سائين عتيق الرحمان صاحب سلام اوهان کي اوهان جي جنم ڏينهن تي سنڌ سلامت سٿ پاران واڌايون پيش ڪيون ٿا۔ سچ ته اوهان جي فورم تي موجودگي اسان لاء هميشه اتساهه ۽ رهنمائي جو سبب بڻجندي رهي ٿي۔ اوهان جو سنڌ سان پيار ۽ سنڌ لاء تڙپ اوهان جي لکڻين مان واضح هوندي آهي۔ دعا آهي ته نئون سال اوهان لاء نيون اميدون ۽ نئين بهار جو پيغام کڻي اچي۔۔۔۔ آمين
سائين محترم ايس ايم درس صاحب ،سائين محترم سليمان وساڻ صاحب،سائين محترم عرس پريو صاحب سائين محترم رشيد صاحب اوهان جون وڏيون مهربانيون اوهان پنهجي دعائن ۾ ياد رکيو، الله تبارڪ و تعالي اوهان کي بلند مرتبو عطا فرمائي اوهان جي هر مشڪل آسان فرمائي اوهان هميشه شاد و آباد رهو،اوهان کي دنيا و آخرت جون ڪاميابيون عطا فرمائي آمين لک قرب سائين دوستن جا ، اسان ڌڻي در دعاگو آهيون الله پاڪ اسان جي سنڌ ۽ سٻاجهڙن سنڌين تي پنهجو خاص ڪرم فرمائي ،جن سنڌ سونهاري کي جوکي ۾ وڌو آهي انهن کي نابود ڪري، سنڌسلامت ساٿ سلامت
سنڌ سلامت جي هن اڱڻ تي ايترا ته سهڻا سهڻا ساٿي آهن جو انهن جي سندرتا بيان ڪرڻ لا مون وٽ جيڪو لفظن جو ذخيرو آهي اهو ناڪافي آهي۔ انهن سهڻڻ ساٿين مان محترم سائين عتيق الرحمان صاحب جن پڻ آهن، مون کي سائين عتيق الرحمان بابت جيترو ڪجهه سائين محترم رشيد صاحب ٻڌايو ان کان اڳ سائين جي ايڏي هاڪاري شخصيت بابت مون وٽ ڪا ڄاڻ نه هئي، سائين رشيد صاحب ٻڌايو پئي ته محترم عتيق الرحمان نهايت شفيق ترين انسان آهي، جهڙو نفيس ٻاهران ڏسڻ ۾ ايندو آهي اوتروئي اندر کان اجرو آهي، ۽ مون پڻ محترم عتيق صاحب جي لکڻين مان محسوس ڪيو ته سائين جن جي شخصيت سان ڪيترا ئي پهلو آهن جيڪي پهلو هڪ صوفي انسان منجهه هوندا آهن۔ پاڻ سنڌ ڌرتي جي ڏکن جو داستان سيني منجهه سمايون ويٺو آهي۔ سائين عتيق الرحمان جي هڪ وڏي خوبي اها آهي ته ”مان ڪجهه به نه آهيان“ وارو فلسفو سندس جي شخصيت جي سڃاڻپ آهي۔ جيڪا صفت صوفي ماڻهن منجهه هوندي آهي۔ مان ائين سمجهندس سنڌ سلامت جو هي صوفي انسان هميشه محبت ۽ ميٺاج ۽ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو درس پئي ڏنو آهي۔ اسان ڌڻي ٻاجهاري جي بارگاهه اقدس ۾ دعاگو آهيون ته سائين جن کي ڪڏهن ڪوسو وا نه لڳي، سدائين مرڪندا ؤ مهڪندا رهن، سندس جي جنم ڏينهن تي لکين واڌايون پيش ڪيون ٿا شل قبول پون ۽ سنڌ سلامت جي سندرتا ۾ ستارن وانگيان ٽمٽمائيندا رهن۔۔۔آمين
سائين محترم منظور صاحب اسلام عليڪم الله پاڪ اوهان کي پنهجي پناه ۾ رکي،دنيا و آخرت جي ڪاميابي عطا فرمائي،اوهان جا درجا بلند فرمائي،شاد رهو آباد رهو،آمين، سائين اوهان جا لک قرب اوهان پنهجي دعائن ۾ ياد ڪيو، حقيقت اهيا آهي ته سائين رشيد صاحب جا گُڻ تمام اعلي ا آهن جنهن اوهان کي آگاهي ڏني،باقي منهجا حال پورا آهن،دعائن جو محتاج آهيان،تمام ادلو گدلو آهيان زندگي جي لاهن چاڙهن ۾ مايوس ٿي ويندو آهيان،پنهجي ڌرتي لاء ڪجهه نه ڪرڻ جو صدمو تمام گهڻو آهي جنهن جي پڇتاء ۾ جيءُ جُهري رهيو آهي ،اميد ڀريو آهيان جو اوهان جهڙا ڀائر ۽ سنڌ سلامت جا ساٿي پنهجي ديس جي مٽيء جي مهڪار ڏيندا آهن ۽ جيئڻ جو اتساه پيدا ٿيو آهي جتي انيڪ ويچار ۽ احساس پروئڻ لاء ملن ٿا جنهن آڌار هڪ جدت پيدا ٿي آهي ته مان به پنهجي سنڌ امڙ جي هن مزاهمتي ڪافلي ۾ شامل ڪيو ويو آهيان،جيڪي ناحق ۽ پستي ۾ وجهندڙ ۽ محرومين کي لفظن جو امر آواز ڏئي تاحيات زنده رکڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن، اوهان