سچ وڏو ڏوهاري آهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ گل چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 ڊسمبر 2009۔

  1. گل چوهاڻ

    گل چوهاڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 مئي 2009
    تحريرون:
    25
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سچ وڏو ڏوهاري آهي
    غلام مرتضي عرف سليمان سومرو

    عبرت مئگزين جي شماري هڪ ڊسمبر کان پندرنهن دسمبر 2009 ۾ صفحي نمبر 10 ۾ جيڪو اهم اشوز جو پيج هوندو آهي ان ۾ هڪ لکڻي (آتم ڪٿا يا انتهاپسندي ؟) نظر مان گذري جيڪا لکڻي اڄ آچر ڏهاڙي پاڪ اخبار ۾ به ساڳي ئي عنوان ۽ متن سان پڙهڻ لاءِ ملي جنهن ۾ سرڪش سنڌي جيڪو ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي هن جي ڪتاب (جوڻيون جيءَ جهان جون) جي ٻئي حصي کي تڪراري هئڻ جو سبب ڄاڻائيندي هڪ طرف ته سرڪش سنڌي جي مان مرتبي جي ڳالهه ڪندي لکي ٿو ته سنڌ ۾ جڏهن نالي وارن شاعرن جو ذڪر اچي ٿو ته سرڪش سنڌي ان ڳاڻيٽي ۾ اڳيان اڳيان ڳڻيو وڃي ٿو انقلابي شاعري کان قومي تحريڪ ۾ وقتائتي تحرڪ تائين هن جو انتهائي شاندار ڪردار رهيو آهي سڄي سنڌ هن جي ساڃاهه ۽ شعور جي ساکي آهي ته ٻئي طرف هن جي حمايت کي گهڻو گهٽ سمجھندي لکي ٿو ته سرڪش جي حمايت ان جا شاگرد، جذباتي عقيدت رکندڙ يا وري ويجها رشتيدار ڪن ٿا باقي سڄي سنڌ مان ڪوبه اهڙو ماڻهو نه آهي جيڪو سرعام نروار ٿيو هجي .
    ليکڪ جڏهن پاڻ قبول ڪري چڪو آهي ته سرڪش جي ساڃاهه ۽ شعور جي ساکي سڄي سنڌ آهي ته پوءِ اهي ٽئي حوالا ڇالاءِ هن وٽ نوار ٿيڻ جو مقصد هي آهي ڇا ته (ڏجي باه ڀنڀور کي) معنى ته ماڻهو سرڪش جي حمايت يا مخالفت ۾ روڊن تي اچي مظاهرا ڪن ٿي سگهي تو ته ائين به ٿئي پر هي قوم رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي عدم تشدد واري پاليسي جي حامي امن ۽ ڀائيچاري جي علمبردار سرڪش سنڌي سان جيترو عشق ۽ خلوص رکي ٿي ته اوتري عزت ۽ مان ٻين اديبن ۽ دانشورن لاءِ به. پر سنڌ جي ساڃاهوندن ۽ شعور رکندڙن کي سنڌ ۾ امن به ته پيارو آهي باقي جيتري قدر ادبي لکڻين جي ڳالهه آهي ته پاڻ کي سنڌ جي تمام وڏي اخبار سمجهندڙ سوڌو مڙني اخبارن ۾ به سرڪش جي مخالفن جو هڪ گروهه ڪم پيو ڪري شايد.
    منهنجي پنهنجي هڪ لکڻي جيڪا مون ان اخبار سميت سنڌ جي مڙني اخبارن ۾ موڪلي ڏني جيڪا به شايد ان جي ڪري ئي شايع نه ڪئي وئي پر مون ته ان ۾ سنڌ جي سڀني اديبن کي انهن وچ ۾ جيڪي اختلاف آهن اهي دور ڪرڻ جي مودبانه گذارش ڪئي هئي سنڌ جي مڙني قومي مسئلن تي لکڻ ۽ پنهنجي قوم جي غضب ڪيل حقن جي لکڻ لاءِ لکيو هو سا منهنجي لکڻي پاڪ اخبار جي مهربانن شايع ڪئي ۽ ان ۾ مون جوڻيون جي جهان جون جي تڪراري حصي مان چند ڳالهيون لکيون هيون جن ۾ ليکڪ وٽ ان شاعره بابت لکڻ جا ثبوت هئڻ ۽ ان شاعره جي شاعري ۽ ديوان سان ان جي واسطن جي معلومات ايس جي ڀاڳيا کي هئڻ جيڪا حقيقت هن جي تاج جويي سان پڻ ڪرڻ اهي سڀ ڳالهيون مون ٽياڪڙ جي صورت ۾ رکيون هيون ۽ هن وقت به جيڪو ڪجهه لکان پيو اهو به بلڪل حمايت يا مخالفت کان هٽي ڪري ئي لکجي پيو هونئن به ڪنهن اديب جا ڪنهن اديب سان نه پر ان جي لکيل مواد سان اختلاف هئڻ گهرجن جيئن هتي مونکي هن جي ۽ هڪ ٻئي ليکڪ جنهن جي لکڻي هن ئي عبرت مئگزين ۾ صفحي 49 نقطه نظر واري صفحي تي خود غرضي جي اوندهه سان اختلاف آهن باقي ڪنهن جي به ذاتيات تي نه وڃبو جيئن هن ۽ خاص ڪري ان همراهه سرڪش سنڌي خلاف ذاتيات جو سهارو ورتو آهي.
    سنڌ جا اديب اسان جو سرمايو آهن جيڪڏهن هي حمايت ۽ مخالفت جو سهارو وٺي سنڌ جا اديب ورهائڻ چاهن ٿا ته پوءِ هنن جي مرضي ته پوءِ سنڌ جي انهن جي انهن سڀني اديبن کي کي چوڻو پوندن جن جا ڪتاب اچڻا آهن ته اهي پنهنجن ڪتابن ۾ پنهنجن حامين جا نالا ضرور لکن ته هي ماڻهو اسان جا ڪتاب خريد ڪري سگهن ٿا باقي ٻين سنڌ جي شعوري ۽ ساڃاهه رکندڙن کي هي ڪتاب وڪرو نه ڪيا وڃن هي ڪاڏي وٺيون پيا وڃو سنڌ جي مظلوم ۽ محقوم ماڻهن کي ائين نه ڪريو خدارا ائين نه ڪريو.
    هنن جي مٿان ته کوڙ ساريون ذميواريون آهن هرو ڀرو ڇو پيا هن مسئلي کي هائلائيٽ ڪن ڇا هنن مان ڪنهن به هن اشو وانگر ڪڏهن قومي اشوز تي لکيو آهي پوءِ ان ۾ پاڻي جو مسئلو ڇونه هجي ڇا هنن ڪڏهن اهو لکيو آهي ته 71ع 72ع ۾ پنجاب کي چشما لنڪ ڪئنال ۽ جهلم لنڪ ڪئنال سنڌ ڌرتي جي واسين جي پٺي ٺپيري ڪنهن ڏنا؟ ڇا ان کي ڪڏهن سنڌي قوم آڏو ظاهر ڪيو آهي؟ ڇا هنن ڪڏهن 73ع جي آئين مان سنڌ دشمن شقن مان ڪنهن شق لاءِ يا اهو ته هي آئين ڪنهن منظور ڪرايو ان لاءِ لکيو آهي؟ ڇا سنڌ ڌرتي جي ڪمائي جنرل سيلز ٽيڪس، روينيو، ٽول ٽيڪس وغيره جيڪي اگر اڄ تائين سنڌ وٽ هجن ها ته اڄ سنڌ دنيا جي شاهوڪار خطن مان هڪ خوشحال خطو هجي ها سنڌ جي اهي سموري ڪمائي (آمدني) وفاق کي ڪنهن حوالي ڪئي ان تي لکيو آهي؟ ڇا هنن مان ڪنهن ڪالا باغ ڊيم يا گريٽر ٿل ڪئنال جي پيڙهه جو پٿر ڪنهن رکيو؟ ڇا اهي سچ هنن پنهنجي لکڻين ۾ آندا آهن؟ ڇا ڌارين جي آبادڪاري جا سبب يا ان جي روڪڻ لاءِ ڪجهه لکيو آهي؟ ڇا ڪڏهن سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيارڻ لاءِ لکيو آهي؟ ڇا 73ع ۾ سنڌي ٻولي کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏياريندڙ ممتاز ڀٽو کي وڏ وزارت تان هٽائڻ خلاف لکيو آهي؟ ڇا هنن مان ڪنهن اينٽي گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ڪالا باغ ڊيم جي ڪوآرڊينيٽر رهندڙن جيڪي اڄ به ساڳي عهدي تي آهن انهن لاءِ لکيو آهي؟ ته اڄ ته توهان جي حڪومت آهي ۽ توهان ڇو اڄ انهن ڊيمن لاءِ بجيٽ رکي آهي.
    باقي هن اشو لاءِ هئڻ ائين گهرجي ته هي سڀ اديب يا سول سوسائٽي ۽ عورتن جي حقن واري تنظيم يا وري سرڪش سنڌي ۽ ان جي ڪتاب جي حمايت ڪندڙ هڪ ادبي گڏجاڻي ڪوٺائي ويهي ڪري ان مسئلي کي حل ڪرڻ گهربل هو ۽ گهربل آهي ان گڏجاڻي ۾ ان شاعره جي شرڪت کي يقيني بڻائي ٻنهي ڌرين جا موقف ٻڌڻ گهرجن جيڪڏهن سرڪش جي لکت تي اعتراض هو ته ائين ئي ٿيڻ گهربو هو نه ته سرڪش جي ڪتاب کي حق ۽ سچ تي مبني لکت مڃڻ گهرجي.
    ان ساڳي لکڻي ۾ هي سٽون به آهن ته سرڪس مسلم عورت سان عشق ڪندڙ هندو کي ته ڀارت ڀڄائي ڇڏيو هن جي هنيل تهمتن کان پوءِ تعصب جي ڪا تيلي دکي ها ته گهڻن کي لڏا کڻائي ها سرڪش عشق ۽ پيار جو جهڙي ريت تقدس پائمال ڪيو آهي! پهرين ڳالهه ته جيڪڏهن سرڪش سنڌي ان لاڳاپن جو رد عمل ظاهر نه ڪري ها ۽ اهو هندو انڊيا نه وڃي ها ته اهو لاڙڪاڻي جو شهر ۽ اهو هوٽل به آباد هجي ها پوءِ انهن لاڳاپن جو راز جيڪي لاڳاپا سرڪش لکي ٿو اسلامي انتهاپسندن کي پوي هي ته سنڌ ڪٿي بيهي ها ۽ هڪ سريچند جي سنڌ ڇڏڻ کا پوءِ سنڌ تي ڪو فرق به ته نه پيو آهي ۽ نه وري ڪو لاڙڪاڻو ميزباني کان رهجي ويو هي انهن جي وچ۾ انهن لاڳاپن کي عشق جو نالو پيا ڏين پر شاهه سائين ته عشق ڪندڙن لاءِ هي پيغام ڏئي ٿو ته

    ڳوليان ڳوليان م لهان، شال م ملان هوت
    من اندر جي لوچ، ملڻ سان ماٺي ٿئي ​

    هي خبر ناهي الائي جي ڪهڙو عشق آهي جيڪو ملڻ کان پوءِ به ماٺو نه ٿو ٿئي.
    دوست وڌيڪ لکن ٿا ته جسقم ۽ ادبي سنگت هن مان پنهنجو هٿ ڪڍي ڇڏيو آهي پر جن پڻ هي سڄو ڊرامو رچايو آهي تن کي ته هن ئي ساڳي مئگزين ۾ اڃان سنڌي ادبي سنگت کي ته اپيل ڪندي پڙهيو آهي باقي جيڪڏهن جسقم جي ڳالهه آهي ته سرڪش سنڌي ته عورتن ۾ دهشت ڦهلائي تنهن ڪري ان جي جيئيميسٽڪ ڪائونسل جي ميمبرشپ رد ڪئي وئي عبدالواحد آريسر جهڙي دانشور صفت ماڻهن کي به ته پنهنجي صف ۾ بيهاري نه سگهيا آهن معنيٰ ته سنڌ جي سڀ جهونا عاشق جن پنهنجي جواني پنهنجي ڏاهپ سنڌ لاءِ وقف ڪري پنهنجا وار ڪارن مان چاندي جهڙا چمڪدار ڪري ڇڏيا ته ڇا سي ئي سنڌ دشمني تي لهي پيا آهن؟ باقي سڀ سنڌ دوست اچي بيٺا آهن ته ٺيڪ آهي انهن سڀني کي به سنڌ واسي بخوبي ڄاڻن سڃاڻن ڇاڪاڻ جو مان بلڪل عام ماڻهون آهيان ۽ عام ماڻهن وچ ۾ رهان ٿو ته هن سنڌي ٽوپي، اجرڪ، پٽڪي وارن کي ائين چوندي به ٻڌو آهي ته هنن قومپرستن آخر ڪيو ڇا آهي اتي ته رڳو عهدن جي ڊوڙ آهي جنهن کي ڏس ته صرف عهدي جي پويان لڳو پيو آهي ته مان چيئرمين هجان، مان وائيس چيئرمين، مان جنرل سيڪريٽري، مان صدر ، ڪوآرڊينيٽر ۽ چيف آرگنائيزر تڏهن ته وڃي الڳ الڳ ديڳڙيون چاڙهيون اٿن تنهن ۾ سنڌي قوم کي ٻارڻ طور استعمال پيا ڪن باقي پئسو ڏوڪڙ ته جائز ناجائز هرڪو ٺاهي پيو هن سنڌ جي پيرن اگهاڙن ماڻهن جي سوچ ته الائجي ڪٿي بيٺل آهي هنن ماروئڙن کي صرف ٺلهن نارن جا دلاسا نه ڏنا وڃن.هي قوم هن وقت مڪمل طور تي ساڃاهه رکي ٿي ۽ پنهنجو برو ڀلو، سڄڻ دشمن کي بخوبي ڄاڻي ٿي هڪ اڌڙوٽ پوڙهي پڪي ته ڪجهه جذباتي ٿيندي هن ڌرتي جي سچي عاشق ۽ ان عشق سان پنهنجو روح مبارڪ پرواز ٿيڻ تائين نباهه ڪندڙ رهبر سائين جي ايم سيد جي خلوص کي ياد ڪندي شاهه صاحب جو هي بيت چوي ٿو ته
    ويا مور مري هنج نه رهيو هيڪڙو
    وطن ٿيو وري ڪوڙن ڪانگيرن جو​

    هن ساڳي شخص اتي جو اتي ائين به چيوته
    حقيقت هن حال جي، جي ظاهر ڪريان ذري
    لڳي ماٺ مرن کي ،ڏونگر پون ڏري
    وڃن وڻ ٻري ، اوڀر اڀري ڪين ڪي​

    ائين چئي جو ويو ته اڄ ڏينهن تائين ڳولها ڪندي به نه مليو آهي هن ئي ڪراڙي هي به هڪ قصو ٻڌايو هوته جڏهن عبدالواحد آريسر جسقم جو چيئرمين هو تڏهن منهنجي ساڻس منهنجي هڪ دوست جي اوطاق تي اتفاقي ملاقات ٿي هئي جنهن ۾ ڪچهري هلندي هلندي بلڪل سانت ٿي وئي آريسر صاحب ان اوطاق جي ڇت ۾ نهاريندي چيو هي ٻه جهرڪيون جيڪي پاڻ ۾ وڙهن پيون انهن کي ويڙهائيندڙ به سامراج کي نه سمجهنداسين تيستائين اسان سنڌي پنهنجي صفن ۾اتحاد پيدا نٿا ڪري سگهون ۽ هينئر اسان جون جيڪي قومپرست ڌريون اختلافن جو شڪار آهن سو واقعي ئي سامراجي سازش ئي ته آهي ۽ هي تڪراري اشو به سامراجي سازش آهي جنهن اديبن کي به ورهائي ڇڏيو آهي.
    اڳتي هلي وري ليکڪ لکي ٿو ته شاعره کان علاوه ٻي ڇوڪري جنهن سان شاعر سرڪش عشق فرمايو آهي ۽ ان شادي شده عورت کي طلاق اچي وئي آهي لڳي ائين ٿو ته هن جوڻيون جي جهان جون جو ٻيو حصو پڙهيو آهي به يا نه جي پڙهيو اٿئين ته رڳو پنهنجي مفاد واريون شيون پڙهيو آهي هن ڪتاب جي صفحي 36 تي ڇوڪري ٻنهي وچ ۾ محبت جي حامي آهي پر سرڪش پيار جي حامي ٿو ڀري پوءِ اها ڇوڪري به هن سان متفق ٿي ٿئي ته ان پيار کان وڌيڪ ڇا کپيم آتم ڪٿا جي پهرين حصي ۾ صفحي 8 تي پيار، محبت، عشق ،نفرت جي وصف بيان ٿيل آهي
    (1) پيار سڀ ڪنهن سان ٿي سگهي ٿو پي سان، ماءُ سان ، ڀاءَ سان ڀيڻ سان ، ڌي سان، پٽ سان، دوست سان ۽ شهر واسي سان يا ديس واسي سان به
    (2) محبت پنهنجي هڪ جيڏي مخالف جنس سان ٿيندي آهي ٻئي ڪنهن سان به نه
    (3) عشق جنوني ڪيفيت آهي ڪنهن سان به ٿي سگهي ٿو ڪا حد ڪا ليڪ نه آهي
    (4) نفرت جڏهن وڌي وڃي ٿي ته سماج ڀور ڀور ٿي وڃڻ جو يقين ٿئي ٿو
    هن ڪهاڻي ۾ سرڪش شروع کان آخر تائين پيار ڪري ٿو جڏهن ته ڇوڪري ڪٿي پيار، ڪٿي محبت، ته ڪٿي وري عشق به ڪري ٿي تڏهن ته قرآن شريف تي لکي ٿي ڏئي ته مان پنهنجي ٿيندڙ مڙس کي چپ رکڻ به نه ڏيندس باقي جيتري قدر طلاق جي ڳالهه آهي هڪ ته ڪتاب جي صفحي 70 تي رائيٽر لکي ٿو ته ڇوڪري جي مڙس وارن کان ت سندس ماماڻا ، چاچاڻا ڏاڏاڻا به سٺي راءِ نه پيا رکن ۽ شڪ پيوڏيکاري ته ڀاءُ پئسا وٺي ڀيڻ جو سڱ ڏنو هو ۽ ٻيو ته هي رشتا جيڪي اڻڏٺي ٿيندا آهن انهن جو حشر ائين ئي ٿيندو آهي.
    اڳتي وڌندي ليکڪ لکي ٿوته شاعر سرڪش پنهنجي شاعري واري ڪتاب (سمنڊ ڇوليون ٽهڪ) جي ٽائيٽل تي ان ڇوڪري جي تصوير ڏيڻ سان هن کي ڪهڙي خوشي حاصل ٿي هوندي پر لڳي ائين ٿو ته جيئن پنهنجي ڌي جي تصوير ڏيڻ سان ڪنهن پيءُ کي خوشي حاصل ٿيندي آهي تيئن ئي سرڪش کي حاصل ٿي هوندي ۽ ان ڪتاب جي ٽائيٽل تي پنهنجي ڪنهن اصلي وارث جي تصوير ان لاءِ نه ڏني هوندي ته جيئن ان ڇوڪري کي سرڪش جي پيار ۾ فرق محسوس نه ٿئي آتم ڪٿا جي پهرين حصي ۾ پنهنجي خاندان جون تصويرون به ڏنيون آهن هن ليکڪ جو تصوير ڏيڻ تي اعتراض اجايو ئي ٿو لڳي هي ليکڪ هڪ طرف روشن خيالي جا حامي نظر اچن ٿا ته ٻئي طرف سرڪش جي ڪتاب ۾ هي قصا اچڻ جي ڪري گهر برباد ٿيڻ جي ڳالهه پيا ڪن هي عجيب قسم جي روشن خيالي آهي.
    باقي جيتري قدر آٽوبايوگرافي (آتم ڪٿا ) جو تعلق آهي ته شايد ليکڪ دوستن جواهرلال نهرو جي (آپبيتي ) امرتا پريتم جي (رسيدي ٽڪيٽ) جوش مليح آبادي جو (يادون ڪي بارات) ڪنور مهندر سنگهه بيدي جو ( يادون ڪا جشن) يا خشونت سنگهه جي لکڻين کان اڻواقف آهن جن پنهنجي ۽ پرائي اندر کي کولي ٻاهر رکيو آهي.
    ليکڪ وري سوال ڪري ٿو ته ڇا هن جي ان انتقام کي درست ڪوٺي سگهجي ٿو جيڪڏهن اهو ساڳوسوال اسان پاڻ پڇونس ته هي جيڪوهت هن لکيو آهي اهو ڇا انتقام کي ظاهر نٿو ڪري؟ هڪ ڀيرو وري سوال ٿو ڪري ته سنڌ هن جي الزامن تي ڪيئن اعتبار ڪري جيئن ليکڪ مٿي سرڪش جي ساڃاهه ۽ شعور جي ڳالهه ڪري آيو آهي ته پوءِ هڪ ساڃاهه ۽ شعور رکندڙ ڀلا ڪنهن تي الزام هڻي سگهي ٿو ڇا؟ ليکڪ اڃا سوال ٿو ڪري ته اڳ جيڪو ڪم هٿيارن کان ورتو ويندو هو اهو هاڻي قلم سان ڪرڻ جو آغاز ٿي چڪو آهي ڇا؟ ۽ پاڻ جيڪو هن آتم ڪٿا يا انتهاپسندي؟ ۾ لکيو آهي ان لاءِ هن جو ڇا خيال آهي هن ساڳي ئي مئگزين جي صفحي 49 تي نقطه نظر جي عنوان خود غرضي جي اوندهه (واهه سائين واهه) ڇا ڳالهه ڪجي هن ليکڪ جي هن همراهه جهڙو عنوان ڏنو آهي تهڙو ئي لکيو آهي هن جي لکڻي تي ته سنڌ جي باشعور قوم ادب جي زمري ۾ ته نه آڻيندي هن ته ادب کي ئي بي ادب ڪري ڇڏيو آهي ادب ۾ هن اخلاق جون سڀ سرحدون اورانگهي ڇڏيون آهن باقي هر ڪنهن انسان سان ان جو ضمير گڏ هوندو آهي هن رائيٽر به سڀ ڳالهيون ساڳيون لکيون آهن سواءِ هن جي ته سرڪش پنهنجي نياڻي جو قصو صرف پنجن لائنن ۾ پورو ڪيو آهي ٺيڪ ٿيو جيڪڏهن سرڪش پنهنجي ڪتاب ۾ هن نياڻي جو ذڪر ڪيو آهي جيڪڏهن نه ڪري ها ته ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڇا ٿيو هن قصي جا ٻئي ڪردار ڪنوارا آهن ان ڪري سرڪش روشن خيالي جو مظاهرو ڪندي انهن ٻنهي جو پسند جو پرڻو به ڪرائي ڇڏيو ۽ اها ساڳي سوچ رکندي شاعره کي به ته چئي پيو ته يا ته تون ڇڏ رحمان کي يا ديوان ڇڏي رام کي توهان جي شادي سرڪش جي ذمي اڳوڻي مڙس کان طلاق به سرڪش جي ذمي باقي انهن ٽن ٻارن جو واهي الله.
