سر ڪيڏارو داستان پَھريون 1 ڏِٺو مُحَرَّمُ ماهُ، سَنڪــو شَهـزادَنِ ٿِـيـو؛ ڄاڻي ھيـڪُ اَللهُ، پاڻَ وَڻَندِيُون جو ڪَري. 2 مُحَرَّمَ موٽِي آئِيو، آئِيا تان نه اِمامَ؛ مَدِيني جا ڄاَم مؤلا، مُون کي ميڙِئين! 3 مِيرَ مَدِينِئان نِڪِري آئِيا نه موٽِي؛ ڪارا رَڱِج ڪَپِڙا، اَدا نِيروٽِي! آن تنِين لَءِ لوٺِي، جي مِيرَ مُسافِرَ رانئـِيا. 4 سَخِتي شَھادَتَ جِي، مِڙوئِي مَلا رُ؛ ذَرو ناهِ يَزِيدکي، اِي عِشَقَ جَوآثارُ؛ ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصُلُ اِمامَنِ سين. 5 سَخِتِي شَھادَتَ جِي، نِسورو ئِي نازُ؛ رِندَ پَرُوڙِينِ رازُ، قَضِيي ڪَربَلا جو. داستان ٻيو 1 چَنڊَ وِھاڻِئَ چَڙِهيا، مَلَّھ مَدِينِئان مِيرَ؛ اُنِ سين طَبَلَ، بازَ، تَبَرُون، ڪُندَ، ڪَٽارا، ڪِيرَ؛ عَلئَ پُٽَ اَمِيرَ، ڪَندا راڙو رُڪَ سين. 2 ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙِيائُون؛ جهيڙو يَزِيدَ سامُهون، جُنبِي جوڙِيائُون؛ مُنهُن نه موڙِيائُون، پَسِي تاءُ تَرارِ جو. 3 ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، اَهلِ بَيۡتَ آئِيا؛ ماري مِصِرِيُنِ سين، تن ڪافَرَ ڪَنبايا؛ سَچُ ڪِه بِيبِيءَ ڄايا، ھَهڙا سُورِهَ سُپِرِين. 4 ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا جُنگُ جُوان؛ ڌَرتِي ڌُٻِي، لَرزِي، ٿَرٿِليا آسمانَ؛ ڪَرَهِ ھُئِي ڪَان، ھو نَظارو نِينھَن جو. 5 دوسِتَ ڪُهائي دادُلا، مُحِبَ مارائي؛ خاصَن خَلِيلَنِ کي، سَخِتـيُون سَھائي؛ اَللهُ اَلصَّمَدُ بي نيازُ، سا ڪَري، جا چاھي؛ اِنَھِين مَنجِھ آھي، ڪا اُونھي ڳالھِ اِسرارَ جي. داستان ٽيون 1 ڏِٺو ڪـالَھ ڪَـنھِين، جُھونجھارِڪـو جَھـڳِڙو؛ ھـاٿِيُنِ ھَڏَ مُڇـائِيا، ريلو رَتَ نَـئِين؛ ڀانـئِنِ سـا سَنئِين، جِئـان جِيءُ جوکو ٿِـئي. 2 آيا، اُجارِين؛ تَنڪـ، تَرارِيُون تِـئُرا؛ سانگِــيُون سـائُن ھَٿَ ۾، ڪُلَھِنئُون نه لاھِينِ؛ اُڀا ئِي آھِينِ، مُھائِي مَرَڻَ تي. 3 ھڻَڻَ، ھَڪـِلَڻُ، ٻيلِي سارَڻُ؛ مانجِھيان اِيُ مَرَ ڪـُ؛ وِجَھنِ تان نه فَرَقُ، رُڪَ وَھندِيءَ راندِ ۾. 4 بَھادُرَ گَڏِيا بَھادُرين، کَڙڳَ کِلۡوِلِ ڪَنِّ؛ وِجَھنِ ڌَڙَ ڌَڙَنِ تي، ھاڪارِينِ ھڻَنِّ؛ ڪِرَن، ڪَنڌَ نَچَنِّ، رِڻُ گَجِيو، راڙو ٿِيو. 5 ھوڏانھن ھُنِ ھاڪارِيو، ھيڏانھن ھِي ھَڻَنِّ؛ سُرِنايُون ۽ سُنڌِڙا، ٻِنِين پارِ ٻُرَنِّ؛ گھوٽَنِ ۽ گھوڙَنِّ، رِڻَ ۾ لائُون لَڌِيُون. 6 گھوڙَنِ ۽ گھوٽَنِ، جِئَڻَ ٿورا ڏِينھَڙا؛ ڪَڏَھِن