ادا اسد اوهان کي الله تعالي صحت نصيب فرمائي اسان جون دعائون توهان سان شاملِ حال آهن اوهان جي مهرباني جو اوهان طبعيت جي ناساز هجڻ جي باوجود به هي سبق فورم تي شيئر ڪيو جيڪڏهن طبيعت ساٿ نه ٿي ڏئي ته ڀلي هڪ ٻه ڏينهن ريسٽ ڪيو چوندا آهن ته جيء خوش ته جهان خوش اڄ ڪلهه ڪجهه موسم جي ڪري شايد ڪافي دوستن کي ڪجهه ناموافق ڪيفيتن مان گذرڻو پيو پوي ڪنهن کي هلڪو بخار ته ڪنهن کي کنگهه وغيره هن عاجز کي به هلڪو بخار محسوس ٿي رهيو آهي دعا آهي رب ڪريم کان ته الله محبوب جي ساري امت کي صحت و عافيت سان نوازي ۽ سڄي امت مصطفيٰ کي اسان سميت شاد ڪري ۔ آمين۔