ساٿين جي محنت ۽ عظمت کي سلام پيش ڪيان ٿو،اميد آهي ته هن ڪافلي ۾ ڪو به رنج نه رهي سڀ سرها رهون سڀ گڏ رهون سڀ پنهجو پنهجو آواز بلند رکون ،دشمنن کي وائکو رکون،دوستن کي ساڻ رکون،هن پنڌ ۾ به جي گزاري وياسين ته پڇتاء ڪو نه ٿيندو،هي محبت جو ڪافلو جنهن راه تي گامزن آهي اها راه تمام عمده آهي ، بقول مرشد سائين لطيف سرڪار جي محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن تن جو سرافن اڻ توريو ئي اگهايو، سدئين آباد هجو ، سنڌ سلامت ساٿ سلامت
سائين عتيق الرحمان۔۔۔توهان کي کوڙسارين دعائن سان جنم ڏينهن جون وڌايون قبول هجن۔۔ شل الله پاڪ توهان جي زندگي کي هميشه خوشين سان مهڪائيندو رهي۔۔۔آمين۔
منهنجي ڊائري گواه آهي ته دوستي جي معاملي ۾ سنڌ سلامت کان اڳ مون هميشه سور پئي لکيا۔۔ پاڻ کان هميشه شڪايت ٿي رهي ته مون اهي گڻ رکيا ئي ناهن جو بهتر دوست ملي سگهن۔۔ سنڌ سلامت کان پوءِ شايد منهنجي اوگڻن ڦيرو کاڌو ۔۔ ڏسندي ئي ڏسندي هڪ فهرست جڙندي وئي جتي محبت سان مهڪندڙ نوان دوست مليا اتي اڳ جا موجود اهي دوست به اچي گڏيا جن کي مان پنهنجي ڪوتاهين ڪري گم ڪري ويٺو هيم۔۔۔ عتيق الرحمان منهنجو دوست به آهي ته منهنجو استاد به ساڻس گذاريل پل جنهن جي هر سيڪنڊ ۾ محبت ۽ سکيا هئي مون کان وسري ڪونه سگهندا آهن۔۔۔ هوئن ته ساڻس ملندي ڪي ڏاهاڪو سال گذري ويا هوندا ۽ اڄ به دل ۾ هڪ جذبو آهي جيڪو ساڻس بار بار ملڻ لاءِ سوال ڪندو رهي ٿو۔۔۔ پر حقيقت ته اها آهي ته ساڻس گذاريل ان کان اڳ جا پلن جو سواد ئي اڃان ختم ناهي ٿيو۔۔۔۔۔ دعا آهي ته منهنجو دوست، منهنجو محسن ۽ منهنجو استاد محترم عتيق الرحمان سدا سلامت رهي ۔۔۔ ڏکيو ڏينهن نه ڏسي۔۔۔ آمين
الله پاڪ اوهان کي پنهجي حفظ و امان ۾ رکي اوهان جي عزت و آبرو قائم و دائم رکي اوهان جو هر قدم ڪاميابين کي چمي،اوهان کي الله پاڪ صحت و تندرستي عطا فرمائي، شال شاد و آباد هجو،آمين ادا اوهان جي عزمت آهي جو اوهان مان ڏنو سچ ته اوهان جيڪي محبتي ميڙيا آهن انهن جي وچ۾ پاڻ کي ڏسي جيئڻ ۾ اتساه پيدا ٿيو آهي آءُ اوهان لاء دعاگو آهيان،انهن دوستن لاء به جيڪي هن فورم جي زينت بڻيل آهن جن جي خوبصورتي مٺي ٻولي ۽ بي بها محبت پنهجائپ جو شاندار مثال آهي، ڪيڏي به ذهن ۾ هورا کورا هوندي آهي پر جڏهن هن فورم جي زريعي ڀائرن ۽ ساٿين جي ونڊ ڪيل لفظن تي نظر پوندي آهي ته روح خوش ٿي ويندو آهي، اهي اوهان جي طفيل نصيب ٿيون آهن جن لاء مان ٿورائتو آهيان دعا ڪيو ته روبرو ملاقات جلد ٿئي ۽ پنهجي وطن جي مٽي نصيب ٿئي،
سائين محترم ممتاز احمد قريشي صاحب الله پاڪ جون لک رحمتون اوهان جي مٿان هجن اوهان جي مٿان ان مالڪ ڪائنات جو خاص ڪرم هجي سدا آباد هجو،شل جُڙيا هجو، اوهان جي چاهت ڀريل ڳالهين ۽ دل کي ڇهندڙ نصيحتن ۾ زندگي راه راست تي هلي پئي الله پاڪ جا لک احسان جن اوهان جهڙين محبوبن سان ملايو ۽ اوهان جي صحبت ۾ ڪجه پرائڻ جو موقعو مليو آهي الله پاڪ قائم رکي اهي محبتون۔ اوهان جي وڏي مهرباني اوهان پنهجي دعائن ۾ ياد رکيو۔اميد ته آئينده به پنهجو ڪرم ڪندا رهندو
سائين عتيق الرحمان۔۔۔توهان کي کوڙسارين دعائن سان جنم ڏينهن جون وڌايون قبول هجن۔۔ شل الله پاڪ توهان جي زندگي کي هميشه خوشين سان مهڪائيندو رهي۔۔۔آمين۔ 2330 اٽيچمينٽ ڏسو
محترم شاهين لطيف سائين لک قرب اوهان پنهجي دعائن ۾ ياد رکيو۔ الله پاڪ اوهان کي بهتر صحت و تندرستي عطا فرمائي اوهان تي پنهجو ڪرم و رحم جاري و ساري رکي ،سدا آباد هجو،