موبائيل جي تاريخ وڊيو جي صورت ۾۔۔۔۔

'موبائيل جي دنيا' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏22 ڊسمبر 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اڄ جي دور ۾ جتي دنيا ۾ موبائيل جو استعمال عام ٿيندو پيو وڃي اتي موبائيل زندگي جو اهم حصو تصور ڪيو پيو وڃي ۔۔۔۔ هڪ اندازي موجب دنيا جي آبادي جو اڌ موبائيل استعمال ڪري رهيو آهي۔۔۔
    هتي مان هڪ وڊيو ڳنڍي رهيو آهيان جيڪا موبائيل جي تاريخ سال وائيز ڏيکاري ٿي۔۔۔ هن وڊيو مختلف دور ۾ مشهور ٿيندڙ سيٽن ۽ جديد سيٽن جو مختصر ذڪر پڻ آهي۔۔۔ تقريبن ٽن منٽن تي مشتمل هن وڊيو ۾ جڏهن کان وٺي موبائيل ايجاد ٿي آهي يعني 1985 کان وٺي موجود دور جي کوڙ سارن فنڪشنن تي مشتمل موبائيلز جو ذڪر تصويري شڪل ۾ آهي ۔۔۔ اچو ته ڏسون۔۔۔۔

    http://www.youtube.com/watch?v=hQUt8C4iVKc
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين هيترا سارا موبائيل سيٽ اوهان کي هٿ آيا آهن هڪ هڪ پنهنجي ميمبرن کي ڏئي ڇڏيو ها ته ڏاڍو مزو ٿئي ها ليڪن اوهان نه ڏنو ان ۾ به ڪا اوهان جي سمجهه ڀلائي طرف پيش خيمه هوندي جو توهان سوچيو هوندو ته هي موبائيل جيڪڏهن هر دوست کي ڏبي ته هو ماني وارا پيسا به بيلنس ۾ خرچ ڪري ڇڏيندو تنهن ڪري بهتر آهي ته پري کان ديدار ڪري لطف اندوز ٿيو جيئن هڪ بادشاه کان هڪ فقير گهوڙو گهريو بادشاه وزير کي چيو ته هن کي ڏاندن جو جوڙو ڏئي ڇڏيو بادشاه کان پڇڻ تي معلوم ٿيو ته جيڪڏهن گهوڙو ان فقير کي ڏجي ها ته يا ته هو پاڻ واري کانئڻ وارو اَنُ اِن کي کارائي پاڻ بک ۾ رهي ها يا ته وري گهوڙي کي داڻي نه ڏيڻ سان بک ماري ها ان ڪري هن کي ڏاندن جو جوڙو ڏنوسين ته زمين کيڙي پاڻ به گذر ڪري زمين جي چاري مان ڏاند به متارا ڪري سو ان ۾ ئي ان جي ڀلائي آهي ان ڪري هن کي هن جي حال مطابق سوال جي قبوليت ملي سو اوهان به اسان جهڙن تي رحم ڪري چيو هوندو ته جيڪڏهن موبائيل هوندي ته هروڀرو فالتو ڳالهائي پئسا نقصان ڪندا تنهن ڪري فقط معلومات حاصل ڪري پنهنجي علم ۾ اضافو ڪيو ۔
     
  3. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    سائين مولوي صاحب، انهي کي چوندا اٿئي ادو سياڻو سمون۔۔۔ معني ادا رشيد جادوگر سان گڏ سياڻو به آهي۔۔۔۔۔۔

    باقي هر دفعي سان ادا نواڻ کان واقف ڪندو آهي۔۔۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    لاجواب معلومات آهي ادا رشيد

    بهترين ڪوشش آهي

    سدائين گڏ
     
  5. فهدرند

    فهدرند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جنوري 2010
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: موبائيل جي تاريخ وڊيو جي صورت ۾۔۔۔۔

    تما م سٺوhall chari
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو