سَودو ڪَن صاحبَ سين؛ ٻانهپَ ڀَري ٻيـڙِيُون، هليا جوپَ جُوانَ؛ پاڻِي پَهلوانَ، لَحظي مَنجِھ لَنگِھي ويا. 7 اِيَ گَتِ غَوّاصَنِ، جِئن سَمنڊُ سوجِھيائُون؛ پيهِي مَنجِھ پاتارَ جي، ماڻِڪَ ميڙيائُون؛ آڻي ڏنائُون، هيرو لال هَٿنِ سين. 8 آڇاڙا عَمِيقَ جا، گَڏيا غَوّاصَنِ؛ جَهرِيُون جھاڳي آئِيا، ڪارُونڀارَ ڪُنَنِ؛ سمنڊُ سوجھي جَنِ، آڻي اَمُلَ اولِيا. 9 ويا جي عَمِيقَ ڏي، مُنهن ڪائو ڏيئِي؛ تِن سِپُون سوجھي ڪَڍيُون، پاتاران پيهِي؛ پَسَندا سيئِي، اَمُلَ اَکَڙِيُنِ سين. 10 آڏو چِڪَڻُ چاڙُ، مُنهنجِي موجَ نه سهي مَڪُڙِي؛ ميڙي مَٺاينِ جو، بيحَدِ چاڙهيمَ بارُ؛ چَوَڻَ چارو ناهِ ڪو، بَديُون بي شُمارُ؛ ڪَپرُ ڪارُونڀارُ، اُڪارِئين اِحسانَ سين. 11 ويرَ مَ لاهي ويہُ، مٿي آرَ اوڙاهَ جي؛ پَسِي پاڙي واريُون، ڪج اَنديشو ايہُ؛ ويندو نه پَسِين ڏيہُ، پَتَڻِ هُن پارِ مَڻي؟ 12 هِڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي سِٽِي صاحِبُ؛ ڪَڍي اُونهي ڪُنَ مان، اِي آگي جو عَجَبُ؛ اِيُ سائينءَ جو سَبَبُ، جِئن ٻُڏا اُڪاري ٻارِ مان. 13 هِڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي جا ڪري اَللهُ؛ پاڻَهِين وجھي ڪُنَ ۾، پاڻَهِين اُڪاري اوڙاهُ؛ تنهن واحدَ کي واهُ، جو سُتَڙِ سڀيئي ڪري.
جيڪِي منجِھ جَهانَ، سو تارِيءَ تَڳي تُنهِنجي؛ لُطفَ جِي، لَطِيفُ چَئي، تو وٽ ڪَمِي ڪانَ؛ عَدُلَ ڇُٽان آئُون نه، ڪو ڦيرو ڪَج فَضُلَ جو! الله الله۔۔۔منهنجو سهڻو لاکيڻو لطيف ان سهڻي پاڪ الله ان ٻاجهاري ڌڻي جي ساراهه ۽ ان جي فضل کي حاصل ڪرڻ لا ڪهڙيون نه سهڻيون سٽون سرجيون آهن۔ مان اندازو نه ٿو ڪري سگهان ته ان مهل سهڻي لاکيڻي لطيف جي ڪهڙي ڪيفيت هوندي۔۔اسين ڪيڏا نه سخت دل آهيون اهڙيون سٽون پڙهڻ کانپو به ان ڌڻي ٻاجهاري جي در تي توبهه تائب نه ٿا ڪيون۔۔جڏهن ته اهو پالڻهار نهايت ئي رحيم ۽ ٻاجهه وارو آهي۔۔لطيف سائين فرمائي ٿو ته : جيڪِي منجِھ جَهانَ، سو تارِيءَ تَڳي تُنهِنجي؛ هي سمورو جهان آهي جنهن آسمان زمين ۽ ان ۾ موجود اهو سڀ ڪجهه جنهنجو راز تون ئي ڄاڻيندڙ آهين اهو سب ڪاروهنوار صرف ۽ صرف تنهنجي ئي آسري تي هلي چلي ٿو۔ تون ئي هر شي جو پالڻهار آهين، ڪو به اهڙو توکان سوا ڪونهي جيڪو هن جهان جي چرخي کي هلائي سگهي۔۔ لُطفَ جِي، لَطِيفُ چَئي، تو وٽ ڪَمِي ڪانَ؛ نهايت سڪ ۽ اڪير وچان هي تنهنجو بندو (لطيف) اهو وڏي واڪي ٿو چوي ته تون ڪُل شي قدير آهي تو وٽ ڪنهن شي جي به ڪمي ڪانهي، تو وٽ تنهنجي ئي سگهه مطابق، تنهنجي ئي شان مطابق رحمت جا خزانه آهن، تون سمورن جهانن جو مالڪ ۽ خالق آهين۔۔ عَدُلَ ڇُٽان آئُون نه، ڪو ڦيرو ڪَج فَضُلَ جو! اي منهنجا پالڻهار، اي منهنجي مٺڙي مير مُحمد صه جا پاڪ الله تون نهايت ئي رحيم آهين رحم ڪرڻ تنهنجو ئي شان آهي، فضل ڪرڻ تنهنجي لائق آهي، مون گنهگار ۽ عيبدار تي پنهنجو فضل ئي ڪجان ڇو ته جيڪڏهن تو عدل ۽ انصاف ڪيو ته اي منهنجا مالڪ! مون وٽ اهڙو ڪجهه به ڪونهي جنهن سان مان اگهامجي وڃان، مان گناهن جي گند سان ڀريو پيو آهيان، ۽ اهو تنهنجو فضل ئي مون کي تاري سگهي ٿو۔۔۔۔