زاهد سومرو
سينيئر رڪن

ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي
ڊاڪٽر صاحب 1884ع ۾ حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. 1905ع ۾ ڊي جي ڪاليج مان بي اي 1907ع ۾ ولسن ڪاليج بمبئي مان ايم اي پاس ڪيائين. 1928ع ۾ انگلينڊ مان Ph-D جي ڊگري وٺي آيو. ڊي جي ڪاليج ۾ پروفيسر ۽ پوءِ پرنسيپل ٿي رهيو. 1947ٿ ۾ وفات ڪيائين.
ڊاڪٽر صاحب جو شمار سنڌي ٻوليءَ جي انهن ڳاڻ ڳڻين عالمن ۾ ٿئي ٿو. جن پنهنجي اڻٿڪ ڪوششن سان سنڌي ٻوليءَ کي سنواريو ۽ سينگاريو آهي.
ڊاڪٽر صاحب جي Ph-D جيئن ته تصوف جي موضوع تي هئي. تنهن ڪري کيس تصوف سان تمام گهڻي دلچسپي هئي. انهيءَ دلچسپي سبب هن شاهه لطيف جو رسالو مرتب ڪيو. جيڪو هڪ وڏو ڪارنامو آهي.
ڊاڪٽر صاحب شاهه جي رسالي جا ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل نسخا هٿ ڪري انهن ۾ ڏنل بيتن کي شاهه لطيف جي معيار مطابق پرکيو. جيڪي به بيت سندس نظر ۾ ان خاص معيار مطابق نه هئا. انهن کي شاهه جي رسالي مان ڪڍي رسالي کي چئن جلدن ۾ مرتب ڪيائين.
رسالي جي سرن جو متن ۽ انهن جو روحاني راز هر سُر جي منڍ ۾ لکيائين ته جيئن سڀ ماڻهو شاهه جي فلسفي کي چڱي طرح سمجهي سگهن. ان کان علاوه هر بيت کي صحيح طريقي سان پڙهڻ لاءِ لفظن تي اعرابون ڏنائين جيڪو هڪ ڏکيو ۽ محنت طلب ڪم هو.
ڊاڪٽر صاحب رسالي جي شروع ۾ شاهه لطيف جي سوانح عمري سندس اسلوب بيان ۽ ٻوليءَ تي هڪ جامع مقدمو لکيو. ادب جي جديد رجحان کي نظر ۾ رکندي ڊاڪٽر صاحب جيڪو مقدمو لکيو، اهو پوين محققن لاءِ به مشعل راءِ بڻيو.
رسالي ۾ آيل نيم تاريخي قصن کي آسان ٻوليءَ ۽ خوبصورت پيرايي ۾ بيان ڪيو اٿس. مقدمي ۽ رسالي ۾ آيل احوال مان پوءِ ٻه ڪتاب الڳ ڪري “مقدمه لطيفي” ۽ “روح رهاڻ” جي نالي ڇپايائين.
شاهه جي رسالي کان سواءِ، ڊاڪٽر گربخشاڻي هڪ ناول “نورجهان” جي نالي سان به لکيو. ڊاڪٽر صاحب، جنهن وقت اهو ناول لکيو ان وقت سنڌي ادب کي ناولن جي سخت ضرورت هئي، ڇو ته ان وقت گهڻو ڪري رڳو ترجمو ٿيل ناول ئي ڇپيا پئي ويا.
“نورجهان” هڪ تاريخي ناول آهي جيڪو مغلن جي حڪومت جي پس منظر ۾ لکيل آهي. هن ناول جو انداز عالمانه ۽ ٻولي شاعرانه استعمال ڪيل آهي. ڊاڪٽر صاحب محاورن ۽ تجنيس حرفي جو به بهترين استعمال ڪيو آهي. قصي ۾ تسلسل به آهي ته ڪردار نگاري ۽ منظر نگاري به اعلى پايي جي آهي. پر هن ناول جي سڀ کان وڏي خصوصيت آهي ان جي “ٻولي”.
ڊاڪٽر صاحب ٻولي نهايت خوبصورت انداز سان استعمال ڪئي آهي. سندس ٻوليءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو. “سليم اڃان تخت تي پير رکيو ئي ڪين ته توبن جي ٺڪا ٺوڪي ٿي ۽ نغارن ۽ شرنائين جو غلغلو مچي ويو.
امير ۽ وزير قطارون ڪيو بيٺا هئا، تن نئڙي سلام ڪيو ۽ هڪڙي نقيب اڳتي وڌي بلند آواز سان پڪاري چيو ته ”اڄ شهنشاهه نورالدين جهانگير يعني اسلام جي روشاني ۽ “دنيا جو فتح ڪندڙ “ تخت نشين ٿيو آهي. هي اهو صاحب قرآن آهي جنهن جو زحل دربان آهي ۽ آسمان آستان، چنڊ سندس پيغام رسائيندڙ آهي ۽ زهره راڳيندڙ، قضا سندن نگهبان آهي ۽ قدر ثناخوان، تجمل ۽ توانائي جو مايو آهي ۽ شان ۽ شوڪت جو پايو، سخا جو بحر آهي ۽ عطا جو ڪڪر. امير اصل آهي ۽ امير نسل آهي، ملائڪ روءِ آهي ۽ ملائڪه خوءِ آهي. شل جهان هميشه سندس بنده هجي ۽ سندس زندگي پابنده هجي”
ڊاڪٽر صاحب مٿين ڪتابن کان علاوه هڪ ٻيو به ڪتاب “لنواريءَ جا لال” جي نالي سان لکيو، جنهن ۾ لنواريءَ جي چئن بزرگن جون سوانح عمريون لکيائين. اهي بزرگ هي آهن. خواجه محمد زمان، خواجه گل محمد خواجه محمد زمان ثاني ۽ خواجه محمد حسن.
ڊاڪٽر صاحب پنهنجي زندگي ۾ تصنيفون ۽ صرف اهي ئي ڪيون جن جا نالا مٿي اچي چڪا آهن، پر ان سڌي طرح هن سنڌي ادب جي تمام گهڻي خدمت ڪئي. هن پنهنجي لاءِ استاديءَ جو پيشو اختيار ڪيو ۽ بهترين شاگرد تيار ڪيائين جن پنهنجن ڪاوشن سان سنڌي ادب کي مالا مال ڪري ڇڏيو. شمس العلماءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو سندس خاص شاگردن مان هو.
محترم اڪبر لغاري جي لکيل ڪتاب سنڌي ادب جو مختصر جائزو تان ورتل
sadayeen gud
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: