ميمڻ عبدالغفور سنڌي مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح [ 1691ع – 1760ع ] سنڌ جي بزرگ هستي، يگاني شخصيت ۽ جيد عالم، مخدوم محمد هاشم ولد مولوي عبدالغفور سنڌي، ضلعي ٺٽي، تعلقي ميرپور بٺوري جي ڪچي واهڻ ۾، 10 ربيع الاول 1104هه مطابق 1691ع ۾ ولادت ورتي. سندس جدِ امجد قريش قبيلي مان هئا، جيڪي پنهنجي ڏاڏي حارث جي اولاد مان آهن. سندس والد بزرگوار نيڪ مرد ۽ خدا دوست انسان هو؛ جنهن کان ابتدائي تعليم حاصل ڪيائين. سندس وفات 1113هه (1700ع) بعد، مولوي محمد سعيد ۽ مخدوم ضياءُ الدين جن وٽان فارغ التحصيل ٿيو. مخدوم صاحب، ميرپور بٺوري لڳ ”محراب پور“ ۾ ديني درسگاه کوليو هو. پاڻ باشريعت انسان هو. سندس اقبال ۽ انتظام کان وقت جا عالم خفي ٿيڻ لڳا. ايتري تائين جو مٿس ٽوڪون ۽ ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. حتيٰ ڪه من گهڙت بهتان مڙهي کيس داغدار بڻائڻ جي به ازحد ڪوشش ڪيائون. آخر مخدوم صاحب تنگ ٿي محرابپور مان موڪلائي، ٺٽي ۾ وڃي ٺڪاڻو ٺاهيو. ٺٽو، ان وقت علم ادب جو مرڪز هو. منجهس مختلف فرقن جا عالم، صوفي، درويش ۽ اعليٰ پايي جا شاعر رهندا هئا. ازانسواءِ علمي بحث مباحثن جو پڻ چڱو چهچٽو هو. انهيءَ علمي جستجو ۾ مخدوم صاحب جو ديني درسگاه به ديسان ديس مشهور ٿيڻ لڳو، ايتري قدر تقريرن خواه تحريرن توڙي شرعي تبليغ ۾ پڻ وڏي شهرت ورتائين. ايتري ساري سجاڳيءَ جي باوجود به ٺٽي شهر ۾ ڪيترون ئي غير شرعي ۽ دين جي خلاف ڪار گذاريون ٿينديون رهيون، جن کي مخدوم صاحب ٻڌي ۽ ڏسي برداشت ڪري نه سگهيو. باالخصوص مخدوم محمد معين ٺٽوي رحه به سندس ضد ۾ اچي ويو. پوءِ ته انهن براين جي پاڙ پٽڻ لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيائين. انهيءَ سلسلي ۾ وقت جي حاڪمن: ميان غلام شاه ڪلهوڙو، نادر شاه بادشاه ۽ احمد شاه ابداليءَ جن سان به خط و ڪتابت شروع ڪيائين. ميان غلام شاه پنهنجي تمام ڪامورن کي مخدوم صاحب جي هن سلسلي ۾ ٻانهن ٻيلي ٿيڻ جو حڪم صادر ڪيو . مخدوم صاحب علم ۽ عمل جو مجسمو، اسلامي دنيا جو داناءُ، مصلح ۽ اعليٰ پايي جو مقرر هو؛ ۽ ساڳئي وقت تقريباً ڏيڍ سؤ کن عربي، فارسي ۽ سنڌي ڪتابن جو مصنف به هو. (1135هه = 1722ع) ۾ حج بيت الله شريف جي زيارت لاءِ اُسهيو. مديني شريف پهچي، اتي به دين جو درس ڏيڻ لڳو. واپسيءَ تي (1137هه = 1724ع) ۾ سورت بندر وٽ، نقشبندي بزرگ سيد محمد سعدالله سورتيءَ جو