ايس ايم درس
سينيئر رڪن
سائين عتيق الرحمان کي سالگره جون لک لک مبارڪون دعا آهي ته سائين هميشه مسڪرائيندو رهندو۔
سائين محترم ايس ايم درس صاحب ،سائين محترم سليمان وساڻ صاحب،سائين محترم عرس پريو صاحب سائين محترم رشيد صاحب اوهان جون وڏيون مهربانيون اوهان پنهجي دعائن ۾ ياد رکيو،سائين عتيق الرحمان کي سالگره جون لک لک مبارڪون دعا آهي ته سائين هميشه مسڪرائيندو رهندو۔
سائين محترم منظور صاحب اسلام عليڪمسنڌ سلامت جي هن اڱڻ تي ايترا ته سهڻا سهڻا ساٿي آهن جو انهن جي سندرتا بيان ڪرڻ لا مون وٽ جيڪو لفظن جو ذخيرو آهي اهو ناڪافي آهي۔ انهن سهڻڻ ساٿين مان محترم سائين عتيق الرحمان صاحب جن پڻ آهن، مون کي سائين عتيق الرحمان بابت جيترو ڪجهه سائين محترم رشيد صاحب ٻڌايو ان کان اڳ سائين جي ايڏي هاڪاري شخصيت بابت مون وٽ ڪا ڄاڻ نه هئي، سائين رشيد صاحب ٻڌايو پئي ته محترم عتيق الرحمان نهايت شفيق ترين انسان آهي، جهڙو نفيس ٻاهران ڏسڻ ۾ ايندو آهي اوتروئي اندر کان اجرو آهي، ۽ مون پڻ محترم عتيق صاحب جي لکڻين مان محسوس ڪيو ته سائين جن جي شخصيت سان ڪيترا ئي پهلو آهن جيڪي پهلو هڪ صوفي انسان منجهه هوندا آهن۔ پاڻ سنڌ ڌرتي جي ڏکن جو داستان سيني منجهه سمايون ويٺو آهي۔ سائين عتيق الرحمان جي هڪ وڏي خوبي اها آهي ته ”مان ڪجهه به نه آهيان“ وارو فلسفو سندس جي شخصيت جي سڃاڻپ آهي۔ جيڪا صفت صوفي ماڻهن منجهه هوندي آهي۔ مان ائين سمجهندس سنڌ سلامت جو هي صوفي انسان هميشه محبت ۽ ميٺاج ۽ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو درس پئي ڏنو آهي۔ اسان ڌڻي ٻاجهاري جي بارگاهه اقدس ۾ دعاگو آهيون ته سائين جن کي ڪڏهن ڪوسو وا نه لڳي، سدائين مرڪندا ؤ مهڪندا رهن، سندس جي جنم ڏينهن تي لکين واڌايون پيش ڪيون ٿا شل قبول پون ۽ سنڌ سلامت جي سندرتا ۾ ستارن وانگيان ٽمٽمائيندا رهن۔۔۔آمين
الله پاڪ اوهان کي پنهجي حفظ و امان ۾ رکي اوهان جي عزت و آبرو قائم و دائم رکي اوهان جو هر قدم ڪاميابين کي چمي،اوهان کي الله پاڪ صحت و تندرستي عطا فرمائي،منهنجي ڊائري گواه آهي ته دوستي جي معاملي ۾ سنڌ سلامت کان اڳ مون هميشه سور پئي لکيا۔۔ پاڻ کان هميشه شڪايت ٿي رهي ته مون اهي گڻ رکيا ئي ناهن جو بهتر دوست ملي سگهن۔۔
سنڌ سلامت کان پوءِ شايد منهنجي اوگڻن ڦيرو کاڌو ۔۔ ڏسندي ئي ڏسندي هڪ فهرست جڙندي وئي جتي محبت سان مهڪندڙ نوان دوست مليا اتي اڳ جا موجود اهي دوست به اچي گڏيا جن کي مان پنهنجي ڪوتاهين ڪري گم ڪري ويٺو هيم۔۔۔
عتيق الرحمان منهنجو دوست به آهي ته منهنجو استاد به ساڻس گذاريل پل جنهن جي هر سيڪنڊ ۾ محبت ۽ سکيا هئي مون کان وسري ڪونه سگهندا آهن۔۔۔ هوئن ته ساڻس ملندي ڪي ڏاهاڪو سال گذري ويا هوندا ۽ اڄ به دل ۾ هڪ جذبو آهي جيڪو ساڻس بار بار ملڻ لاءِ سوال ڪندو رهي ٿو۔۔۔ پر حقيقت ته اها آهي ته ساڻس گذاريل ان کان اڳ جا پلن جو سواد ئي اڃان ختم ناهي ٿيو۔۔۔۔۔
دعا آهي ته منهنجو دوست، منهنجو محسن ۽ منهنجو استاد محترم عتيق الرحمان سدا سلامت رهي ۔۔۔ ڏکيو ڏينهن نه ڏسي۔۔۔ آمين
سائين محترم ممتاز احمد قريشي صاحب الله پاڪ جون لک رحمتون اوهان جي مٿان هجن اوهان جي مٿان ان مالڪ ڪائنات جو خاص ڪرم هجي سدا آباد هجو،شل جُڙيا هجو،سائين عتيق الرحمان۔۔۔توهان کي کوڙسارين دعائن سان جنم ڏينهن جون وڌايون قبول هجن۔۔
شل الله پاڪ توهان جي زندگي کي هميشه خوشين سان مهڪائيندو رهي۔۔۔آمين۔