• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪربوبلا جي ڪِيس تي، ڪائنات پئي روئي۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
هي مرثيو سنڌي ادب جو مشهور مرثيو آهي،
مشهور شاعر ۽ موسيقار سينگار حسين سليم جو تحرير ٿيل آهي۔

ڪربوبلا جي ڪِيس تي، ڪائنات پئي روئي،
هاءِ هاءِ ڪريو حسين تي، هر ذات پئي روئي۔۔
1
موڳا ٿو ماڪ ڀانئين جي، ڳوڙها سي رات جا،
پاڪن پنجن جي پور ۾، پرڀات پئي روئي۔
2
تيرن جو مينهن ٿي وٺو، حضرت حسين تي،
هن برهه جي باران تي، برسات پئي روئي۔
3
حق جي نماز ۾ ڏنو، سر شاهه ڪربلا۔
سجدو پسي امام جو، صلوات پئي روئي
4
قرآن غم حسين ۾، روئي سليم پيو۔
ماجه بخاري ترمذي، مشڪوات پئي روئي۔۔
ڪربوبلا جي ڪِيس تي۔۔۔۔۔۔
 
دوست ڪهــــــــائي دادلا، محب مـــــــارائـــــي،
خاص خليلــــن کــــي، سختيون سهـــــــائـــــــي،
الله الصمد، بي نياز، ســـــا ڪري، جــــا چاهـي،
انهين منجهه آهي، ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي.

سختي شهادت جي، نسوروئي نـــــاز،
رند پروڙين راز، قضيي ڪربلا جــو.

حســـــــن مير حســـــــــين کي، رنو ٽن ٽولــــن،
گهر ماڙهين، جهنگ مروئين، اڀن ۾ ملڪـن،
پکيــــــن پاڻ پڇاڙيو، ته لڏيــــــو هوت وڃــــن،
الا! شهـــــــزادن، ســــوڀون ڏئيـــــن، سچا ڌڻــي.
 
Back
Top