پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ ڊي۔ايم ڪيئن لڳائجي ؟؟

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏8 مارچ 2013۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    السلام عليڪم دوستو!
    منهنجي سسٽم ۾ وائرس تمام گھڻو اچي ويو آهي ، آئون ڊي۔ايم لڳائي مڪمل هارڊسڪ فارميٽ ڪرڻ چاهيان ٿو ، سو ڪنهن ڀاء کي ڄاڻ هجي ته مونکي ڊي۔ايم لڳائڻ جو طريقو ٻڌائيندا ته مهرباني ٿيندي۔
    سنڌسلامت، ساٿ سلامت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. وزير علي سومرو

    وزير علي سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 جنوري 2012
    تحريرون:
    49
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مان سول هاسپيٽل خيرپور جي ليبارٽري ۾ ليبارٽري اسسٽ
    ماڳ:
    ٺري ميرواهه ضلعو خيرپور ڊويزن سکر
    ادا ڪو دوست ٻڌائي ته مونکي به ٻڌائجو مون وٽ به وائرس گهڻو آهي
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ادا عبيد توهان کي ڪنهن غلط ڏسيو آهي ته ڊي ايم ڪرڻ سان وائرس ختم ٿيندو آهي۔۔۔
    ڊي ايم دراصل مخفف آهي ڊسڪ مينيجر جو جيڪو هڪ ٿرڊ پارٽي قسم جو سافٽويئر آهي جنهن ذريعي هارڊ ڊسڪ جي پارٽيشنز کي بڻايو ويندو آهي۔۔۔ ونڊوز بلٽ ان سسٽم جي مقابلي ۾ هي سافٽويئر انتهائي طاقتور ٿيندو آهي۔۔۔ هن جي ”لو ليول فارميٽنگ“ ذريعي هارڊ ڊسڪ ۾ موجود بيڊ سيڪٽرس کي پڻ سنڀالي سگهبو آهي۔۔۔ ايتري تائين جو هارڊ ڊسڪ ۾ موجود بيڊ سيڪٽرس واري حصي کي خاص ڊاس پارٽيشن بڻائي سسٽم مان ورچوئلي ڊيليٽ پڻ ڪري سگهجي ٿو ته جيئن هارڊ ڊسڪ جو ”هيڊ“ ڊيٽا کي پڙهڻ دوران گهمندي ڦرندي بيڊ سيڪٽر پارٽيشن کي باء پاس ڪري۔۔۔
    رهيو سوال وائرس ختم ڪرڻ جو ته ان جو اينٽي وائرس ئي بهتر حل آهي۔۔ پر جيڪڏهن توهان اڳ درست طريقي سان پنهنجي سسٽم کي وائرسز کان بهتر طريقي سان بچائي نه سگهيا آهيو ته ادا عرس پريو وارو حل ڪڍو۔۔۔ يعني هارڊ ڊسڪ ۾ موجود ضروري ڊيٽا کي ڪنهن يو ايس بي ۾ محفوظ ڪريو ۽ هارڊ ڊسڪ جا پهريان پارٽيشن ختم ڪري نئين ونڊوز ڪريو۔۔۔
    ونڊوز ڪرڻ کان پوءِ پهريون ڪم ڪو بهتر اينٽي وائرس جهڙوڪ مائڪروسافٽ اسينشل ۽ يو ايس بي ڊسڪ سيڪيورٽي انسٽال ڪريو۔۔۔ ان کان پوءِ ڊرائيور يا سافٽويئر انسٽال ڪريو يا بيڪ اپ طور اڳ جي ڪيل ڊيٽاکي اسڪين ڪندي واپس هارڊ ڊسڪ ۾ منتقل ڪريو۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ادا ذيشان رشيد ، منهنجي ڪمپيوٽر ۾ ونڊوز نٿي رهي آهي ، ٍڪجهه وائرس اهڙا هئا جن ونڊوز ڪرپٽ ڪري ڇڏي آهي ، هاڻ جڏهن مان ونڊوز ڪندو آهيان ته ايف۔8 (آ ايگري) واري ڊائلاگ اچڻ تي پريس ڪندو آهيان ته ونڊوز ا سٽاپ ارر اسڪرين اچيو وڃي ۔ ۽ ونڊوز نٿي ٿئي۔۔ ڪنهن دوست چيو ته ڊي۔ايم ڪريو، ۔ هاڻ توهان ئي ڪو حل ٻڌايو منهنجو ڪمپيوٽر 3 ڏينهن کان بند پيو آهي ۔

    سنڌسلامت ساٿ سلامت
    عبيدالله ”عيبد“ ٿهيم ، ٽنڊوآدم​
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اهڙي صورتحال ۾ مون کي لڳي ٿو توهان جي سسٽم جي ميموري (ريم، رام يا هارڊ ڊسڪ) ۾ مسئلو آهي۔۔۔ ۽ ڊي ايم ڪرڻ سان مسئلو حل به ٿي سگهي ٿو۔۔۔
    جيڪڏهن توهان ڊي ايم کان پوري طرح واقف نه آهيو ته هن نازڪ ڪم کي ڪنهن بهتر ٽيڪنيڪل ماڻهون کان ڪرايو ۽ گڏ ويهي ان عمل جي سکيا به حاصل ڪريو جو ترت سکڻ لاءِ ڪم جو پريڪٽيڪلي سکڻ ضروري آهي۔۔۔
     
  6. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    ادا عبيدالله توهان ونڊو جي انسٽاليشن دوران پوري هارڊ ڊسڪ کي فارميٽ ڪري ڏسو ان سان به مسعلو ٿي ويندو۔
    ڪجھ اهڙا وائرس هوندا آهن جيڪي اينٽي وائرس کان ختم نه ٿيندا آهن يا ونڊو نئون لڳائڻ کان پوئي به سسٽم ۾ موجود هوندا آهن۔
     
  7. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ادا هاڻ ته ونڊوز به ڪئي آهي ، مڪمل پارٽيشن فارميٽ ڪيا آهن پر هاڻ هينگ ٿيو وڃي ۔ شايد منهنجي هارڊ ڊسڪ ۾ مسئلو آهي۔ چينج ڪرائيندس ا۔ انشا الله۔

    سنڌ سلامت ، ساٿ سلامت
    عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم ، ٽنڊوآدم​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو