جڏهن اسان نوان نوان ڪمپيوٽر سکڻ شروع ڪيو ته استاد سمجهائيندا هئا ته ڪمپيوٽر تي ويهڻو ڪيئن آهي ۽ ڪيبورڊ تي هٿ ڪهڙي نموني رکڻا آهن۔۔۔ جن ماڻهن اهي سبق سکيا سي ته اڄ به پنهنجن ڪمرن ۾ ڪمپيوٽر يا ليپٽاپ لاءِ خاص ميز يا ڪرسي ٺهرائيندا آهن۔۔۔ پر اسان جهڙن ماڻهن ڪمپيوٽر تي درست طريقي سان ويهڻ ۽ هٿن کي ڪيبورڊ تي درست طريقي سان رکڻ بجاءِ ان ڳالهه تي توجه وڌيڪ ڏني ته آخر ڪمپيوٽر چوڻ ڪيئن ٿو وٺي۔۔۔
خير اهي دوست جيڪي گهڻو وقت مون وانگر ليپٽاپ تي گذارن ٿا۔۔۔ سڀني اصولن کي ڦٽو ڪندي ليپٽاپ کي اهڙي طريقي سان استعمال ڪندا آهن جو اڪثر ڏسندڙ ئي شرمايو وڃن۔۔ مون کي منهنجي هڪ دوست ليپٽاپ تان هڪ مسئلو پڇڻ لاءِ جڏهن پنهنجي ڪمري ۾ وٺي ويو ته ليپٽاپ کولڻ کان اڳ ئي هو پنهنجي بيڊ تي زري گهٽ سمهي رهيو ۽ پوءِ ليپٽاپ جهولي ۾ رکي آن ڪيو۔۔۔ پڇڻ تي چيائين ته ليپٽاپ ان طريقي کانسواءِ هو استعمال ئي نه ڪري سگهندو۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو ادا سليمان وساڻ پنهنجي ليپٽاپ جو مسئلو به هميشه ڊيسڪٽاپ تان ئي پڇندو آهي۔۔۔
اهڙن دوستن لاءِ مان اڄ هڪ اهڙي ٽيبل ڏيکارڻ آيو آهيان جنهن تي ليپٽاپ کي رکي هو ان جو ڪهڙي به طرح استعمال ڪري سگهن ٿا۔۔ ڀلي بيهي استعمال ڪن يا وري ڪرسي تي، صوفي تي ويهي ايتري تائين جو ليٽي يا سمهي ڪري به استعمال ڪري سگهن ٿا۔۔ ۽ پڪ ڄاڻو ته ان سان نه دوست ۽ نه وري ليپٽاپ شرمندگي محسوس ڪندو۔۔۔
هن جي اضافي فيچرس ۾ شامل آهن:

ته پوءِ حاضر آهي۔۔ آئي ٽيڪ ڪمپني جي ايليومينم ليپٽاپ ٽيب مائوس سٽينڊ سان گڏ

اهڙي ٽيبل تي ليپٽاپ رکي توهان به پنهنجي ليپٽاپ کي ڊيسڪٽاپ، مني ڊيسڪ يا وري بيڊ ٽاپ به بڻائي سگهو ٿا۔۔ يقينن هي ٽيبل توهان کي ليپٽاپ استعمال ڪرڻ ۾ راحت پهچائيندي۔۔۔هن جي اضافي فيچرس ۾ شامل آهن:
- هي پورٽيبل ۽ فولڊنگ ٽيبل آهي ۔۔ جنهن کي پاڻ سان کڻي هلڻ به تمام سولو آهي۔۔۔
- ٽيبل سان گڏ هڪ نه پر ٻه ليپٽاپ کي ٿڌو رکڻ لاءِ يوايس بي پکا آهن۔۔
- ٽيبل سان گڏ مائوس پيڊ پڻ آهي۔۔ ان ڪري اهي دوست به خوش جيڪي ليپٽاپ پيڊ بجائي مائوس استعمال ڪندڙ هجن۔۔
- ٽيبل کي لان، ڪارپيٽ، ڊيسڪ، صوفي ۽ بستري تي رکي پڻ سيٽ ڪري سگهجي ٿو۔۔۔

ٽيبل جي سائيز ۽ استعمال جا مختلف زاويه ڪجهه تصويري نظرن ۾

۽ هن ٽيبل جي آخري خصوصيت جيڪا مون کي اڃان بهتر لڳي سا آهي هن کي رڳو ليپٽاپ نه پر ڪنهن ٻئي مقصد طور استعمال ڪرڻ

ڪجهه دوست ايترين خوبين کي ٻڌي ٿڌو ساهه کڻي ڪنڌ ڌوڻي ڇڏيندا هوندا ته ڪي وري چوڻ چاهيندا ته ”بس بس ۔۔۔ گهڻو ٿيو هاڻي ڏسيو ته هن جي قيمت ڇا آهي ۽ ڇا پاڪستان ۾ موجود آهي“
منهنجو جواب سڀني دوستن لاءِ آهي ته ”جي ها بلڪل ۔۔۔ هي پاڪستان موجود آهي ۽ ايتري مهانگي به ناهي۔۔۔“ ته رليڪس ڏيندڙ هن ٽيبل کي پاڪستان ۾ خريدڻ جي قيمت ۽ دڪان لاءِ ڏسو هي آخري تصوير۔۔۔