سنڌ سلامت تي ايندڙ تحريرن ۾ ڪجهه اهڙيون تحريرون پڻ ڏسڻ ۾ پئي آيو جن ۾ ساٿين فليش سان تيار ڪيل وڊيوز ۽ ڪلپس جا لنڪس ڏيڻ شروع ڪيا ۔۔۔۔ ظاهر آهي اهڙي ڪلپس کي ڏسڻ جي لاءِ اسان کي مطلوبا لنڪس ڏنل سائيٽ کي کولڻو پئي پيو جتي اڪثر ناپسنديده مواد به ڏسڻ لاءِ ٿي مليو ۔۔۔ ان ڪري سوچيم ته ڇو نه فورم تي فليش پليئر ڪوڊ پڻ لڳائجي جنهن جي ذريعي فليش وڊيوز يا ڪلپس کي سنڌ سلامت فورم تي سڌو سئون ڏيکارجي۔۔۔ جهڙوڪ هيٺيون ڪلپ حاضر آهي۔۔۔ [FLASH="width = 700 hieght = 427"]http://www.ilovebonnie.net/cablefix.swf[/FLASH] سمنڊ ۾ سائبر تار ڪهڙي طرح رپيئر ڪئي ويندي آهي تجربي طور اهڙو هڪ ڪوڊ ايڊيٽر ٽولبار ۾ لڳايو ويو آهي جنهن کي آسان بنائڻ تي ڪم جاري آهي۔۔ جنهن کان پوءِ ان کي سيکارڻ لاءِ هڪ الڳ سان موضوع سنڌ سلامت فور جي سکيا ۾ لڳايو ويندو۔۔۔
بهترين اضافو آهي ادا سائين۔۔۔۔ اڳ ۾ به مان جڏهن وي بليٽن تي ڪٿي فليش فائل پوسٽ ڪرڻ چاهيندو هئس ته ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي هئي۔۔ پوءِ آهستي ايمبيڊنگ سکي وياسين۔۔۔ هاڻي توهان جي هن بهترين فيچر جي واڌاري تي ڪم ڏسي دل خوش ٿي وئي هاڻي مونکي ايمبيڊنگ نه ڪرڻي پوندي۔۔۔
سائين جهانداد سائين عبد الرشيد جي معنى تي به غور ڪيو ته رشيد معنى هدايت ڪندڙ سو الله تعالى جي طرفان هن ٻانهي کي خاص هدايتون ذهن ۾ اچن ٿيون هي پيارو ماڻهو وري انهن هدايتن ذريعي اسان جهڙن اٻوجهن جي رهنمائي ڪري دعائون حاصل ڪندو آهي ۔ چوندا آهن ته ڪر ڀلا ته هو ڀلا سو پاڻ به ڀلائي جي ڪمن ۾ پيش پيش آهن يقينا الله تعالى کين ڀلائي نصيب ڪندو۔
جي سائين ادا جون ڪاوشون سرهائڻ جوڳيون آهن۔۔۔ ادا پنهنجي سنڌي قوم جي لاءِ جاکوڙيندو رهي ٿو۔۔۔ يقين ڪيو ته اسان کي پهريان ڪابه ڄاڻ نه هوندي هئي ۔۔۔۔ ادا رشيد جيتري منهنجي رهنمائي ڪئي آهي ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن ٻئي جي شايد ڪئي هجي۔۔۔۔۔۔۔ الله عزوجل ادا کي انهي جو اجر عطا فرمائيندو۔۔۔ آمين۔۔۔۔۔ سائين مولوي صاحب ۔۔۔۔ سنڌ سلامت فورم تي، سائين نثار ناز، سائين نثار ابڙو، سائين سلطان بادشاهه، ادا ابوزين، ادا ابو واصف، ادا مگسي، ادا وهاب ادا ڄامشورائي، ادا ٻروچ، ادا ڪنگ جهانداد سمون، ادا هن فورم جو مور ادا عبدالوحيد ڦلپوٽو فقير، وحيد سمون، هن فورم جو سهڻو من مهڻو ادا علي علي، فورم جي منتظمِ اعلي سائين محترم رشيد سمون، اوهان خود يعني سائين مولوي رحيم بخش ڏاهري صاحب جي تحريرن ۾ دم هوندو آهي۔۔۔ ٻي صورت ۾ کڻي چئجي ته طاقتور تحريرون هونديون آهن۔۔۔ باقي مون جهڙا ته رڳو واهه واهه ۾ پورا هوندا آهن۔۔۔۔۔shal judy hujeensuhnan saankhil sahi
سائين عبدالوحيد پيارا پاڻ کي گهٽ چوڻ انڪساري ۾ شامل آهي ليڪن اوهان به ڪنهن کان گهٽ نه آهيو ائين ته هر ڪو ماڻهو موتي داڻو آهي هر ڪنهن ۾ ڪا نه ڪا اهڙي صلاحيت يا اهڙي خوبي الله تعالي رکي آهي جيڪا ٻين ۾ نمايان نظر نه ايندي آهي اسان وٽ هڪ نينگر رهندو آهي ڳالهائيندو آهي ته کيس به خبر نه هوندي آهي ته ڇا پيو چوان ليڪن بوريت جي وقفي ۾ کيس گهرائي کانئس کان ڪجهه ٻڌڻ جي فرمائش ڪئي ويندي آهي پوء هو پنهنجي ان سادگي واري روپ ۾ ڪجهه اهڙا ڊايا لاگ چئي ويندو آهي جو سڀ کل ۾ گم ٿي ويندا آهيون اوهان جون ڪافي شيئرنگس مونکي ته تمام پسند آهن باقي سائين زاهد به پاڻ کي گهٽ چئي پنهنجو مان مٿانهون ڪيو آهي سندس لکڻيون به معلوماتي هونديون آهن پر ان کان وڌيڪ سندن محبت ڀري طبيعت آهي جو هر ڪنهن کي محبت ۾ ڦاسائي ڄاڻي اهي گر الائي ڪٿان سکيا اٿس ڏاڍيون منٿون ٿو ڪيانس ته اسان کي ويهه سال تعليم حاصل ڪئي پر اهي گر نه مليا، ڪجهه ونڊ اسان کي به ڪراء ليڪن اڃا ته آسرن ۾ پيو هلائي الله تعالى کيس ۽ سڄي ساٿ کي خوش رکي۔
سائين عبد الرشيد هڪ ڳالهه ته وسري وئي ته هن فليش وڊيوز کي ڊائون لوڊ ڪهڙي طريقي سان ڪبو اهو ممڪن آهي يا رڳو ڏسڻ تائين محدود آهي ۔ ان بابت سنگت کي آگاهي ڏيندا ته مهرباني۔
ٻيلي ڪجهه ڏاهو ٿئي asul mattasul mattasul matt باقي ادا رشيد توهان جي فليش جي حوالي سان سنڌ سلامت فورم تي ڪوڊ لڳائڻ وارو علم بهترين آهي ان سان فليش جا ويڊيوز فورم تي شيئر ڪرڻ تي آساني ٿيندي lajwab-sharinglajwab-sharing sadayeen gud sindhsalamatsaathsal