معتقد بڻيو. پوءِ ٺٽي پهچي لڳاتا لڳن سان دين جي خدمت ڪندو رهيو. هي عالم رباني، زاهد الزمان، ساده طبع، تڪلف ۽ تصنع کان عاري، علم جو ڀنڊار 1174هه مطابق 1760ع ۾ هي فاني جهان ڇڏيو. سندس آخرين آستانو مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي ٿيو. مخدوم عبداللطيف نالي فرزند هوس مخدوم صاحب جي تصنيفات مان عالمانه ۽ محققانه انداز - بيان جو پتو پوي ٿو. اڄ به سندس ڪجهه ڪتاب مصر جي الازهر يونيورسٽيءَ ۾ درسي طور پاڙهيا پيا وڃن. سندس تحرير مولوي ابوالحسن جي سنڌيءَ جيان آهي. سنڌي زبان ۾ سندس شاهڪار ”فرائض الاسلام“، ”زاد الفقير“، ”قوت العاشقين“ ۽ ”ذبح شڪار“ چيا وڃن ٿا. شاعريءَ جي لحاظ کان ”الف اشباع“ کي ترجيح ڏني هئائين. نموني طور سندس سنڌي هيٺ ڏجي ٿي:- ”بقا ناه بلاد کي دنيا ناهه دوام؛ اجل ٿيو اوتون ڪري ٿي قريب قيام؛ سمر سندي ساٿيا ڪرهو تات تمام؛ ڊڄو ڊاءِ ڌڻيءَ جي آگل پر علام؛ ڪريو ياد ڪريم کي سنجهي صبح شام؛ ڪهو ڪلمو صدق سين مٿي محمد ڄام“. (1) – موجوده تعلقو ميرپور بٺورو، اُن زماني ۾ ڪراچي ضلعي جو حصو هو، جيڪو پوءِ ٺٽي ضلعي جي حدن ۾ اچي ويو. (1)- مخدوم ٺارو المعروف محمد معين، وقت جي بزرگ ۽ عالم مخدوم عنايت الله (وفات 1114هه= 1702ع) جو شاگرد هو. ڪماليت جو صاحب ۽ سلوڪ جي راه جو ڀليءَ ڀت ڄاڻو هو. ميان ابوالقاسم ولد شيخ عبيدالله انصار نقشبندي جو پوئلڳ هو. آخري وقت ۾ سيد عبداللطيف ”تارڪ“ ڀٽائي4 جي صحبت مان فيض حاصل ڪيائين. مخدوم محمد هاشم سان سندس علمي مناظرا ٿيندا رهيا. ڪافي ڪتاب لکيائين. وقت جا حاڪم به سندس تعظيم ڪندا هئا. ”السماع معراج الاولياءُ“ – مصداق ”سماع“ کي موسيقيءَ جي طرز تي اوليت ڏنائين – (1161هه = 1747ع) ۾ وفات ڪيائين. فارسي شاعريءَ ۾ ”تسليم“ ۽ هنديءَ ۾ ”بيراکي“ تخلص هوس [تحفته الڪرام – مير علي شير ”قانع“، سنڌي ادبي بورڊ (سنڌي ترجمو، جلد 3)، 1957ع؛ صفحو 563]. (1) – پنهنجي وڏي چاچي ۽ سهري، حاجي محمد عثمان ملا مينهون ميمڻ (عمر 80 ورهيه) جي زباني معلوم ٿيو آهي، ته هڪ دفعي مخدوم صاحب ڪنهن ڏوهه ۾ هڪ سيد کي شرعي تعزير ڏيندي ديڙن هڻائڻ لاءِ پڙهو ڦيرايو. جڏهن پسگردائي اچي گڏ ٿي؛ ۽ پاڻ مجمي ۾ بيهي ڏوهاريءَ کي هڪ ڪاٺ جي قلعي ۾ سوگهو ٻڌرايائين. اڃا ديڙن هڻائڻ جي اجازت ڏيڻ تي ئي هو، ته کيس ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم جن، سيد کي ڀاڪر ۾ بيٺل نظر آيا. پوءِ سندس حيرت جي حد نه رهي ۽ ٺهه پهه حڪم ڪيائين، ته سيد کي آزاد ڪري ڇڏيو. جڏهن گهر پهتو ۽ قرآن پاڪ کولي ڏٺائين، ته سندس صبر جو پيمانو لبريز ٿي آيو. ٻئي ڏينهن تي وري سزا لاءِ مجموعو ڪٺو ڪيائين. ان ڏينهن تي به ساڳئي ماجرا ڏسي، واپس وريو. گهر ۾ وري به چين نه آيس؛ ۽ شريعت کان پاسيرو به رهي نه پئي سگهيو. مجبوراً ٻي ڪا واه نه ڏسي، پوري پسگردائيءَ مان قرآن پاڪ گڏ ڪرائي، بيل گاڏين تي آڻي تعزير واري هنڌ جمع ڪيائين. آخر ٽيون ڀيرو ماڻهو مڙي، اُن سيد کي شرعي سزا لاءِ تيار بيهاريائين، ته کيس اهو ساڳيو منظر نظر آيو. مگر پاڻ وڏي عجز سان ڪائنات جي ڪارڻيءَ کي عرض ڪيائين، ته ”ٻنهي جهانن جا سردار! انهيءَ ڏوهاريءَ کان پري ٿيو؛ يا هي (قرآن پاڪ) واپس وٺو!!“ چوڻ ۾ اچي ٿو، ته آنحضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم جن شريعت کي افضل ڄاڻي پري ٿي بيٺا؛ ۽ سيد کي مقرر سزا ملي. (1) – علامه مخدوم (ثاني)، پيءُ جو صحيح جاءِ نشين هو – 1187هه (1773ع) ۾، ميان سرفراز ڪلهوڙي جي لشڪر ۾ قضا جي عهدي تي فائز هو. عربي زبان ۾ ”ذب الذبابات“ (ٻه جلد) نالي سندس لازوال تصنيف ڇڏيل آهي. [ ”تکملہ مقالات الشعرا“ (فارسي) – مخدوم محمد ابراهيم ”خليل“۾ تتوي، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع، صفحو 46].
سٺو ليک آهي ۔ پر اڃان تحقيق گهربل اٿس ، جيسيتائين منهنجو خيال آهي ته مخدوم هاشم ٺٽوي صاحب پنهور هئا باقي پنهور حارث جي اولاد آهن تنهن جي تحقيق گهربل آهي جيڪر ڪنهن دوست وٽ اها تحقيق هجي ته ضرور ونڊ ڪن ۔ مهرباني
مولانا جي زندگي جي حوالي سان سٺو مضمون شيئر ڪيو ويو آهي هڪ ڀيري ٻيهر مولانا محمد هاشم جي طرف ڪوڙي ڳالهه منسوب ڪرڻ کان رڪجي نه سگهيا بلڪه اهڙو واقعو بيان ڪيو آهيجي ۾ رسول اڪرم ﷺ کي شريعت نافذ ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل ڏيکاريو ويو آهي ۔ نعوذ بالله من ذالڪ واقعي جي ڪوڙي هجڻ جا دليل دليل 1 : حاجي محمد عثمان ملا مينهون ۽ مولانا محمد هاشم جي درميان گهٽ ۾ گهٽ ٻئو سالن جو فرق آهي ته پوءِ کين اهو واقعو ڪيئن معلوم ٿيو وچ وارا راوي ڪهڙا آهن ۽ ڪهڙي قسم جا آهن ؟ ڇا اهو واقعو مولانا پنهنجي ڪنهن ڪتاب ۾ لکيو آهي يا مولانا جي زماني جي ڪنهن عالم ان واقعي کي پنهنجي ڪتاب ۾ بيان ڪيو آهي ؟ جيڪڏهن ائين نه آهي ته خدارا مولانا جي شخصيت معاف ڪريو ته مهرباني دليل نمبر 2: ڇا رسول اڪرم ﷺ جن کي شريعت نافذ ڪرڻ جو خيال مولانا محمد هاشم ٺٺوي کان گهٽ هو ؟ جو واقعي مطابق پاڻ ﷺ جي ڪري شرعي حڪم نافذ ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيا هئا ( نعوذ بالله من ذالڪ ) دليل نمببر 3 : ڇا ڪو امتي رسول اڪرم ﷺ جن کي هن قسم جا لفظ چوڻ جي جرات ڪري سگهي ٿو ؟ ”ٻنهي جهانن جا سردار! انهيءَ ڏوهاريءَ کان پري ٿيو؛ يا هي (قرآن پاڪ) واپس وٺو!!“ ڇا نبي ﷺ جن کي قرآن جي ان حڪم جي خبر نه هئي ؟شريعت جي پاسداري جو خيال پاڻ ﷺ جن مخدوم محمد هاشم کان به گهٽ هو ؟ ( اسين اهڙي واقعي جي خطرناڪ پهلوئن کان الله جي پناهه ٿا گهرون ) دليل نمبر 4 : رسول اڪرم ﷺ شريعت نافذ ڪرڻ ۾ ڪڏهن ڪنهن سيد جو خيال نه فرمايو آهي جيڪڏهن سيد ڪو خلاف شريعت ڪم ڪيو ته ان تي حد نافذ فرمايائون جنهن جو دليل بخاري شريف ۽ مسلم شريف جي هي حديث آهي عن عائشة . أن قريشاً أهمّهم المرأة المخزومية التي سرقت ، فقالوا : من يكلم فيها رسول الله ، ومن يجترىء عليه إلا اسامة ، فكلمه أسامة ، فقال الرسول : أتشفع في حد من حدود الله ، ثم خطب فقال : إنما أهلك من كان قبلكم إذا سرق فيهم الشريف تركوه وإذا سرق الضعيف أقاموا عليه الحد ، وايم الله ! لو أن فاطمة بنت محمد سرقت لقطعت يدها ، فأمر النبي بقطع يدها . رواه البخاري ومسلم حديث ۾ هڪ واقعو بيان ٿيل آهي حديث جا آخري لفظ آهن عائشه رضي الله عنها بيان ڪري ٿي ته قريشن کي هڪ مخرومي عورت جي معاملي پريشان ڪيو ان عورت چوري ڪئي هئي چيائو ته ڪير آهي جيڪو ان عورت بابت رسول الله ﷺ جن سان ڳالهائي الله جو قسم جيڪڏهن فاطمة محمد ﷺ جي ڌي به چوري ڪري ها ته ان جا هٿ ڪٽي ڇڏيان ها پاڻ ﷺ سان ڳالهائڻ جي جرات فقط اسامه ئي ڪري سگهي ٿو اسامه پاڻ ﷺ جن وٽ سفارش ڪئي ته پاڻ ﷺ جن فرمايو ڇا تون الله جي حدن بابت سفارش ڪرين ٿو پوءِ پاڻ خطبو ڏنائون ته توهان مان اڳين قومن کي ان ڳالهه هلاڪ ڪيو ته انهن ۾ جڏهن ڪو سگهارو انسان چوري ڪندو هو ته ان کي ڇڏي ڏيندا هئا ۽ جيڪڏهن ڪو ڪمزور چوري ڪندو هو ته ان تي حد نافذ ڪندا هئا پاڻ ﷺ جن قسم کڻي فرمايو ته الله جو قسم جيڪڏهن فاطمه محمد ﷺ جن جي ڌي به چوري ڪري ها ته ان جا هٿ به ڪپي ڇڏيان ها ۔ رسول اڪرم ﷺ جن هن فرمان مان ثابت ٿيو ته پاڻ کي شريعت نافذ ڪرڻ ۾ ڪنهن سيد جو به خيال نه ڇا ڪو سيد فاطمه کان به وڌيڪ افضل ٿي سگهي ٿو ؟ خدارا اهڙا ڪوڙا واقعا بيان نه ڪريو جنهن سان رسول اڪرم ﷺ جن جي بي ادبي جو ڪو پهلو نڪري ۔