امين ارباب جي آواز ۾شمشير الحيدري تي هڪ رپورٽ

'شمشير الحيدري' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏9 مارچ 2013۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    امين ارباب جو شمار انهن صدا ڪارن ۾ ٿئي ٿو جنهن جي رڳ رڳ ۾ سنڌ ۽ سنڌين لاءِ درد آهي۔ ۔ ۔ کيس الاءِ ڪيترا دفعا سنڌ دوستي جي سزا ۾ نوڪري داؤ تي لڳائڻي پئي آهي۔ پوءِ به هو سنڌ ۽ سنڌين جو درد محسوس ڪري پنهنجي خوبصورت آواز ۾ پيش ڪندو رهي ٿيو۔ مهراڻ ٽي وي تي سندس ئي اسڪرپٽ ۽ آواز تي سنڌي جي امر ڪردار سائين شمشير الحيدري تي هڪ مختصر پر جامع رپورٽ پيش ٿي آهي جيڪا هتي ونڊ ڪجي ٿي۔

     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    وري اکيون آليون ٿي ويون ۔۔۔ ساڻس گذريل ڪي پل ياد آيا ۔۔۔ سندس ڪي ڳالهيون ياد اچي ويون ۽ ڪي محبتون ياد اچي ويون ۔۔۔ آلين اکين سان کيس ڀيٽا ۔۔۔۔

    اهڙو مفلس به ڪنهن نه ڏٺو هوندو، هڪ دل هئي سا به ڪٿي وساري ويو۔

    ها ! شايد دل جو هڪ ٽڪڙو مون وٽ رهجي ويو اٿس ۔۔۔ ڪري سگهان نه ڪا ڳالهڙي

    اوهانجو هڪ سهڻو ونڊ ۔۔۔ سدا سرها رهو
     
  3. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    واقعي به لڙڪ نه ٿا رڪجي سگهن۔دل ٿي چوي،۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    هوءَ ڪيڏي نه عجيب آهي۔جڏهن به ايندي آ ته لڙڪ اچي ويندا آهن ،
    ياد
    ها تنهجي ياد
    او امر ڪردار مان اڪيلو نآهيان تنهجن ساروڻين کي ساريندي،،ڪيئي اکيون ڀنل آهن،
    ديس جي دردن تي جڏهن نظر ڪيان ٿو
    تنهجو عڪس نيڻن ۾ ڇائنجي ٿو وڃي،
    پر ها ۔
    تنهجي جدت کي ڏسي،۽ محبت جي شدت کي ڏسي
    آء جيان پيو تنهجي چنگ کي چوريندي
    تنهجي خوابن جي ساڀيان لاء مان جيان پيو مان جيان پيو
    عتيق ان ازل کان گهڻو پري آهي ،
    پر آس آهي تنهجا قدم چمان
    او هن ڌرتي ء جا ارڏا تو تي لکين ڪروڙين رحمتون
    تون سدا حيات آهين،تون سدا حيات آهين
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    زندگيء جا آخري ڏينهن جڏهن هو اسپتال ۾ هو ته ساڻس اڪثر ملڻ ٿيندو هو، ڪڏهن به هن شخص وٽ نه ته ڪا بيزاري هئي ۽ نه ئي ڪنهن سان ڪا شڪايت ۔۔۔ خوددار انسان
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو