• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڊاڪٽر غلام علي الانا

زاهد سومرو

سينيئر رڪن
ڊاڪٽر غلام علي الانا


ڊاڪٽر صاحب 1930ع ۾ ضلعي ٺٽي جي هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ ڄائو. بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان وٺڻ کان پوءِ ڪراچي مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. 1955ع ۾ ايم . اي سنڌي ۾ ڪري سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچرار ٿيو..

1963ع ۾ لنڊن ويو جتان لسانيات جي شعبي ۾ ايم اي ڪري آيو. اتي سندس مقالي جو موضوع هو، “The Arabic Element in Sindhi”

1971ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪيائين. هتي سندس مقالو “لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ” هو.

ڊاڪٽر صاحب پنهنجي پوري زندگي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي. پاڻ جڏهن سنڌالاجي ۾ ڊائريڪٽر هو تڏهن سنڌي ادب ۽ ثقافت کي گڏ ڪرڻ لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏيائون.

پنهنجي شروعاتي ادبي سفر ۾ هن ڪجهه افسانه ۽ ناول به لکيا، پر پوءِ جلدئي سندن لاڙو تحقيق ڏانهن وڌي ويو. ان کانپوءِ مسلسل تحقيقي ڪم ڪندو رهي ٿو. سندس ادبي خدمتن جو مختصر جائزو ورتو وڃي ٿو.

سنڌي نثر جي تاريخ

ڊاڪٽر صاحب هي ڪتاب 1966ع ۾ لکيو. هن ڪتاب ۾ مشهور نثر نويسن جي ادبي خدمتن جو تفصيل سان جائزو ورتو ويو آهي، پر هن ڪتاب ۾ صرف انهن نثر نويسن جو احوال آهي جيڪي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. بهتر آهي ته ان ڪتاب جو ٻيو ڇاپو ڪڍيو وڃي، ڇو ته هن ڪتاب لکڻ کان پوءِ ڪيترن ئي ٻين اديبن جو انتقال ٿي ويو آهي جن جو احوال هن ڪتاب ۾ نه آهي.

سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد

ڊاڪٽر صاحب هي ڪتاب سخت محنت کان پوءِ لکيو. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب سنڌي ٻوليءَ جي بڻياد بابت ٿيل تحقيق جو تفصيلي جائزو ورتو آهي.

سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري

هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب، سنڌي ادب جي مشهور توڙي غير معروف شخصيتن جو مختصر احوال ڏنو آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي

هي هڪ ڏکيو موضوع آهي پر ڊاڪٽر صاهب هن موضوع تي شاندار طريقي سان قلم کنيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب اهو ڏيکاريو آهي ته جاگرافيائي حدن جو ٻوليءَ تي ڪهڙو اثر ٿئي ٿو.

An Introduction of Sindhi Literature (سنڌي ادب جو تعارف)

ڊاڪٽر صاحب هي ڪتاب تازو 1991 ۾ لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب سنڌي ادب جي شروعات کان وٺي اڄ تائين ٿيل ارتقا جو مختصر جائزو ورتو آهي. هي ڪتاب ڊاڪٽر صاحب انگريزي ۾ انهيءَ ڪري لکيو آهي ته جيئن غير سنڌي ۽ غير ملڪي، سنڌي ادب مان چڱي طرح واقفيت حاصل ڪري سگهن.
ڊاڪٽر صاحب اڄڪلهه رٽائرڊ زندگي گذاري رهيو آهي پر خاموش نه آهي. هو مسلسل ڪجهه نه ڪجهه لکندو رهي ٿو. سندس ادبي خدمتن جو هر سنڌي معترف آهي.

مٿين ادبي خدمتن کان علاوه سندس هيٺيان ڪتاب ڪافي مشهور آهن:

1. لاش
2. چور
3. سنڌي صورتخطي
4. سنڌي صوتيات
5. سنڌي معلم



محترم اڪبر لغاري جي لکيل ڪتاب سنڌي ادب جو مختصر جائزو تان ورتل


sadayeen gud
 
سائين زاهد سهڻا اوهان ته تمام پيارا مضمون شيئر ڪري رهيا آهيو اوهان کي جس هجي جو ايتري ساري مصروفيت هوندي به ڪجهه وقت ڪڍي سنگت سان ساٿ نڀائڻ جو ڀرپور ثبوت پيش ڪري رهيا آهيو الله تعالي اوهان کي خوش رکي۔
 
سائين زاهد سهڻا اوهان ته تمام پيارا مضمون شيئر ڪري رهيا آهيو اوهان کي جس هجي جو ايتري ساري مصروفيت هوندي به ڪجهه وقت ڪڍي سنگت سان ساٿ نڀائڻ جو ڀرپور ثبوت پيش ڪري رهيا آهيو الله تعالي اوهان کي خوش رکي۔

آمين سائين۔۔۔ بس اوهان جهڙن محترمن جي نگاهِ شفقت هجڻ کپي۔۔۔ باقي جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان۔۔۔۔
 
منهنجي نظر مان سندس ڪتاب سنڌي صوتخطي نڪتو آهي جيڪو مون سان ساڻ آهي پر سنڌي ۾ چڪون اڃان به پون ٿيون
 
ادا زاهد صاحب اوهان جا لک لائق جو مشهور شخصيتن جو تعارف ڪرائيندا رهندا آهيو اوهانجي مهرباني اهڙيون ڪاوشون ڪندا رهندا۔ پر يار ڪڏهن ڪڏهن اسڪائپ تي به منهن ڏيکاريندا ڪريو۔
 
ادا زاهد علي سومرا ڊاڪٽر صاحب بابت اهڙي معلومات سنگت سان ونڊ ڪرڻ تي توهان جس لهڻو

سدائين گڏ

فقير سائين لک قرب جو اوهان اسان جي همٿ افزائي ڪندا آهيو۔۔۔۔۔۔shal judy hujeen

ادا زاهد صاحب اوهان جا لک لائق جو مشهور شخصيتن جو تعارف ڪرائيندا رهندا آهيو اوهانجي مهرباني اهڙيون ڪاوشون ڪندا رهندا۔ پر يار ڪڏهن ڪڏهن اسڪائپي تي به منهن ڏيکاريندا ڪريو۔


ادا عبدالغني ليک پسند ڪرڻ جي مهرباني۔۔۔۔۔ بس جلد ئي اوهان کي اسڪائيپ تي پنهنجو منهڙو ڏيکارينداسين۔۔۔۔۔

sadayeen gud
 
Back
Top