مَنجِھ ڪـوٽَنِ، ڪَڏَھِن واھي رِڻَ جا. 7 جِھمَندِيُون اَچَنِ، جھوليُون جُھونجھارَنِ جُون؛ پايو ٻُڪَ ٻُھارَ جا، اُنِ جُون وَھُون واڪا ڪَنِ؛ پِٽِينِ پارَ ڪڍَنِ؛ رڻ گَجيو، راڙو ٿِيو. 8 ”ڪانڌَ! ڪَلارين ڪَپڙين، وَرَ! وِناھِيو آءُ؛ جِتِ سانگِيُنِ جِي سَٽِ وَھي، اُتِ وِکَ وَڌندِي پاءِ؛ نان تان ڀَؤ مَ ڀاءِ، جان جان نُوڌين نه چَڙِھِين.“ 9 ’ڀَڳو‘ آئوُن نه چَوان؛ ’مارِيو‘، ته وِسَھان؛ ڪانڌَ مُنھَن ۾ ڌَڪَڙا، سيڪِيندي سُونھان؛ ته پڻ لَڄَ مَران، جي ھُوَنِسِ پُٺِ ۾. 10 مُنهَن مَٿاھان جن جا، سي پِٽِيو ڪَڍَنِ پاَر؛ ”جيڏِيُون! ھِنَ جُھنجھارَ، اُجاري سَڀِ اَڇا ڪَيا.“ 11 مَرُ مَرِين، آئوُن رُئَنءِ! موٽِي آءُ مَ، ڪانڌَ! ڪَچَنِ وَڏا پاندَ، جِئَڻَ ٿورا ڏِينھَنڙا. داستان چوٿون 1 ڪا جا ڍُرِي ڍُنگرِي، ڪو جو وَرِيو واءُ؛ عَلِيءَ شير وِياءُ، رِڻَ ۾ پِيَن راتِڙِي. 2 جھيڙو لاهِ، يَزِيدَ! عَلِيءَ جي اولادَ سـيـن؛ سا نه پَسَـنـدين عِـيـدَ، جا ھُوندِي مِيرَ حُـسـيـنَ سـيـن. 3 ڪُوفِيُنِ قَھِرُڪَيو، ٿِيا جَماتِي يَزِيدَ سين؛ پَلِيتَن کي پِڙَ ۾، وَرِنَہُ وَرِ پِيو؛ سَڌَرِ ھونِ سِھو، شيرُ شَھادَتَ رَسِيو. 4 ڪُوفِيُنِ ڪاغَذُ لِکِيو، وِچِ وِجِھي اَللّهُ؛ ”اَسِين تابِعَ تُنھنجا، تُون اَسانجو شاهُ؛ ھيڪَرَ ھيڏي آءُ، ته تَختُ تابِيني تُنھنجي.“ 5 ڪُوفِي ڪَربَلا ۾، پاڻِي نه پِيارِينِ؛ اُتي عَليءَ شاهَ کي، شَهزادا سارِينِ؛ نِڪِريو، نِهارِينِ؛ چَڙهُ، مِيرَ مُحمَّدَ عَرَبِي! 6 پِرِهَ پَکِي آئِيو، ڪَربَلا مان ڪَهِي؛ روضي پاسِ رَسُولَ جي، تَنهِن ھلِي ھاڪَ ھَنئِي؛ ”ڏِٺِـيَمِ رُڪَ رُئِي، چَڙهُ، مِيرَ مُحَمَّدَ عَرَبِي!“ داستان پنجون 1 حَسَنُ ناه حُسينَ وَٽِ، ٻيلِي نه ٻاھُون؛ ساڙيہ شَهزادَنِ جو، آھي اَڳاھُون؛ يَزِيدَ! جُلاھُون، تيلان ڪَرِئين تَڪِڙيُون؟ 2 ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، ھَيءِ! جي حَسَنُ هو؛ ڀيڙو ڀيڙو پَنهنجي ڀاءُ سين، پَتَنگَ جِئَن پِيو؛ آھي ڪيرُ ٻِيو، جو ڪَري ھَلان مِيرَ حُسينَ تان؟ 3 ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، سائُو سَڀِ نه ھُوَنِ؛ پِڙَ تي سيئِي پُوَنِ، موٽَڻُ جنِين ميھِڻو. 4 ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، پاکَر جو پائي؛ اَڃا اُنَ کي جِئڻَ جو، آسانگو آھي؛ سُورِهُ سو چائي، جو رُڳوئِي رِڻِ گِھڙي. 5 سُورِهَ! مَرِين سوڀَ کي، ته دِلِ جا وَھمَ وِسارِ؛ ھَـڻُ ڀـالا، وِڙِهُ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ؛ مَٿان تيغَ تَرارِ، مارِ ته مَتارو ٿِـئين. 6 حُرُّ ھَلِي آئِيو، مانجِھي مَرِدانو؛ ”آھِيان عاشِقُ آڳِ جو، پَتَنگُ، پَرِوانو؛ مانَ راضِي ٿِئي، رَسُولُ رَبَّ جو، نَبِي تو نانو؛ ھِيُ سِرُ سَمانو، گھوٽَ! مَٿان ئي گھورِيان.