• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پنهنجي پاسورڊن کي سنڀالي رکو۔۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ڇا توهان مختلف ويبسائيٽس تي رجسٽريشن جي دوران مختلف نالا ۽ پاسورڊ رکندا آهيو۔۔۔ پوءِ ته توهان کي ادا علي علي وانگر ڪيترائي پاسورڊ وسري ويندا هوندا۔۔۔ مون کي به تقريبن هر روز سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان ميلز وصول ٿينديون آهن ته اسان سنڌ سلامت تي رجسٽريشن تي ڪئي هئي پر ڪجهه ڏينهن نه اچڻ ڪري پاسورڊ وسري ويو آهي۔۔۔ مهرباني فرمائي پاسورڊ موڪليو۔۔۔
اهڙن مسئلن جو حل آهي مون وٽ۔۔۔ جي ها اهو آهي۔۔۔۔

KeePass.gif.jpg

KeyPass​

ڪي پاس مفت جو اهڙو سافٽويئر آهي جيڪو توهان جي پاسورڊس کي بهترين طريقي سان سنڀالي ٿو۔۔۔ هن سافٽويئر جي ذريعي توهان پنهنجي سمورن پاسورڊس کي هڪ ڊيٽابيس ۾ هڪ ماسٽر پاسورڊ سان محفوظ ڪري سگهو ٿا۔۔۔ جنهن کي کولڻ ڪنهن جي وس ۾ به نه آهي۔۔۔
ڪي پاس جي هڪ خوبي اها به آهي ته هن جي پورٽيبل ورجن کي توهان فليش ڊرائيو ۾ رکي هر جاءِ تي آرام سان کڻي وڃي سگهو ٿا۔۔ ته پوءِ ڇونه هن کي هيئنر ئي انسٽال ڪري پنهنجي سڀني پاسورڊس کي محفوظ بڻايو ۔۔۔۔۔

 
سائين رشيد اها حالت منهنجي خيال ۾ هر ڪنهن سان هوندي ليڪن اوهان جي مهربانين جو ذڪر به اڻ ڳڻيو آهي هر ڪنهن جي پريشاني کي ذهن ۾ رکندي سنگت جي لاء سهولت خاطر هر ورز ڪا نه ڪا نئين شيء سنگت سان شيئر ڪيو ٿا الله تعالي توهان کي سلامت رکي اسان جون دعائون توهان سان گڏ آهن ۔
 
Back
Top