امداد حسيني رابندر ناٿ ٽيگور جو ٻيو جنم آهي نامياري شاعر امداد حسيني جي 73 هين سالگرهه ملهائيص وئي، مکيه تقريب حيدرآباد جي ٻولي اختياري هال ۾ ٿي. انموقعي تي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت پاران ٿيل سالگرهه تقريب ۾ حميد سنڌي، بيدل مسرور، نظير ناز، گل بدن مرزا، ولي رام ولڀ، سحر امداد، مشتاق گبول، ناز سهتي، سهڻي پارس ۽ ٻين ڳالهايو. جڏهن ته بيدل مسرور ۽ مظهر علي امداد حسيني جي شاعري ڳائي ڀرپور داد حاصل ڪيو. انموقعي تي پنهنجي شاعري ۾ هوا جي سامهون واري نظم تي ڳالهائيندي امداد حسيني چيو ته اهو هڪ فقيرياڻي تي لکيل آهي. جيڪا روزاني منهنجي انتظار ۾ بيٺل هوندي هئي. هن وضاحت ڪندي چيو ته هوءَ مون لاِه نه وپيو وٺڻ لاءِ هندي هئي. نامياري ليکڪ ۽ موسيقار بيدل مسرور چيو ته سگريٽ، رڪشا، سگنل، جهڙا لفظ امداد جي شاعري جي سڃاڻپ آهن. هن چيو ته امداد بهترين تنقيد نگار ۽ سٺو ايڊيٽر پڻ آهي. هو پهرين ڪتاب کي پڙهي پوءِ ان تي تبصرو ڪندو آهي.جڏهن ته نامياري شاعره سحر امداد چيو ته اديب ۽ شاعر ڪنهن پئسي لاءِ نه پر پنهنجي قوم ۽ ٻولي لاءِ لکن ٿا. هن چيو ته مان جڏهن به امداد جي شاعري جي ساراهه ڪندي آهيان ته منهنجي راءِکي امداد جي زال سمجهيو ويندو آهي . اها سراسر نا انصافي آهي هن چيو ته هڪ شاعر جيڪو اٺ ئي پهر شاعري ڪندڙ هجي ان سان گڏ رهڻ ڪنهن وڏي جگر ، گڙدي جو ڪم آهي. .هن چيو ته مان امداد حسيني جي شاعري جي عاشق آهيان. جڏهن ته امداد رابندر ناٿ ٽيگور جو ٻيو جنم آهي.جڏهن ته سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبر نظر محمد ڳاهي چيو ته امداد حسيني جي شاعري ۾ سنڌو جي پاڻي جهڙو مٺاس ۽ سمنڊ جهڙي گهرائي آهي. هن چيو ته ان جو سبب اهو آهي ته امداد جي سياري جو عنصر پاڻي آهي.جڏهن ته ٻين پڻ امداد حسيني جي شاعري ۽ شخصيت تي ڳالهايو
ادا سائين مڃيون ٿا امدا تمام مهان شاعر آهي پر ٽئگور جي اُڏام تمام اُونچي آهي،سنڌ مان اگر ڪو شاعر ٽئگور جي پايي جو هو ته صرف اياز۔۔۔