• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجي ڄاڻ سڃاڻ

سارنگ زين

سينيئر رڪن
منهنجو نالو سارنگ زين آهي، آئون ڪراچي ۾ رهان ٿو، چڪرا ڳوٺ ۾ منهنجو گهر آهي، صحافت سان واڳيل آهيان، هن وقت عوامي آواز ۾ ڪم ڪريان ٿو۔”آواز“ ٽي وي تي نيوز پروڊيوسر رهيس پر چٽاڀيٽي جي امتحانن جي تياري لا ٽي وي جو ڪم ڇڏي ڏنو ۽ اردو يونيورسٽي ۾ سنڌي ۾ ايم فل ڪري رهيو آهيان۔۔منهنجو محور سنڌ آهي ۔آئون چاهيان ٿو ته سنڌ پنهنجي تاريخي ۽ ثقافتي حيثيت ٻيهر ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿئي۔
 
مانوارا سائين الله پاڪ اوهان کي زندگي جي هر امتحان ۾ ڪامياب ڪري ۽ اوهان پانهجي دل و جان سان سنڌ ڌرتي ۽ ان جي ماروئڙن لاء راه نجات لاء پاڻ پتوڙيندا رهو ۽ سوڀ ماڻيو،
الله پاڪ اوهان کي صحت و تندرستي عطا فرمائي ،هميشه شاد و آباد رهو،
 
سنڌ جي سهڻي شهر جي چڪرا ڳوٺ جي واسي دوست سارنگ زين کي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔

اوهانجون علمي، ادبي ۽ صحافتي سرگرميون به سنڌ دوست ئي هونديون ۽ سنڌ سلامت جي دوستن جو مقصد به سنڌ دوستي آهي ۔۔۔ دوست گڏجن ميلا لڳن، هو جمالا ڳائجن ۔۔۔ جڏهن سنڌ دوست پاڻ ۾ گڏبا ته منزل آسان ٿيندي ۔۔۔ اميد ته اوهان مان سنڌ سلامت کي رهنمائي نصيب ٿيندي ۽ سنڌ سلامت مان اوهانکي فيض ملندو ۔۔۔

بس ڳالهه آهي ساٿ جي ۔۔۔ سنڌ سلامت جا دوست اوهانجي ساٿ واري سگهه سان پنهنجي منزل طرف هلندا ۽ وڌيڪ تڪڙا ٿيندا ۔۔۔

اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار

ڀيرو نه ڀڃندا ۔۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
منهنجو نالو سارنگ زين آهي، آئون ڪراچي ۾ رهان ٿو، چڪرا ڳوٺ ۾ منهنجو گهر آهي، صحافت سان واڳيل آهيان، هن وقت عوامي آواز ۾ ڪم ڪريان ٿو۔”آواز“ ٽي وي تي نيوز پروڊيوسر رهيس پر چٽاڀيٽي جي امتحانن جي تياري لا ٽي وي جو ڪم ڇڏي ڏنو ۽ اردو يونيورسٽي ۾ سنڌي ۾ ايم فل ڪري رهيو آهيان۔۔منهنجو محور سنڌ آهي ۔آئون چاهيان ٿو ته سنڌ پنهنجي تاريخي ۽ ثقافتي حيثيت ٻيهر ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿئي۔
محترم سهڻا دوست سارنگ هن سهڻي فورم تي ڀليڪار اوهانجي سهڻي سوچ آهي ، دعا آهي ته شال اسانجي سنڌ پنهنجي تاريخي ۽ ثقافتي حيثيت ٻيهر ماڻي آمين
 
محترم سارنگ زين کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار

ادا اوهان جو تعلق صحافت سان آهي ۽ عوامي آواز جي وڏي حلقي سان منهنجي به ڄاڻ سڃاڻ ۽ واسطو رهيو آهي۔ سنڌ جي صحافين کي جس هجي جيڪي پنهنجي ڌرتي جي ماڻهن جو آواز بڻجي سندن مسئلا بيان ڪن ٿا۔

اميد ته اوهان سان پنهنجي ئي فورم سنڌ سلامت تي سٺو ساٿ رهندو۔
 
مُرشد جي چوڻي آهي۔۔
محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو۔۔
محبتن سان ڀريل اسان جا دلربا ديس واسي،
توهان کي اسان جي محبتن جي هِن ننڍڙي
وستيء ۾ پيار ۽ خُلوص سان آڌرڀاء ڪريان
ٿو۔۔۔۔۔
 
سارنگ نالي سان منهنجي سڪ آهي۔منهنجي دوست معصوم سنڌي جي ڀا جو نالو به سارنگ آهي، جيڪو شارجا ۾ رهي ٿو
سنڌ سلامت ۾ ڀلي ڪار۔اوهان به عوامي آواز ۾ڪم ڪريو ٿا، خوشي ٿي، اتي منهنجا ڳچ دوست ڪم ڪندا آهن
 
Back
Top