    ڪتاب جي پهرين حصي جي نثراڻن ٽڪرن مان هن ٽڪرن تي ليکڪن جي نظر نه پئي هئي ڇا جيڪي اگهاڙو سچ آهن
    (1) دوستن سان ويساه گهاتيءَ ۾ محبت جو قتل لڪل هوندو آهي
    (2) نفرت جو جواله مکي شال ڪنهن جي نيڻن ۾ نه ڦاٽي
    (3)هڪ ٿي سگهجي ٿو جيڪڏهن مان ۽ تون جا لفظ مري وڃن
    (4) منهنجي هڪ هڪ حرف ۾به ڌڻي هجي ته هن کي ويساهه نه ايندو
    (5) (شريف نه آهين ) مقدس ڪتاب جهڙي ماڻهون کي نه چئبو آهي
    (6) سوير پاڻ سنڀالڻ سان اکين جي آلاڻ ۽ دل جي ماتم کان بچي وڃجي ٿو
    (7) هڪ هڪ ماڻهون ڏانهن جدا جدا نبي اچي به سڀ ماڻهون نه سڌرندا
    (8) اڄ ڪالهه کان سٺو ۽ سڀاڻي اڄ کان سٺو ٿي سگهي ٿو
    (9) نه پير ڊسڙ ۾ چڱا نه ڊسڙ منهن ۾
    (10) اکيون ته وڏيون ٿا رکو شرم ننڍڙو به نه
    (11) هٿ چهڙا چڱا ذهن چهڙو نه هجي
    (12) ننڍڙي ڳالهه تي وڏي دوستي نه وڃائجي
    (13) سڀ ڪنهن مان چڱائي جي اميد رکڻ ڇسائي آهي
    (14) پنهنجي ذهن ۾ ٽانڊا رکيا اٿو پاڻ کي ساڙڻ لاءِ
    (15) ماڻهو مري وڃي ته مري وڃي محبت مرڻ نه ڏجي
    (16) پنهنجي پاڇي سان پيار ڪرڻ وارا پيارجي حقيقت کان بي خبر هوندا آهن
    (17) روح ۾ لهي ويهڻ لاءِ اجازت جي ضرورت نه پوندي آهي
    (18) الا ڏاهي م ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن هڪ سٽ به سمجهي نه سگهيا سرڪش آتم ڪٿا جي پهرين حصي جي نثراڻن ٽڪرن ۾ هنن ٻنهي ليکڪن جي سوالن جا جواب ڏئي ڇڏيا آهن.
    هن سڄي ماحول سرڪش سنڌي تي ڪهڙا اثر ڇڏيا هوندا جيئن هڪ سنڌي ۾ ارڏائي (پختگي) هئڻ گهرجي تيئن ئي سرڪش دفاع ڪري ٿو جي عنوان سان هن جي خيالن کان به آگاهه ٿياسين پر اوچتو مهراڻ ٽي وي تي هڪ پٽي تي نظر پئي ته سرڪش سنڌي 17 جنوري تي سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جي ڏينهن سيد جي ابدي آرام واري جاءِ تي خودڪشي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي الله نه ڪري جو ائين ٿئي هي اسان جي قوم ته ورسين ملهائڻ جي اڳيئي شوقين آهي باقي سالگرهه ملهائڻ کان هميشه قاصر رهي آهي جيئري جن جو قدر نه آهي انهن جون ورسيون به ته نه ملهائڻ گهرجن 17 ڊسمبر تي تاجل بيوس جي ورسي ملهائڻ وارن ان جي ڪڏهن سالگرهه ڇونه ملهائي جيئري ماڻهن کي نفرت جي باهه ۾ جلائي خاڪ ڪري پوءِ چئون ته او ته گڏجي ورسي ملهائي پاڻ ملهايون اهو به ڪو ماڻهپو آهي.