“ 7 ھُئِي ھِدايَتَ حُرَّ کي، اَزَلَ ۾ اَصۡلا؛ چَڙھِي آئِيو جَنگِ تي، ھلِي ھُنَ پارا؛ اِيندي چَيائِين اِمامَ کي: ”گھورِيُسِ آن مَٿاءِ“؛ ”لَا يُڪَلِّفُ اَللهُ نَفۡسًا اِلَّا وُسۡعَهَا“، جيڪا پُڄَندِيَمِ سا؛ گھوٽَ به لڳا گھاءَ، سر پڻ شيرُ شَھِيدُ ٿِيو. 8 پاوَنگُ اُڀو پِڙَ ۾، ھَڻِي ھَزارِي ھولُ؛ جَوَھَرَ ۽ جَڙاءَ سين، ڪامِلَ سِرَ ڪَنگولُ؛ رَتو رَتَ رَتولُ، مولِهيو مِيرَ حُسينَ جو. 9 ڏاڙھِي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ ته ڏاڙھُونءَ گُلَ جِئَن؛ چوڏِھِينءَ ماهَ چَنڊَ جِئَن، پِڙَ ۾ پا ڳَڙِياس؛ ميڙي ۾ مُحَمَّدَ جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ؛ تَنھِن سُورِهَ کي شاباسِ، جو مَٿي پِڙَ پُرِزا ٿِئي. 10 ڪَڪِرا ڪَربَلا جا، مادرِ ٿي ميڙِياسِ؛ ڦَٽَنِ تان رَتَ ڦُڙا، عَلِيءَ ٿي اُگِھياسِ؛ مِڙَئِي معافُ ڪَياسِ، خالقَ بَدِلي خُونَ جي. داستان ڇھون 1 ڪَؤنر، ڪِلي جا ڪوڏِيا! جانڪِي تائِين جِي؛ مَٿان اَڙِنِ اُسِري، رُڪَ پِيالو پِيُ؛ ڳاهُ ڳِجُھنِ جو ٿِيُ، ويٺي جن وَرِهَ ٿِيا. 2 ڇَپَرِ جِئَن پَھُون، تِئَن رِڻُ ڳِجُھنِ رانـئِيو؛ وَنِڪا وَنۡڪَنِ گَڏِيا، ڊوڙِيو ڏِيَنِ ڊَھُون؛ مُهاَينِ وَھُون، نِيرُ مَهانگو ڪَندِيُون. 3 ڪُوپا ڪِلي ڪوڏِيا، راوَتَ ڪِينَ رَھَنِّ؛ سائُنِ سِرَ فِدا ڪَيا، اَڳِيان اِمامَنِّ؛ ”يُجَـاھِدُونَ فِى سَبِيۡل اللّهِ“، ڪَمُّ اِھو ئِي ڪَنِّ؛ حُورُون ھارَ ٻڌَنِّ، سِهرا شَهِيدَنِ کي. 4 جَنَّتَ سَندِيَنِ جُوءِ، فائِقَ ھَليا فِردَوسَ ڏي؛ فانِي ٿِيا ’فى اَللهَ‘ ۾، ھُوءِ سين ٿِيا ھُوءِ؛ رَبَّ! ڏيکارِئين رُوءِ، اُنِين جي اِحَسانَ سين! 5 حسَنَ، مِيرَ حُسينَ کي، رُنو ٽِنِ ٽولَنِ؛ گَھرِ ماڙُھين، جَھنگِ مِرُوئين، اُڀَنِ ۾ مَلَڪَنِ؛ پَکِيُنِ پاڻُ پَڇاڙِيو، ته لَڏِيو ھوتَ وَڃَنِ؛ اَلا! شَهزادَنِ، سوڀُون ڏِئين، سَچا ڌَڻِي! 6 حَسَنَ، مِيرَ حُسينَ جو، جن نه ھِنئَڙي جارُ؛ خالِقُ، رَبُّ جَبَّارَ، ڪِينَ مَرھِيندو تن کي. هن سُر جي اينٽري لاءِ فقير اسلح علي قلباڻي جا ٿورائتا آهيون.
تمام بهترين شيئرنگ آهي مگسي ڀاءُ پر ٻيلي قلباڻي کي به ته ياد ڪيو. ادا، توهانجي اهڙين ناياب شيئرنگس جو بي چيني سان انتظار رهندو.