    سرڪش سنڌي جي خود ڪشي وارو عمل به هن وٽ بهادري هوندو پر عام ماڻهون هن کي بزدلي ڪوٺين هالانڪه دنيا ۾ سڀ کان پياري شي ساه ئي ته هوندو آهي ۽ ساه ڏيڻ واقعي ئي وڏي بهادري آهي پر ان کان وڌيڪ بهادري ته انهن سڀني الزامن کي مڙس ٿي منهن ڏيڻ ۾ ئي آهي اسان مڃون ٿا ته انهن الزامن سان زنده رهڻ مشڪل آهي يا انهن جي ڪري تمام وڏا وڏا جبل به ڀور ڀور ٿيندي ڏٺا ويا آهن پر ڪنهن دوست جو چيل هي ڏيڍ سٽو ياد ٿو پوين ته
    سنسان سمندر آ ،
    هر سور وڃي سانڍي،
    انسان سمندرآ.​

    ۽ ڀٽائي صاحب جو هي بيت به پڙهيو آهي ته
    هو چوني تون م چئو، واتان ورائي،
    اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي،
    پانڌ ۾ پائي ويو، ڪيني وارو ڪين ڪي.​


    ليکڪ: غلام مرتضي عرف سليمان سومرو سيتا روڊ (موبائل نمبر 03458987454 03433145624)
    ڪمپوزيشن: گل چوهاڻ
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ادا گل چوهاڻ پيارا السلام عليڪم ورحمه الله وبرکاته اوهان تمام بهترين ادبي لکت شيئر ڪئي آهي الله تعالي توهان کي خوش رکي اوهان جي اهڙين انمول تحريرن جو انتظار رهندو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  3. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ادا گل چوهاڻ اوهان جي هن ليک ته اسانجون اکيون کولي ڇڏيون۔۔۔۔ پر سائين الله نه ڪري جو 17 جنوري ته ڪو اهڙو هاڃو پيش ٿئي الله سائين، سنڌي لکيڪن ۽ اديبن کي شاد وآباد رکي۔۔۔۔۔ آمين۔۔۔
     
  4. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0

    سنڌ جي سڄاڻ ڌرين، اديبن ۽ صحافين کي ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، نه ته هن قسم جي روايت سنڌ جي لاء هاڃيڪار ثابت ٿيندي۔ الله نه ڪري، اهڙي قسم جو ڪو واقعو پيش اچي!
     
  5. گل چوهاڻ

    گل چوهاڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 مئي 2009
    تحريرون:
    25
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا اوهان سڀني سنڌ سلامت جي دوستن جي وڏي مهرباني جو اوهان پنهجو قيمتي وقت ڪڍي اسان جي تحرير پڙهي ۽ ان تي پنهنجن راين کان آگاهه ڪيو.چڱو سنڌ سلامت ساٿ سلامت.
    ڪڏهن سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي
    ڪڏهن موڙ تنهنجا نه مرجهائجن (شيخ اياز)
    سليمان سومرو
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا هن پوري ليک کي پڙهندي مونکي ڪٿي به ڪو واضح پيغام نه نظر آيو۔۔۔ پوءِ اها ليکڪ جي غلطي آهي يا وري توهان صحيح ڪاپي پيسٽ نه ڪيو آهي جو کوڙ ساري جڳهين تي جملن جو مطلب صحيح نه ٿو نڪري۔۔۔۔ هن جو پيغام ايتري قدر مبهم آهي جو خبر نه ٿي پوي ته هي سائين سرڪش سنڌي جي حمايت ۾ لکيل آهي يا خلاف۔۔؟
    باقي سائين سرڪش سنڌيءَ جي سچ کي سلام آهي۔۔۔۔ هنن جيڪو به سچ پنهنجي هيل تائين جي لکڻين ۾ لکيو آهي۔۔۔ اها هڪ ارڏي سنڌي جي سوچ آهي۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو